رات 8 وڳي کانپوءِ ڪنهن کي به روڊن تي اچڻ جي اجازت نه هوندي: گهرو کاتو

ڪراچي: سنڌ حڪومت ڪورونا وائرس جي روڪٿام لاءِ لاڪ ڊائون وڌيڪ سخت ڪري ڇڏيو اهي. جنهن تحت رات 8 وڳي کانپوءِ ڪنهن کي به روڊن تي اچڻ جي اجازت نه هوندي، جڏهن ته صرف اسپتالن جي ويجهو واقع ميڊيڪل اسٽور کي کليل رکي سگهجي ٿو.ان حوالي سان سنڌ جي گهرو کاتي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب اڄ کان 13 ڏينهن جي لاءِ صوبي ۾ رات 8 وڳي کان صبح 8 وڳي تائين کائڻ پيئڻ جون شيون ۽ ريزڪي دڪان به بند رهندا، جڏهن ته اسپتال 24 ڪلاڪن تائين ڪم ڪندا رهندا، جڏهن ته رڳو اسپتالن جي ويجهو واقع ميڊيڪل اسٽورز کي ئي کولڻ جي اجازت هوندي.سنڌ جي گهرو کاتي موجب رات 8 وڳي کان صبح 8 وڳي تائين ڪنهن کي به روڊ تي اچڻ جي اجازت نه هوندي. رڳو طبي ضرورت تي مريض کي اسپتال کڻي وڃي سگهجي ٿو.نوٽيفڪيشن موجب سڀني گهٽين، پاڙن، بازارن ۾ رات 8 وڳي کانپوءِ ڪنهن به قسم جي ڪاروبار جي اجازت نه هوندي.سنڌ جي گهرو کاتي موجب سڀئي فيڪٽريون به 13 ڏينهن تائين بند رهنديون، جڏهن ته کائڻ پيئڻ جون شيون ٺاهيندڙ فيڪٽرين کي ڪم ڪرڻ جي اجازت هوندي، جڏهن ته دوائون ٺاهيندڙ فيڪٽريون به ڪم جاري رکي سگهنديون. گهرو کاتي جو چوڻ آهي ته خلاف ورزي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.