دنيا ۾ ڪورونا وگهي حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 59 هزار ٿي ويو

نيويارڪ:- سڄي دنيا ۾ ڪورونا وگهي حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 59 هزار ٿي ويو، جڏهن ته عالمي وبا جي متاثرن جو انگ 11 لک 17 هزار کان وڌي ويو آهي. ڪورونا وائرس سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيل آمريڪا ۾ وڌيڪ 314 ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ انگ 2 لک 77 هزار 475 تي پهچي ويو آهي، جڏهن ته وڌيڪ 10 ماڻهن جي فوت ٿيڻ کانپوءِ حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 7 هزار 402 ٿي ويو آهي . اٽليءَ ۾ 14 هزار 681 ماڻهو ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي چڪا آهن ۽ متاثر جو انگ هڪ لک 19 هزار 827 آهي. اسپين ۾ ڪورونا وائرس 11 هزار 198 ماڻهن جون جانيون ڳڙڪائي چڪو آهي، جڏهن ته ملڪ ۾ متاثرن جو انگ هڪ لک 19 هزار 199 آهي . جرمني ۾ ڪورونا وائرس جي متاثرن جو انگ 91 هزار 159 آهي، جڏهن ته هڪ هزار 275 ماڻهو حياتيون وڃائي چڪا آهن. فرانس ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 82 هزار 165 ۽ فوت ٿيلن جو انگ 6 هزار 507 آهي، جڏهن ته چين ۾ وڌيڪ 19 ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ متاثرن جو انگ 81 هزار 639 ۽ وڌيڪ چئن ماڻهن جي فوت ٿيڻ کانپوءِ حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 3 هزار 326 تي پهچي ويو آهي. ايران ۾ ڪورونا وائرس جو شڪار ٿيلن جو انگ 3 هزار 294 ۽ متاثرن جو انگ 53 هزار 183 آهي، جڏهن ته برطانيا ۾ متاثرن جو انگ 38 هزار 168 ۽ حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 3 هزار 605 آهي. بيلجيم ۾ قاتل وبا هن وقت تائين هڪ هزار 143 ماڻهن جون حياتيون ڳڙڪائي چڪي آهي، جڏهن ته متاثرن جو انگ 16 هزار 770 آهي.