دادلغاري جو گُم ٿيل هندو نوجوان مڌن لعل جو ڪو به ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو امڙ کي بيهوشي جا دورا

ميرپور ماٿيلو:- دادلغاري جو گُم ٿيل هندو نوجوان مڌن لعل جو ڪو به ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو، جنهن سبب نوجوان مڌن لعل جي امڙ کي بيهوشي جا دورا پئجي رهيا آهن، جڏهن ته نوجوان جا سمورا گهر ڀاتي سخت پريشاني واري حالت ۾ آهن. گهر ڀاتي پنهنجي جگر جي ٽڪڙي کي ساريندي حال هيڻا ڪري ڇڏيا آهن ۽ نوجوان جي گُم هجڻ کان پوءِ سندس گهر جو چلهو نه ٻري سگهيو آهي. نوجوان مڌن لعل جي ڳولا لاءِ داد لغاري ٿاڻي جي پوليس توڙي ضلعي انتظاميه به ڪي به جوڳا قدم ناهن کنيا، نوجوان جو پيرسن پيءُ استاد چيتن داس پنهنجي جگر جي ٽڪڙي کي ڳولڻ لاءِ رات ڏينهن هڪ ڪري ڇڏيو آهي ۽ نوجوان مڌن لعل جي گهر ۾ پوڄا پاٺ پُڻ جاري آهي. ان حوالي سان استاد چيتن داس رابطي ڪرڻ تي ميڊيا کي ٻڌايو ته منهنجي جگر جو ٽڪڙو نوجوان مڌن لعل جي گُم ٿيڻ کي 4 ڏينهن گذري چڪا آهن پر نوجوان ناهي ملي سگهيو ۽ انتظاميه به اسان جي مدد نه ٿي ڪري.هن چيو ته اسان غريب آهيون اسان پنهنجي مدد پاڻ تحت پنهنجي جگر جي ٽڪڙي کي ڳولي رهيا آهيون، هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي کان مطالبو ڪيو ته نوجوان جي ڳولا لاءِ اسان جي مدد ڪئي وڃي ته جيئن نوجوان جلدي اسان کي ملي سگهي.