رياض: جمال خاشقجي جي پٽن، پيءُ جي قاتل کي معاف ڪرڻ ڇڏيو

رياض:-  ترڪي ۾ سعودي قونصل خاني مان اغوا کان پوءِ قتل ٿيل سعودي عرب جي صحافي جمال خاشقجي جي پٽن پنهنجي پيءُ جي قاتلن کي معاف ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. جمال خاشقجي جي پٽ صالح پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اسان شهيد والد جي قاتلن کي معاف ڪرڻ جو اعلان ڪيون ٿا، هن مقدس رات اسان جي ذهنن ۾ الله جي آيت آهي. صالح خاشقجي وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڪو شخص معاف ڪري ڇڏي ۽ مفاهمت ڪري ته ان جو اجر الله ڏيندو آهي. ياد رهي ته سعودي عرب جو صحافي جمال خاشقجي 2 آڪٽوبر 2018ع تي استنبول ۾ موجود سعودي قونصل خاني مان گم ٿي ويو هو جنهن کان پوءِ هن کي قتل ڪرڻ جي تصديق ٿي هئي.