رپڙي ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ، ننڊ سُتل نوجوان قتل

رپڙي :- رپڙي ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ، ننڊ سُتل نوجوان قتل، ڪچي واري علائقي گلوسيال ٿاڻي جي حد ڳوٺ ٻانھو فقير شنباڻي ۾ رات دير سان ھٿيار بندن ننڊ ستل ڳڀرو نوجوان جاويد احمد شنباڻي کي بندوق جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو آهي، حد جي پوليس گمبٽ اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائي نوجوان جو لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، مقتول جي امڙ کي بيھوشي جا دورا پوڻ لڳا، پوليس ۽ پيرِنِ ذريعي ڏوهارين جي ڳولا جاري آهي، مقتول جي چاچي آچر شنباڻي جو چوڻ هو ته ڪنهن سان دشمني ڪونهي، بيگناهه گهر ۾ ننڊ ستل نوجوان کي قتل ڪري ظلم ڪيو ويو آهي.