دنيا جي ٻئين وڏي ملڪ ڀارت ۾ ڪورونا وائرس کان بچڻ جي لاءِ دڪاندارن ماڻهن ۾ فاصلو رکڻ جو حل ڪڍي ڇڏيو

ممبئي:- آبادي جي لحاظ سان دنيا جي ٻئين وڏي ملڪ ڀارت ۾ ڪورونا وائرس کان بچڻ جي لاءِ 24 مارچ کان 21 ڏينهن لاءِ لاڪ ڊائون شروع ڪيو ويو.ان کان اڳ ملڪ ۾ 22 مارچ تي 14 ڪلاڪن جو ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو هو. جڏهن ته 23 مارچ تي 80 ضلعن ۾ ڪرفيو لڳايو ويو هو کائڻ پيئڻ جي شين جي خريداري لاءِ دڪانون کليل رکڻ جي اجازت ملڻ کان پوءِ امڪان هو ته دڪانن تي ماڻهن جي رش ٿيندي ان لاءِ اتي دڪاندارن حفاظتي قدم کڻندي ماڻهن ۾ فاصلو رکڻ جو حل ڪڍي ورتو.ڀارتي خابرو اداري اين ڊي ٽي وي موجب ملڪ جي ڪيترن ئي شهرن  مان سامهون ايندڙ تصويرن ۽ وڊيوز ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته مقامي دڪاندارن ماڻهن ۾ فاصلو رکڻ جو حل ڪڍندي دڪان جي ٻاهران گول دائرا ۽ ان دائرن ۾ 3 کان 4 فٽ جو فاصلو رکيو آهي. سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ تصويرن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته راشن ۽ کير جي دڪانن سميت ٻين دڪانن جي ٻاهران 3 کان 4 فٽ جي فاصلي تي سرڪل ٺاهيا ويا آهن جتي ماڻهو خريداري ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي واري جو انتظار ڪري رهيا آهن.