رياستي ادارن ھٿان جبري طور کنڀي گم ڪيل محفوظ نوتڪاڻي سميت سمورن گم ڪيلن ڪارڪنن جي آزادي لاءِ 113ھين ڏينهن به احتجاج

 گولاڙچي:- رياستي ادارن ھٿان جبري طور کنڀي گم ڪيل محفوظ نوتڪاڻي، بشير شر، عاقب چانڊيو، غلام رسول شر سميت سمورن گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي آزادي جي لا۽ اڄ 113ھين ڏينهن به محفوظ نوتڪاڻي جي وارثن پاران گولاڙچي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو