روس ۽ سعودي عرب ڪچي تيل جي تيزي سان ڪرندڙ اگهن سبب پيداوار ۾ گهٽتائي جي نئين معاهدي تي راضپو ظاهر ڪيو آهي

بيونس آئرس (پرڏيهي ڊيسڪ) روس ۽ سعودي عرب ڪچي تيل جي تيزي سان ڪرندڙ اگهن سبب پيداوار ۾ گهٽتائي جي نئين معاهدي تي راضپو ظاهر ڪيو آهي. اهو راضپو بيونس آئرس ۾ جاري جي 20 ملڪن جي سربراهي ڪانفرنس جي موقعي تي روس جي صدر ولاديمير پيوٽن ۽ سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان وچ ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه دوران ظاهر ڪيو ويو. ملاقات کانپوءِ روس جي صدر ولاديمير پيوٽن پنهنجي جاري بيان ۾ چيو ته سندس شهزاده محمد بن سلمان سان ڪچي تيل جي پيداوار ۾ گهٽتائي جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه سٺي رهي ۽ ٻنهي ملڪن جي قيادت ۾ تيل جي عالمي مارڪيٽ ۾ تيزي سان ڪرندڙ قيمتن سبب ان جي پيداوار ۾ گهٽتائي ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي، جنهن تي اوپيڪ جي ايندڙ اجلاس ۾ غور ڪرڻ جو امڪان آهي.