خيرپورناٿن شاھ ڀرسان ڳوٺ باغائي چانڊيو وٽان گوليون لڳل لاش ھٿ

خيرپورناٿن شاهه :- خيرپورناٿن شاھ ڀرسان ڳوٺ باغائي چانڊيو وٽان گوليون لڳل لاش ھٿ،پوليس پاران ڦورو قرار، پوليس جو چوڻ آهي ته رات دير سان ڦورو ڳوٺ ڪنيارا جي رهواسي راجا لاکير ۽ سندن دوست کان ڦر جي ڪوشش ٿي، مزاحمت تي هڪ ڦورو مارجيويو، جنهن جي سڃاڻپ عارب ڀرڳڙي نالي سان ٿي.