دهشتگردي جا قلم ڪهڙي قانون تحت هنيا ويا آهن: چيف جسٽس گرفتار ٿيل 23 ڄڻن جي ضمانت منظور

اسلام آباد:- اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پشتون تحفظ موومنٽ جي سربراهه منظور پشتين جي گرفتاري خلاف احتجاج ڪرڻ تي گرفتار ڪيل ڪارڪنن کي گرفتاري کان پوءِ واري ضمانت ڏئي ڇڏي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله پشتون تحفظ موومنٽ ۽ عوامي ورڪرز پارٽي (اي ڊبليو پي) سان تعلق رکندڙ 23 ڪارڪنن جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران عدالت جي چيف جسٽس اسلام آباد پوليس جي سربراهه جي عدالت ۾ غير حاضري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.چيف جسٽس پڇيو ته آءِ جي ڪٿي آهي هن کي گهرايو هو، جنهن تي ڊي آءِ جي عدالت کي ٻڌايو ويو ته هو موڪل تي آهي.چيف جسٽس اطهر من الله ڊپٽي ڪمشنر کي مخاطب ڪندي ريمارڪس ڏنا ته اسان کي توهان مان ۽ موجوده حڪومت مان اِها اُميد نه هئي، ڇا توهان ايف آءِ آر پڙهي آهي، دهشتگردي جا قلم ڪهڙي قانون تحت هنيا ويا آهن.هن ريمارڪس ڏنا ته عدالت عظميٰ جو فيصلو موجود آهي جنهن ۾ دهشتگردي جي تعريف بيان ڪئي وئي آهي.چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته توهان رياست جي نمائندگي ڪري رهيا آهيو ۽ رياست جو ڪم ماڻهن جي حفاظت ڪرڻ آهي، توهان ڪنهن جي محب وطن هئڻ تي ڪيئن ٿا شڪ ڪري سگهو؟ٻڌڻي دوران سندس وڌيڪ چوڻ هو ته توهان کي ڇا ٿو لڳي ته آئيني عدالتون ان معاملي تي اکيون بند ڪنديون، ان ڪيس جي تهه تائين وينداسين، جيڪڏهن حڪومت ڪجهه غلط ڪيو آهي ته ان کي مڃو.بعد ۾ چيف جسٽس چيو ته ڊي سي، توهان ۽ آءِ جي گڏجي ويهي ان معاملي کي ڏسو، هڪ هفتي جو  وقت ڏئي رهيو آهيان ان معاملي کي ڏسي رپورٽ جمع ڪرايو.جنهن سان گڏوگڏ ئي عدالت سمورن جوابدارن جي گرفتاري کان پوءِ واري ضمانت جي درخواستمنظور ڪندي سمورن جوابدارن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ۽ ڪيس جي ٻڌڻي هڪ هفتي جي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.