سائنسي دليلن ۽ روشن خيال تاريخ فڪري ليک. ڪلچر قومي سگهه/ٻڌي جو بنياد. تحرير : محمد ابراهيم جويو

ثقافت هڪ متحرڪ طاقت ۽ قوم ۾ هڪ

جذباتي توانائي پيدا ڪري ٿي ,جيڪا سنڌ ۾ رهڻ وارن لاءِ اتحاد , محبت , امن , خوشحالي هر قسم جي انتها پسندي دهشتگردي بداخلاق روين کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿي –

‘ثقافت’ (Culture) ۽ ’قوم‘ ظاهري طرح ٻه لفظ آهن، پر اهي لفظ پاڻ ۾ بنهه وڏيون وسعتون رکن ٿا. انهن ٻنهي لفظن کي سمجهڻ ۽ وهڃائڻ جي اسان کي گهرج به آهي. هونءَ ته هر ڪنهن زماني ۾ انهن ٻنهي لفظن تي ويچاريو پئي ويو آهي، پر هاڻوڪي زماني ۾ انهن جي ٻيهر تشريح ۽ سمجهاڻيءَ جي گهرج به وڌي آهي.

’قوم‘ اصل ۾ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي. هاڻ اهو گهڻو لفظ گهڻي حد تائين واهپي هيٺ به اچي ويو آهي. انڪري پاڻ انهيءَ لفظ تي هري ويا آهيون. لفظ ’قوم‘ سان مسئلو اهو آهي ته اهو گهڻين معنائن ۾ ڪتب آندو ويو آهي. انهيءَ لفظ جي هڪڙي عام معنيٰ آهي ۽ ٻي معنيٰ خاص معنيٰ آهي. انگريزيءَ ۾ ان لاءِ بنهه چٽو ۽ طئه ٿيل لفظ آهي “Nation”. انهيءَ لفظ جي خاص معنيٰ مان ڪي نقصان نه پهتا آهن، پر انهيءَ جي عام معنيٰ ڪيترائي فساد ۽ جهيڙا بکيڙا پيدا پئي ڪيا آهن. ڇاڪاڻ ته عام معنيٰ سان، سماجي سطح تي، ڪيترائي غلط تصور موجود آهن، جيڪي پنهنجي حتمي نتيجي ۾، عام ماڻهن ۾ نفاق ۽ دوريون پيدا ڪن ٿا. ماڻهوءَ کي ماڻهوءَ جو دشمن بڻائين ٿا، نفرتن جا ٻج ڇٽين ٿا، پر انهيءَ لفظ جي خاص معنيٰ ماڻهن ۾ ايڪتا پيدا ڪري ٿي، انهن ۾ پيار ۽ محبت کي جنم ڏئي ٿي ۽ انهن کي هڪٻئي سان سلهاڙي ڇڏي ٿي.

يورپ ۾ انهيءَ لفظ يعني “Nation” بابت ارڙهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ بنهه واضح راءِ قائم ڪئي ويئي ۽ ان ۾ هڪ خاص تصور کي جائتو ڪيو ويو. قوم جي تصور جا معيار ۽ ماپا مقرر ڪيا ويا. اسان وٽ هتي ’قوم‘ جي استعمال تان وڏا وڏا اختلاف پيدا ٿيندا رهيا آهن. مثال طور پاڪستان ۾ هڪ مخصوص مفاد کي سامهون رکندي، انهيءَ لفظ جو استعمال ڪيو پئي ويو آهي. انهيءَ لفظ جي علمي ۽ طئه ٿيل معنيٰ کي ڇڏي، ان جون هٿ ٺوڪيون معنائون ظاهر ڪيون پئي ويون آهن ۽ عام خلق مٿان مڙهيون ويون آهن. انهيءَ هڪ لفظ جي غلط استعمال، هن ملڪ کي ٻن ٽڪرن ۾ ورهائي ڇڏيو؛ ۽ انهيءَ هڪ لفظ جي غلط واهپي ڪرڻ وسيلي، هتي ڪيترن ئي قومن کي قيد ڪيو ويو آهي. اتان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته انهيءَ رڳو هڪڙي لفظ جو غلط استعمال ڪيترا وڏا نقصان، اهنج ۽ آزار کڻي آيو آهي.

اڳ ئي اها ڳالهه اچي چڪي ته اهو لفظ – ’قوم‘ اصل ۾ عربيءَ سان تعلق رکي ٿو. پاڻ عربيءَ ۾ ان جون گهڻيون ۽ ڌار ڌار معنائون آهن، يعني هڪ کان وڌيڪ آهن. اسين جيئن ته علمي نوعيت جي ڳالهه پيا ڪريون، انڪري ’قوم‘ لفظ کي انگريزيءَ جي لفظ“Nation” واري خاص معنيٰ طور ڏسنداسين، جيڪا سمجهه ۾ ايندڙ آهي ۽ جديد علمي بنيادن تي بيهاريل آهي. اهو واقعو، جيئن مٿي ڄاڻايو ويو، ارڙهين صديءَ عيسويءَ جي پڇاڙيءَ جو آهي. ان جو مطلب آهي ته يورپ ۾، اهو لفظُ، انهيءَ واقعي کان اڳ، پنهنجي خاص معنيٰ ۾ ڪتب نه ايندو هو، انڪري ان لفظ جي معنيٰ ۽ مطلب کي طئه ڪرڻو پيو، ته جيئن نفاق ۽ انتشار جي ڪا به گنجائش باقي نه رهي، پر اهو لفظُ اسان وٽ رياستي سطح تي ۽ پڻ پنهنجي سنڌي اندر، پنهنجي خاص معنيٰ ۾ طئه ڪيو وڃڻو آهي، جنهن لاءِ پاڻ هيترا جتن پيا ڪريون.

انسان گڏجي ڪيئن ۽ ڪڏهن قوم ٿين ٿا، ان لاءِ اسان کي تاريخ کي ڏسڻو پوندو.عام طرح چيو پئي ويو آهي ته انسان هڪ سماجي جانور آهي، سا ڳالهه درست آهي. انسان جو حيوانن سان گهڻو واسطو رهيو آهي. اهو حيواني زندگيءَ مان ترقي ڪري انساني صورت ۾ آيو ۽ گڏجي گذارو ڪرڻ لڳو. ان سماج ٺاهي، جانورن کان الڳ ٿيو. شروع ۾ گهرڙو يا اجهو اڏيائين. پوءِ ڪٽنب (family)، پوءِ خاندان گڏجي قبيلا ٿيا. انسان کي پنهنجي اوائلي زماني ۾ ايترو ساز سامان ۽ سهولتون موجود نه هيون، جيتريون اڄ اسان کي ميسر آهن. شروع ۾ انسان گروهن ۽ ٽولن ۾ پيو ڦرندو هو، رلندو ۽ ڀٽڪندو ۽ شڪار ڪندو هو. ان کان پوءِ گڏجي رهڻ، طبعي ناسازگار حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل رٿابندي، پوکي ڪرڻ، ڪاٺي ۽ پٿر جي اوزارن جي استعمال ڪرڻ وسيلي نيم سڌريل سماج ۾ داخل ٿيو. شڪار کان پوءِ انهيءَ مڇي مارڻ ۽ مال ڌارڻ جي ڪرت به سکي ورتي. هتي هيءَ شيءِ به چٽي هجي ته قبيلائي سرشتي ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ انسان غير طبقاتي سماج ۾ زندگي گذاريندو هو. ان وقت تائين ڏاڍي ۽ هيڻي جا تصور اڃا نه اُسريا هئا. ڪنهن کي به ڦري يا ڇني کائڻ جي عادت اڃا نه پئي هئي. هر ڪنهن برادريءَ جا سڀ ماڻهو گڏجي پورهيو ڪندا هئا، پنهنجي گذاري ۽ جيئڻ جو سامان پيدا ڪندا هئا ۽ اهڙو سامان ۽ وسيلا سڄي برادريءَ جي ملڪيت هوندا هئا. اهو اوائلي اشتراڪي سماج هو. جڏهن ننڍيون ننڍيون برادريون يا ماڻهن جا گروهه، وڏن گروهن يعني قبيلن ۾ تبديل ٿيا ته ڏاڍن قبيلن هيڻن قبيلن کي پنهنجي فائدي ۾ استعمال ڪرڻ شروع ڪيو. ائين غلاميءَ جو وجود پيو. اهو غلاميءَ جو دؤر گهڻي وقت تائين جاري رهيو. سگهارا قبيلا هيڻن کي غلام بنائي وٺندا هئا ۽ قبيلي جو سردار به ان کي چونڊيو ويندو هو، جيڪو جسماني طرح وڌيڪ سگهارو هجي، بهادر هجي. ائين اتان سورهيائيءَ جو تصور اڀريو.

هيءَ جيڪا پاڻ حياتي آهي، انهن بابت به ڏاهن ماڻهن سوچيو آهي، ڳالهايو ۽ لکيو آهي. ڪم جون ڳالهيون ڪيون آهن، عالم چون ٿا ته شروع شروع ۾ ساهوارين شيون اٽڪل 100 ڪروڙ ورهيه اڳي ڌرتيءَ تي وجود ۾ آيون. اهي ساهواريون شيون ننڍڙيون، ڪنئريون ۽ ساديون هيون. اها حيات هڪ جيوگهرڙي (Single Cell) جي ٺهيل هئي، ۽ اها پاڻيءَ ۾ پئي ترندي هئي. وقت گذريون انهيءَ حيات اوڀڙ ورتي، ٿورا وڏا ٻوٽا ۽ ٻيا ساهوارا اسريا ۽ اڳي کان بهتر ٿيا. انهن مان ڪن ٻاهر ڌرتيءَ تي اچڻ شروع ڪيو. تنهن کان پوءِ ڀانت ڀانت شڪلين ۽ صورتن جا انيڪ ۽ اڻ ڳڻيا جيت، مڇيون، جانور، وڻ ۽ ٻوٽا پيدا ٿيا. اهڙيءَ ريت ساهوارن جي ارتقا اڳتي وڌي ۽ ڪي ڏهه ڪروڙ ورهيه اڳي ڊائنوسار پيدا ٿيا، جيڪي غيرمعمولي وڏا جانور هئا. انهن مان ڪي ته سئو سئو فٽ ڊگها هئا، اهي هوريان هوريان گم ٿيا، سندن جاءِ گرم رت وارن جانورن ورتي، جن کي پاڻ ”کير پياريندڙ ساهوارا“ چئون ٿا. پوءِ اٽڪل ڏهه لک ورهيه اڳي پهريون سچو ٻچو انسان نمودار ٿيو. 70 لک ورهين کان 40 لک ورهين تائين ڀولڙي سان مشابهت رکندڙ جانور ترقي ڪري، پاڻ جهڙن ٻين جانورن کان اڳتي نڪري آيو. ان ’چپنزي‘ چيو وڃي ٿو، اهو ئي اڳتي هلي انسان ۾ تبديل ٿيو.

اهڙيءَ ريت، ارتقا جوجيڪو سلسلو شروع ٿيو هو – هڪ گهرڙي واري ساهواري کان، اهو ٻن گهرڙن پوءِ گهڻن گهوڙن وارن جاندارن تائين وڌي هليو. نيٺ اهڙن جانورن منجهان چمپنزي (هڪ خاص قسم جو ڀولڙو) پيدا ٿيو. جنهن کي انساني شبيهه نما ٿيڻ ۾ 30 سک سال لڳا. ارتقا جون اهڙيون ڪڙيون ڳوليون ويون آهن، مختلف علائقن ۾ ڪي ڍانچا هٿ ڪيا ويا آهن. ان ۾ هڪ ڍانچو چين مان لڌو ويو آهي، جنهن کي ”پيڪنگ مئن“ ڪري چون ٿا. ساڳيي نموني هڪ ڍانچو ڏکڻ آفريڪا مان لڌو ويو آهي. يورپ مان به اهڙو ڍانچو مليو آهي. چين جي گاديءَواري هنڌ ڀرسان هڪ غارمان اهڙو انساني ڍانچو هٿ آيو آهي. ان جي ڄمار جو عرصو ستن لکن ورهين کان ٻن لکن ورهين تائين ڄاڻايو ويو آهي. پر ٻه لک سال اڳ وارو اهو ڍانچو به اهو ثبوت نٿو ڏئي ته ڪو اهو اسان جهڙو پورو انسان هو. اهو به اڃا حيوان هو، پر ماڻهوءَ جهڙو به برابر هو. اهڙيءَ ريت پٿر جي زماني کان نئين پٿر جي زماني تائين ۽ ان جي مختلف دورن ۾ سماجي ارتقائي آهي، جنهن سان انساني ارتقا به ڳنڍيل آهي. اهو عرصو 10 لک ورهين کان هڪ لک ورهيه قبل مسيح ۽ پوءِ هڪ لک ورهين کان 40 هزار ورهيه قبل مسيح، 40 هزار ورهين کان 10 هزار ورهين تائين پکڙيل اهي. انساني سڀيتا وارو زمانو 10 هزارن ورهين کان هيٺ لهندي 5 هزار ورهين تائين چيو وڃي ٿو. انهيءَ ڏس ۾ منهنجي سڄڻ، پياري دوست ۽ عالم محمد حسين پنهور هڪ گهڻو پيرائتو مضمون “Man in Sindh-Stoneage to neolithic” لکيو آهي،جيڪي پڙهڻ وٽان آهي. ان ڄاڻايو آهي ته 50 لک ورهين کان هڪ لک 20 هزار ورهيه ق.م تائين ڏاکڻو باندر نما انسان(Australopithecus) موجود هو، جيڪو اوائلي پٿر جا اوزار ڪم آڻيندو هو. جڏهن ته پيرن تي بيٺل اڀو انسان نما باندر (Home Erectus) 12لک ق.م ورهين کان 10 لک ورهيه اڳ تائين موجود هو. انهيءَ اڀي انسان نما باندر جون مختلف ارتقا ئي شڪليون رهيون آهن. جن مان هڪ جو ذڪر مٿي ٿي چڪو، جنهن کي پيڪنگ وارو انسان(Paking man) چيو وڃي ٿو، اهو 4 لک 50 هزار ق.م ورهين کان 4 لک ق.م ورهين تائين موجود هو. ان کان اڳ جاوا ماڻهو (Java man) 5 لک 15 هزار ق.م ورهين کان 3 لک 50 هزار ق.م ورهين تائين موجود هو. ان کانپوءِ ماريطانيا جو ماڻهو(Mauritanicus man) ۽ هينڊلبرگ ماڻهو (Hiendelburg man) وغيره موجود هئا. تنهن کان پوءِ اسان جو جديد ماڻهو هومو سيپيئنس (homo Sapiens) نمودار ٿيو ان قسم جو ماڻهو نيدر لئنڊ، روڊيشيا ۽ ڪروميگنن ۾ موجود هو.

انسان سماج کان اڳ توڻي پوءِ واري زماني ۾ قدرت سان لڳاتار رابطي ۾ رهيو. سماج کان اڳ وڌيڪ فطرت جي ويجهو هو؛ ۽ سماج کان پوءِ ڪجهه گهٽ، ڇاڪاڻ ته ان جي سماج اندر ڪمن ۽ ذميوارين ۾ واڌارو اچي ويو هو، پر ان هوندي به فطري نظارن، تبديلين ۽ ان جي آفتن توڻي رحمتن تي هن غور ويچار پئي ڪيو هو؛ ۽ اڄ به ڪري پيو. اوائلي انسانن منجهان ڪن ۾ سمجهه جي قوت گهٽ هوندي هئي ۽ ڪي وري وڌيڪ ڏاها هوندا هئا؛ جيڪي پاڻ جهڙن ٻين انسانن جي فطرت يا قدرت جي رمزن کي سمجهه جي سلسلي ۾ مدد ڪندا هئا. مثال طور ڌرتي ڇو ٿي ڌڏي، مينهن ڇو ٿا پون، اوچتو ئي باهه ڇو لڳي وڃي وغيره. وڌيڪ سمجهه رکندڙ انسان يا انسان پنهنجي طور تي ڌُڪا هڻندو هو/هڻندا هئا، ۽ قدرتي لقائن،آفتن ۽ تبديلين کي انسان کان وڌيڪ سگهاريون قوتون قرار ڏيندا هئا. ۽ دعوا ڪندا هئا، ته انهن قوتن سان سندن ويجهڙائي آهي. اهڙيءَ ريت انسان ۾ وهم، وسواس يا وسوسن جي ور چڙهيو ۽ پاڻ کان پري، پنهنجي وس کان ٻاهر ۽ غالب قدرتي لقائن، تبديلين ۽ آفتن کي پوڄڻ شروع ڪيو. انهيءَ مختلف ديوتا ٺاهيا، مثال طور ڌرتيءَ کي ڌوڏيندڙ ديوتا، مينهن وسائيندڙ ديوتا، باهه لڳائيندڙ ديوتا ۽ ائين ٻيا انيڪ ديوتا. مٿي سورهيائپ جو ذڪر ٿيو ۽ ان کان پوءِ ڏاهپ جي اهميت کي به انسان سمجهيو ۽ مڃيو، پوءِ اها انهيءَ زماني ۾ ڪهڙي به روپ ۾ هئي، خام ئي سهي، ڪچي ئي سهي، اڄ جي مقابلي ۾ لکها ڀيرا گهٽ ئي سهي، پر وهمن، وسوسن ياوسواسن جي صورت ۾ ئي سهي، پر سورهيائيءَ سان گڏ ان اڀري سڀري ڏاهپ به اوائلي انساني رهڻي ڪهڻيءَ ۾ پنهنجي جاءِ جوڙي هئي، ڇاڪاڻ ته انسان سان، ان زماني ۾، رڳو ويڙهه جو مسئلو لاڳو نٿي ٿيو، جو رڳو جسماني طور سگهاري انسان جي گهرج کين پوي، پر ٻيا به گهڻا روحاني، نفسياتي يا ذهني مسئلا ۽ سوال هئا، جن جو هن جواب ٿي گهريو؛ ان لاءِ ان کي قبيلي جي سڀ کان سمجهو ۽ ڏاهي ماڻهوءَ جي گهرج ٿي پئي، اهڙا ماڻهو به هئا. هڪڙن پنهنجي جهڙي تهڙي سمجهه وسيلي مسئلن جو ٿي ٻڌايو، ته ٻين ماڻهن جي اٻوجهائپ جو فائدو پئي ورتو، انڪري انسانن کي وهمن ۽ وسوسن جي ور چاڙهي، کين استعمال ڪرڻ جو به رواج پيو. اسين ڏسون ٿا ته اڄ به انسان انهن وهمن ۽ وسوسن ۾ گذاري ٿو، اڄ به ٽوڻا ڦيڻا ٿين ٿا، اڄ به ماڻهن کي بيوقوف بڻايو وڃي ٿو. اڄ به غيب جا ڪرشما ڏيکاريندڙ موجود آهن، جيڪي ڪجهه پڙهي شوڪاري مٿي جو سور لاهڻ کان وٺي مختلف بيمارين کي ختم ڪرڻ ۽ مختلف انساني مسئلن کي، اتي جو اتي حل ڪرڻ جي دعوا ڪن ٿا. اهڙي دعوا ڪري پاڻ کي ٻين مٿان مڙهي ڇڏين ٿا يا حاوي ٿيڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. پاڻ کي اڪابر ۽ ٻين کي جاهل سمجهن ٿا. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي ڇپايل ڪتاب ”جادو ۽ سائنس“ ۾ ان قسم جو گهڻو پيرائتو احوال آيل آهي.

بهرحال سورهيائي ۽ ڏاهپ سان گڏ ڌرم به پيدا ٿيو. ڌرم معنيٰ غيب جي قوتن کي مڃڻ، انهن ۾ يقين رکڻ. اهڙو ڪم ڪن خاص ڀوپي قسم جي انسانن ڪيو، ته جيئن سندن رعب ۽ دٻدٻو ٻين مٿان ويهجي وڃي ۽ انسانن ۾ سندن وهوا قائم ٿئي. اهڙي وهوا کي ختم ڪرڻ ۾ يا ان جي اثر کي گهٽ ڪرڻ ۾ سو سال نه، هزار سال نه، لک سال نه، لکن جا لک سان لڳا آهن. بيماري ان زماني ۾ به هوندي هئي. انسان وحشي جانورن کان ڊڄندو هو، انهن کان بچڻ به چاهيندو هو. ڪئين ڊپ ڊاءَ، خوف خطرا هوندا هئا. ڊپ ڊاءَ سان گڏ بچاءَ جون اميندون به هونديون هيون. شڪاري دؤر ۾ جڏهن انسان ٽولن جي صورت ۾ شڪار ڪرڻ ويندا هئا ۽ طئه ڪندا هئا ته اڄ هِن پاسي ٿا هلون. شڪار گهڻو ملندو. تڏهن ڪو کين اچي چوندو هو ته اسين ٿا اوهان کي سمجهايون ته هن پاسي ويندؤ ته شڪار هٿ اچي ويندو، پر جي ان کي ڇڏي، هُن پاسي ويندؤ ته شڪار هٿ اچي نه سگهندوَ. اهو انهيءَ ماڻهوءَ جو، ان زماني جي عقل ۽ سمجهه پٽاندر هڪ اندازو هوندو هو. جڏهن اهڙو ڌڪو يا اندازو صحيح نڪرندو هو ته ماڻهو دنگ رهجي ويندا هئا ته کيس اها پروڙ ڪيئن پئي ته ڪو شڪار هن پاسي نه، پر هُن پاسي آهي، پڪ سان انهيءَ وٽ غيب جو علم آهي. اهڙيءَ ريت، اهڙن ڪن ماڻهن انساني عقل تي ڌاڙي هڻڻ، ان تي قبضي ڪرڻ يا ان تي تسلط قائم ڪرڻ جو هڪ سلسلو شروع ڪيو. پنهنجيون دعوائون قائم ڪيون ته غيب جون قوتون اسان وٽ آهن، مينهن به اسين آڻينداسون، باهه به اسين ٻاريندا ۽ وسائينداسون، اوهان کي زمين کي ڌڏڻ کان به اسين بچائينداسون وغيره. اهڙي سلسلي اڳتي هلي ڌرم جي اداري جي صورت ورتي، ۽ انهيءَ جي بنياد تي دعوائون قائم ٿيون. پهريون ڀيرو ڌرم باقاعدي اداري جي شڪل ۾ اسرائيل جي ڌرتي تي قائم ٿيو، ان منجهان ٻيا به ڌرم نڪتا، عيسائي ڌرم به ان جو ئي تسلسل آهي. ان کان سواءِ قران شريف ۾ به اسرائيلي مذهبي ڪتاب ۾ بيان ٿيل پيغمبرن جو احوال آيل آهي. ان کان سواءِ ٻيو مذهبي ادارو آرين قائم ڪيو، ان مان به ٻيون مذهبي شاخون نڪتيون، جن مان برهميت يا هندو مت اهم آهي، هندو مت مان وري ٻيون ڇاڙهون نڪتيون، جين ٻڌ مت يا جيئن مت وغيره. جڏهن ته چين ۾ ڪنفيوشس جي نالي ۾ مذهبي ادارو جڙيو ۽ ايران ۾ زردشتي مذهبي ادارو. انهيءَ اداري ۾ ويساهه رکندڙ کي اسين مجوسي يا باهه پرست سڏيون ٿا. اهڙيءَ ريت جاپان ۾ ٽي چار مذهبي ادارا قائم ٿيا.

انهن ڌرمي ادارن وري مختلف ڌرمي برادرين (Religious brotherhoods)کي جنم ڏنو. اهڙين برادرين جي قيام کان پوءِ انسان ڌرمي سڳي ڌاڳي ۽ عقيدي جي فرمانبرداريءَ جي دائري ۾ اچي ويو. انهن ڌرمي برادرين کي مضبوط رکڻ ۽ انهن کي وڌائڻ ويجهائڻ لاءِ طاقت جي گهرج هئي. ڇاڪاڻ ته هاڻي جادو ۽ منڊ، ٽوٽي ۽ ڦيڻي کان ڳالهه گهڻي وڌي ويئي هئي. رڳو ڪرشمن ۽ معجزن جي بنياد تي، انهن برادرين کي هلائڻ ۽ انهن ۾ عقيدي ۽ ايمان جي پختگيءَ کي برقرار رکڻ هڪ ڏکيو مامرو هو. چوندا آهن ته ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي.-انهيءَ مصداق اهڙين مذهبي برادرين کي قابوءَ ۾ رکڻ لاءِ هڪ قوت اڀري نروار ٿي، جنهن کي ”حاڪم“ چئجي ٿو يا جنهن کي ”شهنشاهه“ چئجي ٿو. انهيءَ حاڪم يا شهنشاهه اهڙين ڌرمي برادرين کي پنهنجي سگهه وسيلي پاڻ کي زمين تي ”آسمان“ يا غيبي قوتن جو نائب سڏرايو- ان اهڙي دعوا ڪئي به ۽ مڃرائي به. گهڻا ته انهيءَ دعوا کان به گهڻو اڳتي نڪري ويا.

انهن حاڪمن يا شهنشاهن، پنهنجيون شهنشاهتون (Empires) قائم ڪيون. مثال طور يونان منجهان سڪندر پيدا ٿيو. جنهن کي سڪندر اعظم جي نالي سان سڏين ٿا. عيسوي سن کان ٽي چار سئو ورهيه اڳي، جنهن پنهنجين فتحن جو سلسلو شروع ڪيو. هن سڄيءَ دنيا کي فتح ڪرڻ جو خواب ٿي ڏٺو ۽ اهڙو وڏو خيال ٿي پاليو. ان کان سواءِ يهودي مذهب ۽ ان جي ٻين شاخن مان به حاڪم ۽ شهنشاهه پيدا ٿيا. انهن حاڪمن ۽ شهنشاهن کي پنهنجي حاڪميت ۽ شهنشاهيت کي برقرار رکڻ لاءِ مذهب جي گهرج پئي، ٻئي پاسي مذهبي دعويدارن کي مذهبي برادرين کي پنهنجي فرمانبرداريءَ ۾ رکڻ لاءِ طاقت جي گهرج هئي، اها گهرج حاڪم يا شهنشاهه پوري پئي ڪئي. اهڙيءَ ريت شهنشاهيت ۽ /يا حاڪميت جو ڌرمي اداري سان سٻنڌ يا مستقل مفاد جڙيو. انهن ٻنهي ملي ماڻهن کي عقيدي يا فرمانبرداريءَ ۽ سگهه وسيلي قبضي ۾ رکيو. اڳتي هلي ڌرم ۽ شهنشاهيت ملي شهنشاهي گهراڻن (Dynasties) کي جنم ڏنو. مثال طور هندستان ۾ مغل شهنشاهي گهراڻو پيدا ٿيو، انهيءَ گهراڻي ڪي اٺ يا ساڍا اٺ سئو سال هندستان تي حڪومت ڪئي. يورپ ۾ رومن شهنشاهيت پيدا ٿي.مصر ۾ فرعون جي شهنشاهيت پيدا ٿي.ائين ٻيون به گهڻيون شهنشاهتون پيدا ٿيون، جن کي ڪنهن هڪ خاندان جي فردن لڳاتار – هڪٻئي پٺيان سنڀاليو. انهيءَ زماني کي، سماجي ارتقا جي خيال کان، شهنشاهي گهراڻن جو زمانو چيو وڃي ٿو. ان ۾ اسلام جا شهنشاهي گهراڻا به اچي ويا وڃن. اشوڪا شهنشاهي گهراڻو، رومن شهنشاهي گهراڻو، (جڏهن پوپ سڄي ملڪ جو والي وارث هوندو هو)، زردشتي ڌرم جي بنياد تي ايراني شهنشاهي گهراڻو وغيره ان سلسلي جا ڪجهه مثال آهن.

هاڻي ڳالهه اتي اچي بيٺي ته شروع ۾ انسانن جا رولو ۽ شڪاري ٽولا بڻيا، اتان اهي ڪٽنب جي تنظيم ۾ آيا، پوءِ قبيلي جي تنظيم ۾، تنهن کان پوءِ انسانن جا اهي انبوهه غلامداري نظام هيٺ آيا، انهن جو هڪ آقا مقرر ٿيو. ڌرم اسريا، ڌرمي برادريون پيدا ٿيون. مذهبن پنهنجي بقا لاءِ شهنشاهتون يا حاڪميتون پيدا ڪيون. اُتان وري شهنشاهي گهراڻا پيدا ٿيا.

تيستائين ايندي ايندي انسان گهڻو ڪجهه سکيو پرايو. مثال طور انهن گهر ٺاهيو، اڳي کان بهتر ۽ سهوليتن ڀريا اجها ٺاهيا، انهن کاڌي پيتي جي سلسلي ۾ به سڌارو آندو ۽ رڌ پچاءَ جو ڪم شروع ڪيو، ان پوشاڪ ٺاهي، پهرڻ شروع ڪئي. انڪري انسان هاڻي نه ته وحشي رهيو ۽ نه وحشي نما، پر سماج ۾ ان پنهنجي جاءِ جوڙي، فطري وايي منڊل هوندي، پنهنجي الڳ حيثيتَ، شعور ۽ ارادي جي بنياد تي، جوڙي ورتي. انهن مٿين مڙني شين کان مٿي هيءَ ڳالهه آهي ته انسان ٻولي به گهڙي ۽ ٺاهي ورتي، جتي جتي به، انسان رهيو پئي، انهي ايراضيءَ جي الڳ ٻولي. اها ٻولي به انساني پورهيي جي هڪ شڪل آهي، جيڪا هن پاڻ، پنهنجي گهرج پٽاندر، ٺاهِي، گهڙِي ۽ وقت هلندي، ان ۾ تبديليون ۽ واڌارا سڌارا آڻي، ان کي وڌيڪ بهتر بنايو. انهيءَ سڄي عرصي ۾، انسان ٻوليءَ وارو پورهيو ئي نه ڪيو، ان ٻيا به پورهيا ڪيا، ۽ پاڻ کي بهتر کان بهتر سماجي حالتن ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي. ٻوليءَ کان سواءِ انسان سماجي پورهيا هئا: ذهني پورهيو، جسماني پورهيو ۽ سماجي پورهيو. ٻوليءَ واري پورهيي مان هن پنهنجي زبان وسيلي، پنهنجي ذهن جي خيالن، راين، سهمت پڻي، اختلاف، خواهشن ۽ خوابن کي اظهارڻ سکيو. ڏک سک ونڊڻ سکيو. جسماني پورهيي مان هن شيون ٺاهيون ــ گهڻيون ۽ انيڪ، ذهني پورهيي وسيلي شعور ڳولي هٿ ڪيو ۽ شعور کي مختلف شڪليون ڏنيون ۽ سماجي پورهيي مان سماج تخليق ڪيو ۽ ان کي بهتر ۽ رهڻ جوڳو (Livable) بنايو. پر سماج کان پوءِ، ٻئي نمبر تي، ٻولي ئي سندس عظيم تخليق طور ڳڻي ويئي آهي.

هاڻ اچون ٿا وري انهيءَ ڳالهه تي. شهنشاهي گهراڻا مذهبي برادريءَ جي بنياد تي، پنهنجي پنهنجي ايراضيءَ تي دعويٰ قائم ڪرڻ لڳا. انهن پنهنجو پنهنجو الڳ جاگرافيائي دائرو ٺاهيو. دعوائون ٿيون ته هيءَ ايراضي مسلمانن جي آهي. هيءَ ايراضي آريا مذهب سان تعلق رکندڙن جي آهي. هيءَ عيسائي مذهب وارن جي ايراضي آهي. اهڙيءَ ريت سماج ۾ هڪ تنظيم، مذهبي برادرين جي بنياد تي پيدا ٿي. هر ڪنهن پنهنجي پنهنجي زمين جي دعوا داخل ڪئي. ساڳئي وقت شهنشاهتن ۽ شهنشاهي گهراڻن جي حڪومتن اندر داخلي ڀڃڊاهه جو سلسلو به شروع ٿيو. نه رڳو ايترو پر بادشاهتن، حاڪميتن ۽ شهنشاهتن جو، پاڻ ۾ ٽَڪر به ٿيو. چٽاڀيٽي ۽ مقابلي واري صورتحال پيدا ٿي. ان ڏس ۾ مغل شهنشاهت جو مثال اسان وٽ موجود آهي. جڏهن ڪنهن بادشاهه جي ڄمار جا ڏينهن پورا ٿيندا هئا ۽ هو بادشاهي يا حڪمراني ڪرڻ لائق نه رهندو يا مرڳوئي مري ويندو هو ته پوئتان سندس اولاد پاڻ ۾، حڪمرانيءَ جي دعوا يا حڪمرانيءَ جي حصي تان وڙهي پوندو هو. پوءِ فيصلو ڪيو ويندو هو: بنگال وارو حصو تنهنجو، سنڌ وارو پرڳڻو تون کڻ، افغانستان ۾ وڃيِ تون راڄ ڪر. اهڙيءَ ريت شهنشاهي گهراڻن واريون ايراضيون ورهائجنديون ويون ۽ ننڍيون ننڍيون ايراضيون وجود ۾ آيون.

ايراضين جي اهڙي ورهاست جڏهن ڪڏهن جاري رهندي پئي آئي، جڏهن غلاميءَ وارو دور هو، تڏهن به انسان ڪنهن نه ڪنهن جوءِ ۾ رهندو هو، ڪنهن نه ڪنهن ايراضيءَ ۾ رهندو هو ۽ ايراضيءَ ۾ ورهاڱو به جاري رهندو هو. ڌرمي برادرين واري دؤر ۾ به اهو سلسلو جاري رهندو آيو.

بهرحال، سلطان شاهيءَ جي دؤر ۾ سلطان پنهنجي پاڻ ۾ وڙهڻ جهڳڙڻ لڳا، پنهنجيون سلطنتون ڌار قائم ڪرڻ لڳا. ٺيڪ انهيءَ موقعي تي يورپ ۾ هڪ نيئن ڳالهه پيدا ٿي، جتي اڳي شهنشاهي راڄ هئا، غلام داريءَ هيٺ برادريون هيون يا جيڪا مضبوط جاگيرداري هئي يا جيڪي ڌرمي برادريون هيون، انهن هروڀرو نه سنئين ليڪ تي سفر نٿي ڪيو. اهڙن سماجن ۾ داخلي تضاد موجود هئا، ڪي حق کان محروم هئا، ڪي امير ٿي پوندا هئا ته وري ڪي مفلس. مطلب سکيا ۽ ڏکيا، ٻنهي قسمن جا ماڻهو انهن راڄن توڻي سماجن ۾ رهندا هئا. جيئن اڄڪلهه سماجي اڻبرابري آهي، سا تڏهن به هوندي هئي.

هيڻا ظلم ۽ ڏاڍ خلاف بغاوتون برپا ڪندا هئا. غلاميءَ واري دؤر ۾ ته مذهبي برادرين واري دؤر ۾ به. ٻئي پاسي ڏاڍا ماڻهو انهيءَ ڪوشش ۾ هوندا هئا ته هيڻا بغاوتون نه ڪن. فرمانبردار رهن. اسان جيڪي ڳالهه ڪريون ٿا، اها هيڻا ماٺ ميٺ ۾ مڃين. اسان جي چئي آکئي ۾ هجن. پر انسانن ۾ – هيڻن انسانن ۾ آزادي، حقن ۽ مفادن جي ٿوري يا گهڻي سمجهه هئي، جيڪا کين بغاوتن ۽ شورشن تي اُڪسائيندي هئي. اهڙيءَ ريت شهنشاهن ۽ بادشاهن خلاف بغاوتون ٿيون، سندن اميرن ۽ گماشتن خلاف بغاوتون ٿيون. جيئن اسان وٽ آهن، تيئن ڪي نواب، اميرزادا، سردار، ڪي زميندار ۽ جاگيردار يورپ ۾ پڻ هئا. پاڻ پنهنجي ملڪ – مملڪت خدادا پاڪستان ۾ ڏسون ته به هيڻي ڏاڍي وارو فرق موجود آهي. ڏاڍا ماڻهو يا حاڪم ماڻهو پنهنجا حواري ۽ گماشتا رکن ٿا، جيڪي سڄو وقت وتندا حاڪمن جا ڳڻ ڳائيندا عام ماڻهن کي وتندا ڀلائيندا ۽ ڀٽڪائيندا ته جيئن اهي فرمانبردار رهن، ڪابه بغاوت يا شورش برپا نه ڪن.

هيڻن ماڻهن جي ڏاڍن ماڻهن سان مهاڏي اٽڪائڻ جو هر دور ۾ امڪان رهيو آهي، اڄ به آهي. پر هيڻا ماڻهو پاڻ اڪيلي سر وڙهي نه سگهندا آهن. انهن کي هر زماني ۾ ڪنهن قيادت، ڪنهن تنظيم جي گهرج هوندي آهي. هيڻن ماڻهن جا مفاد پنهنجي ئي طبقي سان جڙيل هوندا آهن. انهن مفادن جي هڪجهڙائيءَ جي ڪري، اهي هڪٻئي سان ڳنڍيل هوندا آهن. مثال طور: غلام داري دور ۾ جهڙيءَ ريت هر ڪنهن آقا جي هلت چلت ۽ غلامن ڏانهن اختيار ڪيل رويي ۾ هڪجهڙائي هئي، ٻئي پاسي غلامن مٿان ٿيندڙ ظلم، ڏاڍ ۽ ان جي ٿيندڙ استحصال سبب، انهن جي مسئلي ۾ هڪجهڙائي هئي. انهيءَ مسئلي جي هڪجهڙائيءَ سبب اهي يڪ مشت هئا. مذهبي برادرين واري دؤر ۾ مذهب جي معاملي تي ماڻهو يڪ مشت هئا. بادشاهتن ۾ عام ماڻهو، رعيت جي حيثيت ۾، يڪ مشت هئا. اها هيڻن، ڪمزورن، محروم، مظلوم ۽ غلام ماڻهن جي مفادن جي هڪجهڙائي ئي هئي، جنهن انهن ۾ يڪ مشتي (مِڙي مٺ ٿيڻ واري حالت) پيدا ڪئي. انهيءَ بنياد تي اهي پنهنجن آقائن، جاگيردارن، بادشاهن، حاڪمن سان وڙهيا.بغاوتون ۽ شورشون برپا ڪيائون. اها يڪ مشتي ئي انهن جي سگهه هئي/آهي. ان ۾ ئي سندن نجات ۽ ڇوٽڪارو هو/آهي.

ائين اهي معاملا وڌندا رهيا. دؤر اڳتي وڌندا آيا. هيڻي ۽ ڏاڍي ۾ مقابلو به رهندو آهيو. هيڻن پنهنجيءَ تنظيم تي زور ڏنو. ڏاڍن ان کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي. دؤر مٽيا، عام خلق جو ذهن مٽيو. انهن جي سوچ مٽي. هڪ ايراضيءَ ۾ رهندي انهن پنهنجي پاڻ کي ٿانيڪو ڪيو ۽ اتيئي ئي رهندي، پنهنجي طبقاتي ۽ انساني حقن لاءِ ميدان ٺاهيائون، کٽڻ جا امڪان ۽ سامان پيدا ڪيائون. تنهن هوندي به ان کي هڪ گڏيل بنيادي سڃاڻپ جي گهرج محسوس ٿي ته جيئن اهي پنهنجي انفراديت کي مڃرائي سگهن. وٽن ايراضي ته نه هئي، پر ان کان نياري ڪا شيءِ اڃا به کين گهربل هئي، جيڪا سندن سماجي تنظيم کي پورڻتا سان نوازي، اها کوٽ نيٺ انسان پڳي ۽ اهي ٻوليءَ جي بنياد تي سهمت ٿيا. ٻولي سندن انفراديت کي پورڻتا بخشي، ان بنياد تي ڪنهن ايراضيءَ ۾ رهندڙ انسانن-هيڻن توڻي ڏاڍن-۾ اتفاق ٿيو. ٻوليءَ جي معاملي تي اهڙي اتفاق وسيلي سماج ۾ ماڻهن جي تنظيم جو هڪ وڏو مرحلو طئه ٿي ويو.

ارڙهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾، يورپ ۾ بادشاهن خلاف بغاوت جو سلسلو شروع ٿيو. ان وقت تائين ملڪ ٺهي راس ٿي چڪا هئا، جاگرافيائي حدبندين جو پڻ تعين ٿي چڪو هو. اهڙيءَ ريت يورپ ۾. 1789ع ۾ فرينچ انقلاب جنم ورتو. انهيءَ کان اڳ انگريزن خلاف امريڪا ۾ بغاوت ٿي چڪي هئي. انهيءَ بغاوت جو بنياد ٻه شيون هيون- ٻولي ۽ ايراضي. انهيءَ بنياد تي امريڪين پاڻ کي قوم تصور ٿي ڪيو ۽ اُهي انگريزن جي حڪمرانيءَ ۽ عملداريءَ خلاف اٿي کڙا ٿيا، جنهن ۾ سوڀارا ٿيا. فرينچ انقلاب يورپ مان جاگيرداريءَ جي پاڙ اکوڙي ڇڏي، هيڻن پنهنجي سگهه، همت ۽ حوصلي سان ظالمن سان، ڏاڍن سان ويڙهه ڪئي ۽ ڪامياب ٿيا. فرينچ انقلاب جا به بنيادي محرڪ ٻولي ۽ ايراضي رهيا. انهيءَ انقلاب وسيلي يورپ، هڪ نئين دور ۾ داخل ٿيو. اتي جديد نمائندگي يا عيوضائپ واري جمهوريت جا بنياد پيا ۽ اها انساني ارتقا جي تاريخ ۾ ۽ پڻ انسان جي فڪر جي اوسر جي لحاظ کان وڏي ۾ وڏي ڪاميابي ۽ سوڀ هئي. هيڻن پهريون ڀيرو پنهنجي حقيقي انساني ۽ سماجي حيثيت مڃائي. انهيءَ انقلاب کان پوءِ قومي رياستن(Nation States) جي تصور پيدا ٿيو. ۽ قوم جي ترڪيبي جزن ۾ ٻولي ۽ ايراضيءَ کي بنيادي ۽ لازمي حيثيت ڏني ويئي، ان کان سواءِ ڪي ثانوي ترڪيبي جزا به هئا. پر قومي رياستن ۽ قومن جي بناوت مان ڌرم جي عنصر کي ٻاهر رکيو ويو، ڇاڪاڻ ته انهيءَ تفرقا پيدا پئي ڪيا، انهيءَ ڏس ۾ يورپي ماڻهن کي ڪليسا جي ڏاڍ ۽ جبر جو هڪ وسيع تجربو پڻ هو. بهرحال واقعو هيئن ٿيو ته بادشاهتن ۽ سلطنتن کي ڊاهي پٽ ڪيو ويو ۽ عام خلق پنهنجو عوامي راڄ قائم ڪيو. يعني جمهوريت جو دؤر آيو. يعني بادشاهي ۽ جاگيرداري دؤر کي ڊاهي، ختم ڪري، ڪنهن ايراضي ۾ رهندڙ ماڻهن، ”هڪ وطن“ جي حيثيت ۾، ”هڪ ٻولي“ جي ڳالهائيندڙن جي حيثيت ۾، گڏ ٿي، ڌرم کي قومي دائري کان ڪڍي، ان کي شخصي آزادين جي خاني ۾ رکي، پنهنجو راڄ، ”پنهنجي مرضيءَ“ سان لاڳو ڪيو. انهيءَ انقلاب کان پوءِ ڌرم جي انساني اتحاد، برابري ۽ برادريءَ ۾ ڪا گهڻي گهرج محسوس نه ڪئي ويئي. جيئن مٿي بيان ٿي چڪو ته ڌرم هاڻي تفرقا پيدا ڪرڻ جو ذريعو بڻجي پيو هو. شروعات ۾ اهو، تاريخ هڪ جي هڪ زماني ۾، انساني تنظيم جو هڪ وسيلو ٿي رهيو هو، پر پوءِ ان پنهنجي اهڙي حيثيت وڃائي ڇڏي، يورپ ۾ عيسائيت جيڪي ظلم ڪيا، انهن کي اڄ به اونداهو دؤر (Dark ages) سڏيو وڃي ٿو، جيڪو لڳ ڀڳ هڪ هزار سالن تائين جاري رهيو، جنهن مان نڪرڻ ۽ روشنيءَ ڏانهن وڌڻ لاءِ يورپي ماڻهن کي وڏو جُهد ڪرڻو پيو ۽ انهن گهڻيون ئي قربانيون ڏنيون.

يورپ ۾ هونءَ ڪيترائي ڏاها ۽ مفڪر پيدا ٿيا آهن، جن پنهنجن پنهنجن زمانن تي گهرا ۽ اثر ڇڏيا. جن جي ڪم، عمل ۽ ڪردار هيڻن کي فائدو ڏنو، جن انساني شعور کي وڌڻ ويجهڻ لاءِ نوان ڏس ۽ گس ڏنا. اهڙآ ڏاها، عقلمند ۽ عالم ماڻهو غلاميءَ واري دؤر ۾ به پيدا ٿيا، مذهبي برادرين واري دور ۾ به پيدا ٿيا. مختلف تحريڪن، تبديلين جي زماني ۾ به پيدا ٿيا ۽ انهن کان پوءِ به پيدا ٿيندا رهيا آهن، پر هتي آئون خاص طرح ٽن ماڻهن جا ذڪر ڪرڻ گهران ٿو.

انهن ٽنهي مان پهريون آهي ميٿيو آرنلڊ (1822ع کان 1888ع) ٻيو آهي جان رسڪن (1819ع کان 1900ع) ٽيون آهي ٿامس ڪارلائل (1785ع کان 1881ع) انهن ٽنهي کي علمي دنيا ۾ سماجي نقادن (Social Critics) جي حيثيت سان سڃاتو وڃي ٿو. هونءَ ته علم جا اڪابرهئا، ڪيترن ئي علمن ۾ ڀڙ هئا، پر سندن سماجي نقاد واري حيثيت کي وڌيڪ مڃيو ۽ تسليم ڪيو ويو آهي.

انهن ٽنهي ڏاهن کي سماجي نقاد انڪري قرار ڏنو ويو آهي، جو انهن سماجي ارتقا جي بنيادي سوالن کي پنهنجي بحث جو موضوع بنايو، جهڙوڪ سماج ڇا آهي؟ سماج جي بناوت ڪيئن ٿيندي آهي؟ انسان سماجي ترقيءَ جا ڪهڙا ڪهڙا ڏاڪا طئه ڪيا آهن؟ اڳتي ان کي ترقي ڪيئن ڪرڻ گهرجي؟ فرد ۽ سماج جو رشتو ڪهڙو آهي؟ سماجي تبديليون ڇا آهن ۽ ڪيئن ۽ ڇو اينديون آهن؟ ۽ ٻيا اهڙا انيڪ سوال جن سان انهن ٽنهي ليکڪن معاملو رکيو آهي. انهن سماج جي ترقي ڪري رياست تائين پهچڻ ۽ رياستي عملي اظهار-حڪومت جي طريقيڪار تي به بحث ڪيو آهي ته ان سان گڏ، انهن سوالن تي به ويچاريو آهي ته بادشاهي راڄ کي ختم ڪرڻ جي خواهش ڇو پيدا ٿئي ٿي. انسان جيڪي پنهنجي طور تي حڪومتون قائم ڪيون آهن يا اڳتي به قائم ڪرڻ گهري ٿو، انهن کي ڪيئن هلائجي. انهن ڏاهن سماج جي خوبين ۽ خامين تي ڳالهايو. ان جون ڪمزوريون ڄاتيون، ڪمزوريون ڄاڻي انهن جا علاج تجويز ڪيا.

ميٿيو آرنلڊ هڪ ڪتاب لکيو ”سماج ۽ انارڪي“. انساني ارتقا ۽ ان جي قوم بنجڻ تائين ڳالهه ٿي چڪي. قوم جي خاص ۾ خاص معنيٰ بابت ڳالهه چٽي ٿي. اهو ذڪر به ٿي چڪو ته ڪيترا نه ڊگها زمانا انهيءَ ارتقا ۾ لڳا ۽ اها ارتقا ڪهڙيءَ ريت مختلف لاهن چاڙهن مان گذري.

ميٿيو آرنلڊ پنهنجي ڪتاب ”ڪلچر ۽ انارڪي“ ۾ ٻنهي موضوع تي ڀرپور لکيو آهي. ’انارڪي‘ جي معنيٰ آهي ’نراج‘ ”نه + راڄ“ جتي راڄ نالي ڪا شيءِ نه هجي. اهو سياسي اصطلاح آهي، جنهن جو مطلب آهي، اهڙي رياست، جتي قانون نالي ڪا به شيءِ نه هجي. جيئن اسين سنڌ ۾ چوندا آهيون: ”ادا قانون نالي ڪا به شيءِ نه آهي.“ ”ملڪ ۾ ڪو داد فرياد ناهي.“ يا مُلڪ ۾ قانون آهي ڪونه.“ ان جو مطلب آهي ته ملڪ ۾ ’نراج‘ آهي. قانون جي ڪابه حڪمراني نه آهي. ميٿيو آرنلڊ جو نقطو آهي ته انسان لاءِ مهذب (Cultured)ٿي رهڻ ضروري آهي. جيڪڏهن اهو ائين نه ڪندو ته پوءِ اهو جيڪو عمل ڪندو، اهو نراجيت جي کاتي ۾ ويندو. سندس چوڻ آهي ته ماڻهوءَ کي سماج ۾ ڪن ضابطن ۽ اصولن سان رهڻو آهي. ميٿيو جيئن ته انهيءَ زماني ۾ موجود هو، جڏهن بادشاهيون ڊهيون پئي ۽ عوامي راڄ قائم پئي ٿيا. انڪري هن عوامي راڄن جي مضبوطي ۽ انهن جي برقرار رهڻ لاءِ ڪن بنيادي سوالن ۽ پنهنجي انهيءَ دور جي حالتن پٽاندر ممڪن حل ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي. هن جي خيال ۾ شهنشاهيون يا بادشاهيون به هڪ قسم جون نراجي حڪومتون هيون، جيڪي ماڻهوءَ کي ماري ڀاڻ ڪنديون هيون، پنهنجيءَ مرضيءَ جا فيصلا ۽ پروانا جاري ڪري رعيت مٿان مڙهينديون هيون. ڏوهيءَ کي بيڏوهي ۽ بيڏوهيءَ کي ڏوهي قرار ڏيئي کين سخت ۽ سنگين سزائون ڏينديون هيون. انڪري رعيت ڊپ ڊاءَ ۽ جان جي امان لاءِ بادشاهي حڪم جي پوئواري پئي ڪندي هئي. اهو ساڳيو حال، رعيت جو، غلامداري دور۾ به هو. انڪري ميٿيو جو خيال هو ته بادشاهن جي دؤر ۾ رعيت سان اختيار ڪيل غيرانساني، غيراخلاقي ۽ غير منصفاڻن روايتن، رواجن ۽ قانونن جو انت اچڻ کپي ۽ عوامي راڄن کي انهن جي پوئواري بلڪل به نه ڪرڻ گهرجي، ان لاءِ انهن کي ثقافت يا مهذب پڻي مان ڪم وٺڻ گهرجي ته جيئن رعيت جا صدين جا ٿڪ لهي سگهن. جيڪڏهن سڌريل سماجي رويي (Culture) کان ڪم نه ورتو ويو ته رعيت هڪ ڀيرو ٻيهر نراجيت تي لهي ايندي. ميٿيو پنهنجي وقت جي حالتن پٽاندر هڪ معقول ۽ مائيدار ڳالهه ڪري ٿو. هوُ نراج ۽ ڪلچر جي اصطلاحن وسيلي ٻن زمانن ۾ فرق بيان ڪري ٿو. هو انهيءَ ڳالهه جو وڪيل آهي ته اهي سڀ برايون،جيڪي پراڻي بادشاهي نظام ۾ هيون، اهي عوامي راڄ ۾ نه هئڻ کپن. هو انهيءَ مسئلي جو حل ڪلچر ۾ ڏسي ٿو، ۽ ڪلچر ۾ ٻن شين جي موجودگيءَ جي نشاندهي ڪري ٿو. هڪ روشني (light) ۽ ٻيو ميٺاج(Sweetness). روشنيءَ مان مراد اهڙي شيءِ آهي، جيڪا اونداهيءَ جو وجود ختم ڪري سگهي. اها روشني جيڪڏهن اکين اڳيان هوندي آهي ته هر شيءِ واضح ۽ چٽي هوندي آهي، پر اها روشني ذهن ۾ هوندي ته اها انسان ۾ علم، ادراڪ ۽ فهم پيدا ڪندي آهي. جڏهن ته ميٺاج کي به ميٿيو هڪ شيءِ نه پر هڪ اعليٰ قدر طور ڪتب آڻي ٿو. هو ميٺاج کي ماڻهپو قرار ڏئي ۽ هڪ انسان جي ٻئي انسان سان بهتر رويي کي قرار ڏئي ٿو. هن جو دليل آهي ته جڏهن سلطان ويا، نواب ويا، بادشاهه ويا، ته هاڻي انسان آزاد آهي. انهن وٽ جمهوري راڄ آهي. پنهنجي حڪومت آهي. اُن کي کيس پاڻ ئي سنڀالڻو آهي. ان جي نگهباني ڪرڻي آهي؛ ۽ سڀ لاءِ وٽس رڳي اڪيلي چونڊ آهي ۽ اهو آهي ڪلچر، جنهن ۾ روشني آهي ۽ ميٺاج آهي. ياد رهي ته روشني ۽ علم يا علم ۽ روشنيءَ جو پاڻ ۾ گهرو سٻنڌ آهي. ”روشني“ جو لفظُ ”علم“ جو ۽ ”علم“ جو ”روشني“ جو متبادل رهيو آهي. اسان جي شاعر اياز به انهيءَ ڳالهه کي پرکي ورتو هو، جنهن چيو:

”نه ديپ دونهاٽجي ڪڏهن هي، للاٽ جي لاٽ شل جرڪي.“

پرهه پري آ پتو نه آهي ته رات ڪيسين ڏهاڳ ڏيندي.

اتي ديپ“ جي معنيٰ آهي دماغ. ”للاٽ جي لاٽ“ مان مطلب آهي ”شعور“. ”پرهه“ مان مراد آهي، اها منزل يا اها گهڙي جتي ”اونداهي“ يعني ”جهالت“ کٽي. انڪري اسان جو شاعر چوي ٿو ته دماغ جو ديپ نه وسامجي ۽ شعور جي وٽ ٻرندي رهي، تان ته ”رات“ جو ڏهاڳ (آزار، اهنج) ختم ٿئي. اسان وٽ به پنهنجي ٻوليءَ ۾ اهڙا اصطلاح موجود آهن، جيڪي روشنيءَ جي معنا چڱائي، علم يا نيڪي ڏيندا آهن. مثال طور: چوندا آهن: ”هيءُ ڏِيا وارو ماڻهو آهي.“ ، ” چهري ۾ روشني اٿس.“ وغيره، علم کي ڏيئو به چوندا آهن. هڪ ڪتاب ۾ ائين به آيل آهي ته “Knowledge with Beauty” . علم ته علم ٿيندو آهي، پر وري مسئلو اهو ٿو سامهون اچي ته علم ڪهڙو؟ انسانذات لاءِ ڪهڙو علم چڱائيءَ وارو ۽ قبولڻ جوڳو آهي. انهيءَ سوال جو جواب سونهن (Beauty) ڏئي ٿي. وري سوال اهو ٿو اڀري ته سونهن يا حسن جي سڃاڻپ ڪيئن ٿيندي؟ ها، اها ئي سونهن چئجي، جنهن ۾ اڪثريت جو ‎فائدو هجي، هڪ حديث آهي ته: ڀلي ۾ ڀلو انسان اهو آهي، جيڪو سڀني انسانن جو ڀلو ڪري ٿو. انهيءَ ڪري يورپ وارن به علم جي چڱائيءَ ۾ وڏي ۾ وڏي ڪسوٽي به اها ئي بيهاري ته هڙو علم جنهن مان وڌ ۾ وڌ فائدو پوي ٿو- انسان کي ۽ اهو انهيءَ علم مان سک، خوشي، سڪون ۽ آرام ڪيترو ماڻي ٿو. ميٿيو اسان سماج ۾ حقيقي چڱائيءَ کي ڪلچر سان سلهاڙي ٿو، ۽ ڪلچر ۾ هو وري هو ٻه شيون ڏسي ٿو. هڪ روشني يعني علم ۽ ٻي ميٺاج يعني انسان جو انسان سان برابري ۽ برادريءَ وارو رويو، نرم رويءَ واري روش. هو انهيءَ ڳالهه تي زور ڏئي ٿو ته ڪنهن سماج ۾ ڪنهن تبديليءَ لاءِ ۽ جيڪڏهن تبديلي اچي چڪي آهي ته ان کي برقرار رکڻ لاءِ ڪلچر ئي اصل وسيلو آهي.

هاڻ هلون ٿا، ٿامس ڪارلائل ڏانهن. اهو ڪم جي اخلاقي قدر (Moral Value of Work) تي زور ڏئي ٿو. هو چوي ٿو ته اوهين بادشاهت مان ڇٽا آهيو، غلاميءَ جو طوق ڳچيءَ مان لاهي ڦٽو ڪيو اٿوَ ۽ ڌرمي برادرين جي پنڊتن، پادرين، پيرن ۽ مُلن مان جند ڇڏائي آزاد نڪتا هيو‎ (پر اسان-سنڌ وارا اڃا انهن طوقن مان آجا نه ٿيا آهيون). هو چوي ٿو ته اوهان ڊگهي غلاميءَ مان رهندي، ظلم ۽ ڏاڍ سهندي، اڄ هن منزل (عوامي راڄ) تائين پهتا آهيو. پنهنجي پاڻ ۾ بالغ راءِ ٿيا آهيو ته پوءِ اوهان کي ڪم ڪرڻ کپي. ان کان لنوائڻ يا ڪيٻائڻ نه کپي. اخلاقي (Moral work). مان مراد آهي، اهڙي ڪم جي آهي، جيڪو سماج ۾ اخلاقي قدرن کي هٿي ڏئي. اتي سهپ، رحم، همدردي، سهڪار ۽ درگذر جهڙا قدر اسري سگهن. پنهنجو فرض (Duty)نڀايو. يعني اوهان جي حصي يا ذمي جيڪو به ڪم آهي، ان کي اهڙي نموني ڪريو جو اهو هر طرح سان مڪمل لڳي ۽ ڪم سان محبت ڪريو. ان کان ڊڄو نه، ان کان ڀڄو نه. ان حساب سان ڪارلائل ڪم جي اخلاقي قدر ۽ فرض جي اهميت (Importance of duty) تي زور ڏئي ٿو. هو چوي ٿو ته پنهنجي فرض جي اهميت کي سڃاڻو ۽ ڪم جي اخلاقي قيمت ڪٿيو. ائين نه ڪندؤ ته پوءِ اوهان ارتقا جون منزلون طئه ڪري انسان ته ٿي پيا آهيو، پر پاڻ ۾ انسان واريون خوبيون، ماڻهپو پيدا نه ڪري سگهيا آهيو، ۽ ماڻهپو، انسان جي نئين سر پيدا ٿيڻ (Rebirth) جو نالو آهي. هونءَ به ڏاها سدائين اهو درس ڏيندا آيا آهن ته انسان کي انسان ٿيڻ ۾ اڃا به وقت لڳندو.اها ڳالهه انساني تهذيبي دور جي هر ڪنهن مرحلي تي چئي ويئي آهي ۽ اڄ به چئي ۽ ورجائي پئي وڃي. ان جو مطلب آهي ته ڪروڙن سالن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ماڻهو ماڻهپي ۾ نه اچي سگهيو آهي. ان ۾ ڪي کوٽون ۽ خاميون آهن، جيڪي ان جي مڪمل طرح ماڻهو ٿيڻ جي راهه ۾ رنڊڪ بڻيل آهن. انهيءَ سلسلي ۾ اها ڳالهه به چئي سگهجي ٿي ته ان اڃا پورهيي جي اخلاقي ملهه ۽ فرض جي اهميت کي نه سڃاتو آهي،

ڪارلائل چوي ٿو ڪم جي اخلاقيات (Work ethics) هوندي آهي. ڪم سٺو آهي يا برو، مسئلو اهو ناهي. اها شيءِ پوءِ به ٿي طئه ٿي سگهي ٿي، پر ڪم ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجو فرض ادا ڪرڻ گهرجي. ان ۾ ڪا به ڪوتاهي نه ڪرڻ کپي. ڪم جي اخلاقيات اسان کي سکڻ ۽ سمهجڻ کپي. جيڪو اوهان ڪم جي اخلاقيات کي نه سمجهيو ۽ فرض جي اهميت کي نه سمجهيو، ته پوءِ هينئر جيڪا اوهان ڪاميابي ماڻي آهي، بادشاهيءَ کي ڊاهي، پنهنجي حڪومت قائم ڪئي اٿوَ ۽ پاڻ کي جمهوريت پسند پيا سڏرايو ته پوءِ ڪم جي اخلاقيات کي سمجهو، فرض شناس ٿيو، اهي عمل روحاني طرح اوهان ۾ روشني پيدا ڪندا، نه ته حيوانيت اوهان مٿان حاوي ٿي ويندي. اوهين هڪٻئي کي ڏک پهچائيندا، هٻڇ ۽ لوڀ جي ڌٻڻ ۾ وڃي ڦاسندا، بي ايماني ڪندا، بداعماليءَ جي ور چڙهندا، هڪٻئي جا حق ڦٻائيندا. انڪري ڪم جي اخلاقيات ۽ فرض جي اهميت ٻه اهڙيون شيون آهن، جيڪي اوهان کي هنن بدليل حالتن ۾ ڪم اينديون ۽ اوهان کي وڌ ۾ وڌ ماڻهپي ڏانهن وٺي وينديون.

جان رسڪن ڪتاب لکيو آهي “Unto this last” انهيءَ جي معنيٰ آهي ته آئون پنهنجي پاران، پوءِ منهنجي جيتري به سمجهه يا سمجهڻ جي قوت آهي، اوهان کي ”حرف آخر“ ڪري ٻڌايان ٿو ته اوهان جي نجات يا ڀلائي ڇا ۾ آهي، انهيءَ ڪتاب جو ترجمو ٿيو آهي. جڏهن ته ميٿيو آرنلڊ ۽ جان رسڪن جا ڪتاب اڃا ترجمو نه ٿيا آهن، ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن علم دوست اهڙو ڪم ڪيو هجي، پر اهو منهنجي ڄاڻ ۾ آيل نه آهي. اهو ڪتاب ”آرٽ“ جي اهميت تي لکيل آهي. ڪنهن زماني ۾ ’آرٽ‘ ڪم کي چوندا هئا. ايتري تائين جو آرٽِفيڪيٽ جي معنيٰ شاعري ۽ ادب به ورتي ويندي هئي. هاڻي ان کي آرٽ نٿا چون، پر ’لٽريچر‘ چون ٿا. انڪري جان رسڪن آرٽ لفظ کي ڪم يا محنت يا پورهيي جي معنا ۾ ڪتب آندو آهي، جيئن لفظ آرٽيزن (Artisan) آهي جنهن جي معنيٰ آهي، مستري، ڪنهن ڪم جو ڪندڙُ، ۽ آرٽسٽري (Artistry) لفظ جي معنيٰ ”ڪاريگري“ آهي، ڪار معنيٰ ڪم يا ڪرت. ان ڪري جان رسڪن به لفظ آرٽ کي ڪم جي معنيٰ ۾ ڪتب آڻي ٿو. اهو ڪم هر ڪنهن پنهنجي پنهنجي نموني ڪيو، ڪن جسماني پورهيو ڪيو، ته ڪن ذهني. ڪن ماڻهن کي اخلاقي سبق ڏنا، ڪن شاعري ڪئي، ڪن ڪتاب لکيا، ڪن ايجادون ڪيون، ڪن انساني سهولتون پيدا ڪيون، جن پنهنجي اولاد کي سنڌاريو، ڪن پاڙي وارن جي سڌ لڌي، ڪن قوم لاءِ ته ڪن دنيا لاءِ ڪم ڪيو، ڪن پاڻ ڀلو ٿي ٻين کي پنهنجي پوئواري ڪرڻ لاءِ ڇڪيو. ان حساب سان آرٽ يعني ڪم سان چڱائيءَ جو تصور به جڙيو ۽ آخرين طرح آرٽ لفظ جي معنيٰ وڃي بيٺي ڪم ۽ ڪم جي عزت، ان جي عظمت، ان جي وڏائي.

جان رسڪن چوي ٿو ته پاڻ ڪم لازمي طرح سان اخلاق آهي. محنت ۽ پورهيو اخلاق آهي. جيڪي ماڻهو اپائڻهار (Producer) آهن يعني پيداوار يا اپت ڪن ٿا، اهي چڱا ۽ سٺا ماڻهو آهن. با اخلاق آهن. هاري پيداوار ڪري ٿو. مزدور پيداوار ڪري ٿو. استاد پرهائي ٿو، ٻارن کي تيار ڪري ٿو. اهو به اپائڻهار (Producer) آهي. اهڙيءَ ريت هيءُ آرٽ يعني ڪم يا محنت پاڻ اخلاق آهي ۽ لازمي طرح اخلاقيات جي دائري ۾ اچي ٿو. پورهيي کان وڏي ۽ بهتر ڪابه اخلاقيات ناهي.

مٿي ڪلچر جي باري ۾ ٽن عالمن ۽ ڏاهن جا خيال پيش ڪيا ويا، جيڪي سماجي نقاد(Social Critics) سڏجن ٿا. اهڙيون ڳالهيون رڳو انهن ٽن ڄڻن به ناهن ڪيون، پر سڀني مذهبن به اهڙي ڳالهه ڪئي آهي. قدر (Values) انساني تهذيب سان گڏ پيدا ٿيا آهن. پورهيي وارو يا اخلاق يا حسن اخلاق وارو قدر به اوائلي ۽ بنيادي قدر آهي. پر انسان پنهنجي اخلاق کان ڪريل مفادن لاءِ به ڪم ڪنداآهن. گڏ ٿيندا آهن، خاص طرح صاحب اقتدار ماڻهن جو اهو رويو رهيو آهي ته عوام کي ڪِريل ۽ فضيلت کان نڪتل ڄاڻائيندا آهن. چوندا آهن ته ماڻهن مان اخلاق هليو ويو آهي. ماڻهن خدا کي وساري ڇڏيو آهي. سوَ عيب عوام مان پيا ڪڍندا، اهي جيڪي ڪم ڪندا آهن، هر قسم جو ڪم ۽ سماج ۾ تهذيبي اوسر کي هٿي وٺرائيندا آهن. پر اهي پوءِ به صاحب اقتدار ماڻهن کي نه وڻندا آهن، ان ڪري جو انهن لاءِ ڪم اهو آهي، جيڪو سندن فائدي ۽ خوشامد ۾ ڪيو ويو هجي. ماڻهو پنهنجي سماجي حالتن ۾ جنهن ڪشمڪش مان گذري ٿو ۽ پاڻ لاءِ ۽ پاڻ جهڙن ٻين ماڻهن جا جيئڻ جا سامان پيدا ڪري ٿو، اهو انهن کي ناهي وڻندو، اهي چاهيندا آهن، ماڻهو سندن مفاد لاءِ مثال بڻجن، پر اهي ماڻهو جي سماجي پورهيي جي مڃتا جو مثال پاڻ نه بڻيا آهن. اهي ڪوڙ ڳالهائيندا آهن، انساني پورهيي کي نيچ ۽ ڪمتر ڏيکارڻ لاءِ پنهنجي ڪوڙ کي ور ور ورجائيندا آهن. انڪري سچ جي پاسداري ڪندڙن تي به اهو به لازم آهي ته اهي سچ کي بار بار ورجائين، اها شيءِ جي ڪلچر ۽ اخلاق جي دائري ۾ اچي ٿي.

هاڻ اچون ٿا ان ڳالهه ڏانهن ته ڪلچر ڪيئن پيدا ٿيو؟ ڪلچر انهن ئي شين مان اُپجي ٿو، جن جو پاڻ مٿي ذڪر ڪري آياسين. يعني انسان کي سماج ۾ رهندي پنهنجين ذميوارين جو احساس هجي، ان کي پنهنجا سڀ انساني، اخلاقي ۽ سماجي فرض پورا ڪرڻ گهرجن. گڏيل سماجي پورهيي مان ۽ هڪٻئي سان سهڪار سان هلڻ مان ڪلچر پيدا ٿئي ٿو. ڪلچر ڪا آسماني شيءِ ناهي، اهو زمين تي رهندڙ انسانن جي سماجي، ذهني ۽ جسماني پورهيي جو نتيجو آهي، ڪلچر لفظ انگريزي لفظ “Cultivate” مان نڪتو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي اپائڻ، اهو ڪم، اهو پورهيو، اهي رويا، تصور ۽ قدر جيڪي سماج کي اڳتي وٺي وڃن، ان کي متحرڪ رکن، انساني اصل ڪمائي، اصل موڙي ۽ اصل اپت اها آهي.

هاڻي سوال ڪجي ته اهڙي اپت جي خيال انسان ۾ ڪيئن واسو ڪيو.؟ عالمن ۽ ڏاهن جو خيال آهي ته اهو سمورو انساني مغز جو ڪمال آهي. ان لاءِ مغز يا دماغ جي بناوت کي سمجهڻ لازمي آهي، مختصر نموني عرض ڪجي ٿو ته دماغ يا مغن اها شيءِ آهي، جنهن چمپنزيءَ کان انسان کي ڌار ڪيو. چمپنزيءَ جي ٻار جو ڄمڻ وقت مغز 350 ڪيوبڪ سينٽي ميٽر هوندو آهي، اهو وڌي وڌي وڃي 450 ڪيوبڪ سينٽي ميٽر ٿيندو آهي. ان جو ميڄالو ان کان ڪونه ٿو وڌي. ان جي ابتڙ انسان جو ڄمڻ وقت مغز 350 ڪيوبڪ سينٽي ميٽر هوندو آهي، انساني ٻار جو مغز چئن مهينن ۾ ٽيڻ تي وڌي وڃي ٿو. يعني هزار ڪيوبڪ سينٽي ميٽرن کان به وڌيڪ، ۽ ائين وڌي وڌي اهو 1400 ڪيوبڪ سينٽي ميٽرن تائين پهچي ٿو. حياتياتي لحاظ کان چمپنزيءَ جي انسان ۾ تبديل ٿيڻ مهل اهو واقعو پيش آيو ۽ انسانُ، حيوان کان ڌار ٿيو. نه ته چار عضوا حيوان توڻي انسان، ٻنهي کي آهن. رت جو رشتو، هاضمي جوسرشتو، تنتي سرشتو ۽ ٻيا سرشتا انسان ۽ حيوان ۾ ساڳيا ئي آهن. سندن بدني ڍانچو ۽ ان جون خصوصيتون به ساڳيون آهن، جبلتون به ساڳيون آهن – بک، ننڊ، ميلاپ جي ڇڪ، بچاءَ لاءِ خبرداري وغيره. ان حساب سان انسان ۽ حيوان ۾ فرق رڳو مغز جي ڪري آهي ۽ انهيءَ مغز جي بهتر استعمال وسيلي انسان شعور پاتو ۽ شعور ان کي گڏ رهڻ ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ جي واٽ ڏيکاري. ڪلچر انسان جي گڏجي رهڻ ۽ سندس گڏيل سماجي پورهيي جو نتيجو آهي، ان کي ٺهڻ ۾ هڪ يا ٻه سال نه پر هزارها ورهيه لڳا آهن.

هر اها ڳالهه، هر اهو ڪم، هر اها شيءِ، جيڪا انسان پنهنجي گڏيل سماجي جياپي لاءِ، سک لاءِ ۽ خوشيءَ لاءِ پيدا ڪئي آهي، ۽ قدرت جو جيڪو به سامان پيو آهي، جيئن مٽي آهي، پاڻي آهي ۽ اهڙيون ٻيون شيون، جن کي انسان سماجي بهتري ۽ فائدي لاءِ ڪتب آندو، ائين ڪنهن به حيوان يا ٻئي ساهواري نه آندو آهي. اهو سڀ ڪجهه انسان پنهنجي دماغ ۽ شعور وسيلي ڪري ڏيکاريو آهي، اهائي شيءِ، اهوئي عمل ۽ اهڙي عمل جو سلسلو به ڪلچر آهي. يعني قدرت جي پيل سامان مان جيڪا به شيءِ انسان، پنهنجي شعور، پورهيي ۽ گهرج جي نسبت ۾ کيڙي کنئي آهي ۽ جيڪا به شيءِ انسان گهِڙي ٺاهِي آهي. اها ڪلچر آهي. پنهنجي دماغ جي استعمال سان پنهنجيءَ ڀلائيءَ جي ڳالهه پيدا ڪرڻ ڪلچر آهي. مثال طور اوهين جيڪا لکڻي پڙهيو پيا، اها به پورهيي جي هڪ صورت آهي، اها لکڻي اوهان تائين پورهيي جي مختلف منظم مرحلن کان پوءِ اوهان تائين پهتي آهي. ٿوريءَ دير لاءِ، اوهين جنهن به جاءِ تي آهيو، دفتر ۾ آهي، گهر ۾ آهيو، ٻنيءَ تي آهيو، بزار ۾ آهيو، اسڪول ۾ آهيو، يونيورسٽيءَ ۾ آهيو، مل يا ڪارخاني ۾ آهيو، اتي هڪ پل لاءِ پنهنجي چوڌاري رڳو اک کڻي ڏسو، ڪيتريون ته گهڻيون شيون آهن، هر پاسي پکڙيل ۽ پکڙيل، اصل ڳڻپ کان ٻاهر، اهي سڀ شيون ۽ پڻ جنهن قلم ۽ ڪاڳر، جنهن کي آئون لکڻ لاءِ استعمال پيو ڪريان، اهي به شيون انساني پورهيي ۽ ان جي وڏائيءَ جون گواهه آهن ۽ اهي سڀ شيون انسان جي شعور جي پيداوار آهن. اهڙيءَ ريت هڪ قوم جي ايڪتا وارو مسئلو پڻ انهيءَ پورهيي ۽ انهيءَ شعور جهڙين عظيم وٿن سان ڳنڍيل آهي. ايڪتا جو بنياد واقعي به ڪلچر ئي آهي، پر ڪلچر جن بنيادي شين- پورهيي، شعور ۽ ارادي مان جنم وٺي ٿو، انهن ئي شين مان، ڪلچر جي محابي، قومي ايڪتا پڻ جنم وٺي ٿي. قومي ايڪتا تائين رسائيءَ لاءِ ڪلچر بنيادي وسيلو آهي.

ياد رکجي ته اسين گڏجي رهون ٿا، سماجي ڪم ڪار ڪريون ٿا، پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم ۽ فرض نڀايون ٿا، هڪٻئي سان گڏجي رهڻ ۾ ڪس ڪسر کان ڪم وٺون ٿا، سماجي رشتن ناتن جي فرمانبرداري ڪريون ٿا، هڪٻئي جون سماجي گهرجون پوريون ڪريون ٿا. اهڙيءَ ريت اسان جي هڪ گڏيل سماجي زندگي جنم وٺي ٿي، جنهن ۾ ڪم جي اخلاقيات جو احساس رکڻو پوي ٿو، ميٺاڄ ۽ محبت پيدا ڪرڻي پوي ٿي. اهي ۽ اهڙا ٻيا اڪيچار ڪم اسين ڪريون ٿا، پوءِ به اسان کي پنهنجي ڪلچر جي ڦهلاء لاءِ، ان جو شعوري اظهار لاءِ ڪنهن بنيادي ۽ اهم شيءِ جي گهرج بهرحال رهندي آهي. ڀلا اها شيءِ ڪهڙي آهي؟ اها شيءِ آهي ٻولي. اها ٻولي ئي آهي، جنهن وسيلي اسين هڪٻئي سان حالي احوالي ٿيون ٿا، ويچار ونڊيون ٿا، هڪٻئي کان ڳالهه سمجهي ۽ سمجهائي سگهون ٿا. اهائي ٻولي آهي، جيڪا اسان کي تعليم جي سلسلي ۾ ڪم اچي ٿي، ادب جي سلسلي ۾ ڪم اچي ٿي، هڪٻئي کان سکڻ ۽ سيکارڻ جي ڪم اچي ٿي. جيئن قومي ايڪتا لاءِ ڪلچر جو بنياد آهي، تيئن ڪلچر جو وڏي ۾ وڏو مک نشان ٻولي آهي ۽ ٻولي به اسان جي پنهنجي پيدا ڪيل آهي، انساني دماغ جي پيداوار آهي. هونءَ مختلف آواز ۽ اوناڙون جانور به ڪن ٿا، پر آواز کي باترتيب ۽ سنوت واري نموني بيهاري ٻوليءَ جو رنگ ڏيڻ ۽ انهيءَ ٻوليءَ کي وري لکت ۾ آڻڻ، سچ پچ به انساني دماغي صلاحيتن جو ڪمال آهي.

ٻوليءَ جي اوسر تي نظر وجهبي ته اها مختلف مرحلن مان گذري آهي. مختصر نموني ڳالهه ڪجي ته اوائلي پٿر واري زماني (10 لک کان هڪ لک ورهيه ق. م) ۾ انسان ڳالهائڻ سکيو. ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته ڳالهائڻ جي عمل جي ارتقا بنهه آهستي آهستي ٿي آهي. ڪيترائي جانور، ٻين جانورن کي خبردار ڪرڻ لاءِ مختلف آواز ڪڍندا هئا، انسان به انهن جي نقل ڪرڻ لڳو هوندو. شڪاري دور ۾ اهڙن مخصوص آوازن يا سرن کي پنهنجي فائدي ۾ ڪتب آڻيندو هوندو. اهڙن ئي آوازن ۽ سرن مان لفظ پيدا ٿيا ۽ نيٺ انسان روانيءَ سان ڳالهائڻ شروع ڪيو. اڄ اسان وٽ ٻوليءَ جون مختلف صورتون موجود آهن، هڪڙيون ٻوليون رڳو ڳالهايون وڃن ٿيون، جن کي ڳالهائجندڙ ٻوليون (Spoken Languages) چئجي، انهن کي پنهنجي ڪابه الفابيٽ ناهي هوندي، ان ڪري اهي لکت ۾ آيل نه آهن. ان کان سواءِ ٻيون ٻوليون لکتي ٻوليون (Script Languages) آهن، جيڪي ڳالهائجن به ٿيون ته انهن کي پنهنجي لپي به آهي. جڏهن ته ٽيون ٻوليون لکتي ڇپجندڙ ٻوليون (Script Print Languages) آهن، جيڪي ڳالهائجن به پيون، لکجن به پيون ۽ ڇپجڻ ۾ به اچن ٿيون. اسان جي سنڌي ٻوليءَ کي اهي ٽيئي امتياز ۽ اعزاز حاصل آهن، يعني اها ڳالهائجي پئي، لکجي به پئي ۽ ڇپجي به پئي.

مذهبي برادرين ۽ رومن شهنشاهت تائين توڻي زردشتي مذهبي اڀار جي زماني تائين ٻولي لکجڻ ۾ اچي چڪي هئي، پر اها پرنٽ نه ٿيندي هئي، ڇپائي ايجادن واري زماني جي ڳالهه آهي ۽ تاريخ جي حساب سان ويجهڙ جي ڳالهه آهي. انهيءَ کان سواءِ ٻوليءَ جو استعمال پرنٽ ميڊيا ۾ ٿيو ته ٻوليءَ جو سماجي ڪارج اڃا به وڌيو. اخبارون اچڻ لڳيون. اسان وٽ به انگريزن جي زماني ۾ سنڌي ٻوليءَ جي لپيءَ جي تيار ٿيڻ کان پوءِ اخبارون جاري ڪيون ويون ۽ اڄ ڏينهن تائين اهو سلسلو هلندو آيو آهي ۽ سنڌي پرنٽ ميڊيا گهڻي ترقي به ڪئي آهي، ان وسيلي ٻوليءَ جي گهرج ۽ اهميت جو دائرو اڃا به وڌيو آهي. اڄ معيار ۽ مقدار جي لحاظ کان اسان جون اخبارون ملڪ جي ٻين، انگريزيءَ توڻي اردوءَ ۾ ڇپجندڙ اخبارن کان گهٽ نه آهن. انهيءَ پرنٽ ميڊيا اسان کي ڪيترائي فائدا به ڏنا آهن. انهن وسيلي اسان جي قومي مسئلن کي اجاگر ڪيو ويو آهي، انهن وسيلي ماڻهن جا مسئلا پڻ عام ٿين ٿا، سنڌ جي رهندڙن کي هڪٻئي جي حالن احوالن کان واقفيت ملي ٿي ۽ اهي گهڻن مسئلن تي گڏجن به ٿا. اڄ اسان جي پرنٽ ميڊيا اسان جي قومي، ثقافتي، سڀيتائي، سياسي توڻي سماجي واقعن جو دستاويز آهي. اها پاڻ کي قوم جي ڀلائي ۽ گهڻگهرائيءَ جو اثرائتو ۽ سگهارو وسيلو ثابت ڪري رهي آهي. اسان پرنٽ ۽ پڻ اليڪٽرانڪ ميڊيا سنڌي قوم جي بي زبانيءَ ۽ بيوسيءَ لاءِ ڀرجهلو ثابت پئي ٿئي. سوا اها آهي ٻولي، جنهن جي اهميت بابت ٻه چار ڳالهيون ٿيون، ۽ ٻيو آهي وطن. اهي ٻئي شيون قوم جو اساس آهن.

انسان گهڻو ڏاهو آهي، اهو جيڪا به ڳالهه ڪري ٿو، جيڪا به وک کڻي ٿو ۽ جيڪو به عمل ڪري ٿو، ان ۾ سمجهداريءَ کان ڪم وٺي ٿو، ان ڪري هن پنهنجي پاڻ کي ٻولي ۽ علائقي جي بنياد تي مضبوط ڪيو ۽ گڏيل سماجي رهڻي ڪهڻيءَ وسيلي، پنهنجي چڱائي ۽ فائدي خاطر، ڪي خاص هڪجهڙايون پيدا ڪيون ۽ پنهنجي گڏيل سماجي زندگيءَ جي حفاظت ۽ جٽاداريءَ لاءِ ڪي خاص ۽ گڏيل قدم کنيا ۽ انهن قدمن جو صدين تائين پيروڪار رهيو، جنهن سبب ماڻهن جي مزاج ۾، هلت ۾، عمل ۾، رد عمل ۾، رويي ۾، سوچڻ ۾ ۽ ڳالهائڻ ۾ هڪجهڙائي ۽ يڪسرائي پيدا ٿي، ان جو نانءُ ئي ڪلچر آهي ۽ اهوئي ايڪتا جو اصل بنياد آهي.

جيستائين قوم هئڻ جو معاملو آهي ته اسين سنڌي دعوا سان چئون ٿا ته اسين قوم آهيون، ڇاڪاڻ ته اسان وٽ پنهنجو علائقو آهي ۽ پنهنجي ٻولي آهي. اسان وٽ تاريخي روايتون آهن، گڏيل سماجي قدر آهن ۽ مشترڪه معاشي مفاد آهن، اسان کي پنهنجيون طئه ٿيل جاگرافيائي حدون آهن، جيڪي مڃيل آهن، انهن حدن جي معاملي تان اسين وڙهيا آهيون. وطن تي سر ڏيڻ ۽ ان تان جان قربان ڪرڻ به فرض آهي ۽ لازمي فرض آهي. شروع ۾ ڪم جي اخلاقيات (work ethics) جي ڳالهه ڪئي سون. وطن جي حفاطت ۽ بچاءُ به ڪم آهي، سنڌ اسان سنڌين جي گهر آهي. پنهنجي گهر ۾ گهربل سامان آڻڻ به ڪم آهي، ان جي ڇنڊ ڦوڪ، ان جي ترتيب ۽ انتظام به ڪم آهي. پنهنجي گهر لاءِ کاڌو پيتو يا رزق پيدا ڪري، گڏجي کائڻ پيئڻ به ڪم آهي، اڃا به لازمي ڪم يعني فرض آهي. جيڪڏهن ڪوبه اسان جي انهيءَ گهر ۾ گهڙي اچي ته ان کان اهو پڇڻ فرض آهي ته: تون ڪير آهين، ڇو آيو آهين. جيڪڏهن گهر ۾ گهڙي ايندڙ جي نيت ۾ کوٽ يا پليتائي آهي ته ان کي تڙي ڪڍڻ به اسان جو فرض آهي. جيڪڏهن ڪابه طاقت اسان کي اهي فرض پورا ڪرڻ نٿي ڏئي، ته اها اسان جي دشمن آهي. ان سان پنهنجي گهر جي بچاءَ لاءِ مهاڏو اٽڪائڻو ئي آهي. نه ته اسان پنهنجو وطن وڃائي ويهي رهنداسين. سڀ ڳالهيون وطن جي هجڻ سان آهن. وطن پناهه آهي، اسان جي ڪلچر جي، اسان جي ٻوليءَ جي، اسان جي تاريخي روايتن جي. سڀ شيون علائقي جي هئڻ سان آهن ۽ جيڪڏهن اهو ويو ته سڀ ويو. وطن جي بقا ۽ ترقيءَ ۾ ڪنهن قوم جي مضبوط ارادي، لڳاتار محنت، اڻکٽ جستجو، مقصد ۾ چٽائي ۽ عمل ۾ سچائي ۽ ڪردار ۾ سورهيائپ جو وڏو عمل دخل هوندو آهي.

سڀ کان پهرين ڳالهه هيءَ آهي جو اسان ۾، هڪ قوم طور، اهڙي وٿ موجود نه آهي. انهيءَ جو مطلب اهو بلڪل به نه آهي ته اسين قوم نه آهيون. اسين قوم بلڪل آهيون، پر ورهايل آهيون، ڇروڇڙ آهيون، ان ڪري اسان هڪ قوم طور ورتاءُ نه پيا ڪريون، جنهن جي ڪري اسان جو قومي ڪردار نه جڙي سگهيو آهي. انهيءَ مامري تي، هونءَ گهڻو ئي لکيو ۽ بيان ڪيو ويو آهي، پر مختصر نموني اهوئي چئجي ته گڏيل هندستان جي ورهاڱي ۽ پاڪستان جي قيام کان پوءِ، وڏيءَ رٿابنديءَ سان اسان جي قوم تي حملو ڪيو ويو. اهو حملو ٻن بنيادي شين کسڻ لاءِ ڪيو ويو. هڪ اسان جي ايراضي ۽ ٻي اسان جي ٻولي. هڪ منظم سازش طور هتان سنڌي هندن کي لڏايو ويو، ۽ هندستان مان لڏي آيل مهاجرن کي، وڏي پئماني تي، اسان جي وڏن وڏن شهرن ۾ آباد ڪيو ويو ۽ اسان کي پنهنجي ايراضي ۽ علائقي، جنهن تي صدين کان وٺي اسان جي دعوا قائم هئي، ۾ ئي سوڙهي ڪرڻ ۽ اسان کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. انهيءَ ڏس ۾ پهرين وڏي ڪاهه طور، پاڪستان جي قيام کان ٻه سال پوءِ، اسان کان اسان جي راڄڌاني ڪراچي کسي، اها مرڪز جي حوالي ڪئي وئي. جڏهن ته ٻيو وڏو حملو اسان جي ٻوليءَ تي ڪيو ويو. 1951ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ کي ڪراچيءَ مان نيڪالي ڏيئي، ان جي جاءِ تي ڪراچي يونيورسٽي قائم ڪري، سنڌي ٻوليءَ کي يونيورسٽيءَ جي امتحانن ۾ جواب ڏيڻ جي تسليم ٿيل ذريعي واري حيثيت ختم ڪئي ويئي، جنهن کانپوءِ 1959ع ۾ قومي تعليمي ڪميشن رپورٽ ۾ سنڌي ٻوليءَ کي پرائمريءَ جي پنجن درجن تائين محدود رکڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي ۽ اڳتي لاءِ مسلط ٿيل اردو قومي ٻوليءَ ۾ سنڌي شاگردن کي تعليم پرائڻ جي سفارش ڪئي ويئي. انهيءَ رپورٽ جي بنياد تي اردو ٻوليءَ کي اسان جي ايراضيءَ جي عام مقبول ٻولي ٿيڻو هو. انهيءَ رپورٽ خلاف سنڌ جي گهڻگهرن ۽ ساڃهوندن مزاحمت ڪئي ۽ نيٺ 1962ع ۾ اهو فيصلو، سرڪاري سطح تي، ڪيو ويو ته سنڌي ٻولي انٽرميڊئيٽ جي سطح تائين تعليمي ذريعو رهندي، جيئن اها اڳ ۾، سنڌ ۾ رهندي پئي آئي آهي. انهيءَ کان پوءِ به سنڌي ٻولي، سنڌ ۾ محفوظ نه رهي ۽ نيٺ سرڪار 1972ع ۾ سنڌ کي ٻه ٻوليائي صوبو قرار ڏيندي، اردو ٻوليءَ کي سنڌي ٻوليءَ جيتري برابري ۽ حيثيت ڏني.

چوڻ جو مطلب اهو آهي ته بنيادي مسئلي کي سمجهجي، جن ماڻهن ايتري وڏي رٿابنديءَ سان، اسان جي ايراضي ۽ اسان جي ٻوليءَ تي حملا ڪيا، اهي ڪي بيوقوف نه هئا، انهن جي تاريخ تي نظر هئي ۽ انهن ڄاتو پئي ته سنڌ کي هڪ قوم طور ختم ڪرڻو آهي ته ان جي بنيادن کي ختم ڪيو وڃي. اڄ جي معروضي صورتحال هيءَ آهي ته سنڌ ۾، سنڌي ٻوليءَ سان اردو ۽ انگريزي ٻولي مهاڏو اٽڪايو بيٺي آهي ۽ تعليمي سرشتي ۾ اها سنڌي ٻوليءَ سان برابر جي شريڪ آهي، جڏهن ته ٻئي پاسي سنڌ جي وڏن شهرن تي غيرسنڌين جو قبضو آهي. ان ڪري، جيڪڏهن حقيقت پسنديءَ سان پنهنجي هاڻوڪي قومي حالت جو جائزو وٺجي ته اسان جي مخالفن ڪاميابيءَ سان اڳڀرائي ڪندي، ڪنهن حل تائين اسان جي ٻوليءَ ۽ ايرضيءَ کي نقصان رسائڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهن. ان کان سواءِ، ٻه ٻيون به ڳالهيون ٿيون آهن. هڪ هيءَ ته سنڌ مان سنڌي ٻوليءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ هتي تعليمي سرشتي کي پوريءَ طرح غيرفعال بڻايو ويو آهي. وڏن شهرن کي ڇڏي، باقي بچيل سنڌ، جنهن کي ڳوٺاڻي سنڌ جي ايذائيندڙ اصطلاح سان سڏيو وڃي ٿو، ۾ اسڪولن جي صورتحال رحم جوڳي بڻائي ويئي آهي. اها صورتحال به ڏاڍن پاران هيڻن مٿان حملي ڪرڻ ۽ انهن کي پستيءَ ۾ رکڻ واري وسيع رٿابنديءَ جو اهم حصو آهي. وقت جي واڳ ڌڻين ڪڏهن به نه چاهيو آهي ته باقي بچيل سنڌ ۾ تعليم کي هٿي وٺرائجي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ ڪنڊائتي ڪيل سنڌ جا ماڻهو پڙهي پيا، انهن کي لکڻ ۽ پڙهڻ اچي ويو، ته اهي سوچڻ به شروع ڪري ڏيندا ۽ ائين انهن جو استحصال ڪرڻ ممڪن نه رهندو. ٻي شيءِ هيءَ آهي ته انهيءَ باقي بچيل سنڌ جي نمائندگي هڪ خاص طبقي، جنهن ۾ سردار، نواب، جاگيردار ۽ وڏيرا وغيره شامل آهن، جي هٿ ۾ ڏني ويئي آهي. اهي سنڌ جا ۽ سنڌي قوم جا عيوضي آهن. اهي عيوضي به سنڌ مٿان مسلط ڪيا ويا آهن. عيوضائپ واري جمهوريت جا ڪجهه بنيادي اصول هوندا آهن، اهو طبقو انهن اصولن تي پورو نٿو لهي، اهو سنڌ جي عيوضائپ بدران سنڌ مخالف ڌرين سان ويهي، سنڌ جو سودو ڪري ٿو. هاڻي اسان اڳيان ٻي تصوير چٽي ٿي بيٺي ته باقي بچيل ٻولي ۽ باقي بچيل علائقي تي به سنڌ ۽ سنڌي عوام جي مرضي نه ٿي هلي. هيءَ هڪ مڪمل والار ۽ قبضي واري صورتحال آهي، جنهن مان سنڌي قوم کي نڪرڻو آهي ۽ ان کي ان مان عقل ۽ سمجهداري، همت ۽ سورهيائپ، ارادي ۽ حڪمت عمليءَ سان ٻاهر ڪرڻو آهي ۽ پنهنجي ٻوليءَ ۽ ايراضيءَ تي پنهنجي پوري دعو ابحال ڪرڻي آهي.

انهيءَ سڄي صورتحال ۾ اسان جي ڪامياب اڳڀرائيءَ جو سڄو دارومدار اسان جي قومي ايڪتا تي آهي ۽ قومي ايڪتا انهن ئي ماڻهن کي يڪ مشت ڪرڻ وسيلي عمل ۾ ايندي، جيڪي انهيءَ باقي بچيل سنڌ ۾ رهن ٿا، انهن غريب، مسڪين، پٺتي رکيل، وهمن جي ور چاڙهيل، غلام بڻايل، عوام کي جاڳائجي، خالص قومي جذبي جي بنياد تي، ڀلي اها خلق غير خوانده يعني اڻپڙهيل ئي هجي، پر ياد رکڻ کپي ته انهن وٽ هڪ شيءِ اڃا به محفوظ آهي. انسان جي حيثيت ۾ انهن وٽ انساني سمجهه جو هٿيار موجود آهي ۽ اهو گهڻو سگهارو هٿيار آهي. خواندگيءَ يا لکڻ پڙهڻ جي منظم سلسلي، انساني سمجهه کي پيدا نه ڪيو آهي، پر انساني سمجهه ئي خواندگيءَ جي خالق آهي، نه رڳو ايترو، پر اها انساني سمجهه (Human Intelligence) تهذيبن مٿان تهذيبن جي خلقڻهار رهي آهي، انهيءَ ئي ٻوليءَ جي ايجاد ڪئي آهي، انهيءَ ئي سائنس ۽ ايجادون پيدا ڪيون آهن ۽ اها پنهنجي پاڻ انسان جي جديد شعوري سرشتي جي خالق آهي. ان ڪري مايوس نه ٿيڻ کپي ته هيءَ غيرخوانده ۽ پٺتي پيل خلق ڇا ڪندي؟ اهائي سڀ ڪجهه ڪندي ۽ ڪري ڏيکاري، رڳو ئي رڳو انساني سمجهه جي آڌار تي، انهيءَ خلق کي هڪ قوم طور جاڳڻ ۽ هڪ قوم طور ورتاءَ ڪرڻ لاءِ اتساهجي، اهائي شيءِ انهن ۾ ايڪتا پيدا ڪندي ۽ انهن جي فخر لائق قومي ڪردار کي پورڻتا (Integration) بخشيندي.

مياڻي به مهڪي مڇيءَ ڇٽ ۾،

مسافر اهو آهه منهنجو وطن.

نه خسرو ڏٺو هو نه غالب ڏٺو،

غزل در غزل آهه منهنجو چمن.

اها سنڌ ڪعبو به، ڪاشي به آ،

چوي ڇا به ڪو شيخ يا برهمن.

انهيءَ تي اسان جي خدائي کٽي،

نه فردوس بهتر نه باغِ عدن.

جڏهن سنڌ تي سرمئي راتڙيون،

کسي ننڊ نيڻان اسان جي گگن.

انهيءَ لاءِ بنواس ڀوڳيون پيا،

انهيءَ سان اسان جو انوکو وچن.

(شيخ اياز)