دنيا ۾ ڪورونا وگهي فوتين جو انگ 5 لک 13 هزار کان وڌي ويو

بيجنگ:-  دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب فوت ٿيلن جو انگ پنج لک 13 هزار کان وڌي ويو، وڌيڪ نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ سبب هڪ ڪروڙ 5 لک 83 هزار کان وڌيڪ متاثر، آمريڪا ۾ وڌيڪ 753 ڄڻا فوت، فوتين جو انگ هڪ لک 30 هزار کان مٿي، برازيل ۾ وڌيڪ 1271 ڄڻا حياتي وڃائي ويٺا، فوتين جو انگ 59 هزار کان وڌي ويو، روس ۾ وڌيڪ 154 ڄڻا فوت، فوتين جو انگ 9 هزار کان وڌي ويو، ڀارت ۾ وڌيڪ 506 ڄڻا اجل جو شڪار، فوتين جو انگ 17 هزار کان به وڌي ويو، ميڪسيڪو ۾ وڌيڪ 648 ڄڻا اجل جو شڪار، فوتين جو انگ 27 هزار 769 ٿي ويو، ايران ۾ به وڌيڪ 147 ڄڻا فوت، فوتين جو انگ 10 هزار 817 ٿي ويو