دنيا ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 3 هزار فوتگيون: 77 هزار نوان ڪيس

واشنگٽن :- دنيا ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 3 هزار ماڻهن جي فوت ٿيڻ بعد قاتل وبا سبب حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 395000 ٿي ويو، جڏهن ته 77 هزار نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد وائرس متاثرن جو انگ 6769600 کان وڌي ويو آهي. آمريڪا ۾ 446 ماڻهن جي فوت ٿيڻ بعد فوتگين جو انگ110619 ۽ 10 هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد وبا متاثرن جو انگ 1934276 تي پهچي ويو آهي. برازيل ۾ پوڻا 2 سئو ماڻهن جي فوت ٿيڻ بعد فوتگين جو انگ 34212 ۽ 6 هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد وبا متاثرن جو انگ 621877 ٿي ويو. روس ۾ 150 ماڻهن جي فوت ٿيڻ بعد فوتگين جو انگ 5528 ۽ پوڻا 9 هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد وبا متاثرن جو انگ 449834 تي پهچي ويو.