خيرپور لڳ کجور منڊي جو واپاري هٿياربندن هٿان گوليون هڻي قتل

 خيرپور :-  اي سيڪشن ٿاڻي جي حد کجور منڊي جي واپاري راجيش ڪمار کي نامعلوم ماڻھون گوليون ھڻي قتل ڪري  فرار ٿي ويا   ڀرپاسي جي ماڻھن پوليس کي اطلاع ڏنو پوليس زخمي کي سول اسپتال پھچائي رھي ھئي ته سندس رستي تي دم ڏئي ڇڏيو، پوليس جو چوڻ هو ته نامعلوم ماڻھن جي جاچ ڪري رھيا آھن جلد گرفتار ڪيا ويندا پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويندو.