best apps to do your homework need homework helper purdue university mfa creative writing is a research paper written in first person help writing ucas personal statement creative writing masters programs uk masters in creative writing texas best cv writing service uk reviews pay someone to do homework reddit creative writing monologue prompts creative writing on graduation day write my essay paypal

خرابي جمهوريت ۾ نه، ڪردارن ۾ آهي:-ليکڪ انعام ڀٽي

سئٽزرلينڊ جي فيلسوف جين جيڪئز روسو چيو ” انسان ڄائو ته آزاد آهي، پر هر هنڌ هو زنجيرن ۾ جڪڙيل آهي” انهي تصور کي انهي ڪري پيش ڪيو ويو ته جيئن انسان جي پيدائشي آزادي جي حق کي تسليم ڪيو وڃي. انهي آزادي جي حق کي تسليم ڪندي جڏهن سڌريل سماجن جي اڏاوت ڪرڻ جو دور آيو ته انهي ۾ سڀ کان اهم ڳالهه جيڪا محسوس ڪئي وئي اهو هيو انسانن جي وچ ۾ هڪ سماجي معاهدو جنهن تحت سڀ انسان هڪ ملڪ ۾ گڏجي آزاد زندگي گذاري سگهن ۽ پنهنجي آزاد راءِ جو اظهار ڪندي پنهنجو اختيار به استعمال ڪري سگهن . اهڙي ئي ڪنهن سماجي معاهدي کي جنهن تحت عوام پنهنجو اختيار استعمال ڪندي حڪمران چونڊي سگهن انهي عمل کي قانوني سياسي اختيار چيو وڃي ٿو. ڪنهن به ملڪ جي اندر ڪو به سياسي نظام جيڪو ڪثيرالتعداد ماڻهن جي آزاد راءِ جي اختيار سان جوڙيو ويو هجي انهي سماجي معاهدي کي جمهوري نظام چئجي ٿو ۽ پاڪستان به اهڙي ئي هڪ معاهدي تحت 1973ع جي آئين مطابق اسلامي جمهوريا پاڪستان سڏجي ٿو. جمهوريت آهي يا ناهي اسلام مطابق ملڪ هلي ٿو يا نه ٿو هلي اهو هڪ الڳ بحث آهي، پر آئين ۾ اهو سڀ ڪجهه لکيل ضرور آهي جيڪو هن ملڪ جي اندر رهندڙ سڀني شهرين جي وچ ۾ هڪ دستوري معاهدو آهي. اهڙي ئي ڪنهن سماجي معاهدي کي ٽوڙڻ واري جي خلاف وري روسو ئي سخت راءِ رکندي چوي ٿو ته جيڪو به فرد انهي معاهدي کي ٽوڙي اهو ڦاسي جي لائق آهي. ڪنهن به ملڪ جي حڪمراني انهي آئين ۽ قانون تحت ملڪ کي هلائڻ جي اختيار جو نالو آهي. اهو حڪمراني جو اختيار جمهوري ، بادشاهت ۽ آمريت طرز جو هجي ٿو. هر هڪ طرز حڪمراني جا پنهنجا پنهنجا دور گذريا آهن انسان جي شعوري ارتقا جي نتيجي ۾ سماج ترقي ڪندا جديد کان جديد نظام جي تخليق ڪندا رهيا آهن. انهي هر جديد سماجي معاهدي جو بنيادي مقصد انسان جي خوشحالي، امن ۽ آزادي هجي ٿو، پر ساڳين ئي طرز حڪمراني جي نقصن جي ڪري ڪيترائي ملڪ خوشحالي، امن ۽ آزادي مهيا ڪرڻ جي بجاءِ انساني بک بدحالي، بدامني ۽ غلامي جو ڳڙهه بڻيل رهن ٿا. ڪٿي بادشاهت بهتر پئي ڪم ڪري ته ڪٿي جمهوريت جنجال بڻيل آهي. اهڙي ئي جمهوري نظام جي طرز حڪمراني ۾ بهتر نتيجا نه ڏئي سگهندڙ پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان چيوآهي ته ”جمهوريت جي خرابي اها آهي جو هر پنجين سال حڪمران تبديل ٿي وڃي ٿو“ مطلب ته سندس خواهش آهي جمهوريت نه هجي ۽ هن کي هڪ تمام ڊگهي مدت لاءِ ملڪ جون واڳون ڏئي ڇڏجن ته پوءِ هو ڪا تبديلي آڻي سگهي ٿو جنهن جو هو هر وقت نعرو هڻدو رهندو آهي ته ”تبديلي آنهين رهي تبديلي آگئي هئي“ . اها ڪهڙي تبديلي آهي جنهن ۾ ملڪ جو آئين قانون ۽ طرز حڪمراني جو دستور قبول نه ٿو هجي؟ انهي تبديلي جا خواب ڏسندڙ شايد اهو سوچي رهيا آهن ته جمهوري نظام ئي ڪنهن بهتري جي آڏو وڏي رڪاوٽ آهي، پر کين اها خبر هجڻ گهرجي ته جمهوري عمل جي آڏو رڪاوٽ ئي ملڪ جي درست سمت ۾ وڃڻ آڏو هڪ وڏي ديوار آهي. اها جمهوريت جي خرابي ناهي جو حڪمران هر پنجين سال تبديل ٿين ٿا اها ته جمهوريت جي بهتري آهي ته هر پنجن سالن بعد جمهوري عمل وسيلي عوام کي اهو آزادي راءِ جي اظهار ڪرڻ جو اختيار ملي ٿو ته هو ڪنهن کي پنهنجو نمائندو منتخب ڪن. خرابي ته انهن چونڊيل نمائندن طرفان جوڙيل حڪومت ۽ حڪمرانن جي آهي جيڪي پنجن سالن جي اندر ڪجهه به ڪري ڪونه ٿا سگهن. انهن جي اهليت انهي قابل ئي ناهي جو هو ڪا رٿا ڪري ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي سان گڏوگڏ انهي ملڪ کي آزاد خودمختيار ۽ مستحڪم بڻائي سگهن. جيڪڏهن جمهوريت جي اها خرابي هجي ها ته پوءِ ملائيشيا جهڙو ملڪ ترقي ڪري دنيا جي خوشحال ملڪن ۾ شامل نه ٿي سگهي ها ۽ وري خرابي جيڪڏهن بادشاهت واري طرز حڪمراني ۾ هجي ها ته عرب عمارات تيزي سان ترقي ڪري دنيا جي نقشي تي نمايان نه بنجي سگهي ها. خرابي ته انهن ماڻهن ۾ آهي جيڪي اقتدار جي مسند تي ويهڻ بعد يا ته با اختيار نه ٿا هجن باصلاحيت نه ٿا هجن يا وري ايماندار ۽ باڪردار نه ٿا هجن. اڄ ڏينهن تائين هن ملڪ جي حڪمرانن اهو طئي ڪونه ڪيو آهي ته ملڪ جو اختيار عوام جي حوالي ڪرڻو آهي يا انهي کي چند ادارن جي اختيار ۾ ڏئي سوگهو ڪري هلائڻو آهي؟ جمهوريت جو سڀ کان اهم پاسو اهو هوندو آهي ته اوهان ووٽ جي عمل کي ايترو ته خودمختيار ۽ آزاد ڇڏيو جو ووٽر اهو خود محسوس ڪري ته هن جي ووٽ جي ئي بدولت ملڪ جون حڪمرانيون جڙنديون ۽ ٽٽنديون، پر جڏهن ووٽ ڏيندڙ کي ۽ ووٽ وٺندڙ ٻنهي کي اها خبر هجي ته ملڪ جي حڪمراني ۽ واڳ اصل ڌڻين وٽان ڪنهن معاهدي تحت ملندي ته پوءِ اهو ملڪ لولو لنگڙو ۽ اپاهج ئي هوندو، انهي ملڪ جي نظام کي حقيقي جمهوري ملڪي نظام نه ٿو چئي سگهجي. جمهوريت کي پنهنجي آڏو رڪاوٽ سمجهندڙ سڀني حڪمراني جي خواهش رکندڙن جي اها نيت رهي آهي ته کين ملڪ ڪنهن تمام ڊگهي عرصي لاءِ انهن جي قبضي ۾ هجي ته پوءِ هو ڪجهه بهتر تبديليون آڻي سگهندا، پر ماضي جي تاريخ شاهد آهي ته پاڪستان ۾ آمريت جي هر دور جي مدت پنجن سالن کان مٿي رهي آهي تنهن هوندي به انهن ملڪ کي مضبوط ڪرڻ بجاءِ ڪمزور ڪيو. اڄ به ممڪن آهي ته ڪنهن کي وري اها خواهش جاڳي هجي جنهن جي نيت هجي ته کيس ملڪ ٺيڪي تي ڊگهي مدت لاءِ ڏنو وڃي ته پوءِئي بدديانتي لٽ مار ناانصافي ڏاڍ جبر ختم ٿي سگهندو، پر ايئن آهي ڪونه. هن ملڪ جي خراب حڪمراني جو سبب جمهوري عمل نه آهي پر انهي جمهوري عمل ۾ مداخلت ۽ انهن ماڻهن کي اختيار ڏيڻ آهي جن ۾ ڪنهن به قسم جي قائداڻي صلاحيت ڪونهي. هتي اڪثر حڪمراني انهن جي حوالي ڪئي وئي آهي جيڪي پرورده ۽ سندن تربيت يافتا هجن. ڪنهن به اهل قابل ۽ باڪردار جي حوالي اقتدار ڪرڻ کان هميشه انڪار ڪيو ويو آهي. اهو هڪ مڃيل اصول آهي ته ڪو به جي حضوري ڪندڙ پڇ لٽڪائو ڪڏهن به قابل اڳواڻ نه ٿي سگنهدو آهي. خرابي نه جمهوريت جي آهي نه هر پنجين سال حڪومت تبديل ڪرڻ واري عمل جي، پر خرابي انهي سوچ جي آهي جنهن ۾ هن ملڪ جي اندر رهندڙ ڪنهن به فرد تي اعتبار نه ٿو ڪيو وڃي ته متان انهي جي آزاد راءِ جي اختيار سان ڪو صحيح باصلاحيت ۽ ارڏو حڪمران چونڊجي نه اچي!. ٻي خرابي انهن چونڊجي ايندڙ حڪمرانن جي آهي جن کي اها خبر نه ٿي پوي ته ملڪ مستقبل جي رٿائن جي تشڪيل ڏيڻ سان ۽ ماضي مان سبق پرائڻ سان هلندا آهن نه ڪي ماضي جي معاملن تي رڳو رڙيون ڪرڻ ۽ تاحيات حڪمراني جي خواهش رکڻ سان. جنهن ملڪ ۾ ادارا پنهنجي پنهنجي دائري ۾ رهي پنهنجو فرض سرانجام نه ڏيندا هجن، هڪ ادارو ٻئي ۾ مداخلت ڪري ۽ ووٽ جي طاقت کي ڪنهن اداري جي لاءِ خطرو تصور ڪيو وڃي اهڙي ملڪ۾ ڪڏهن به ڪا تبديلي ڪونه اچي سگهندي آهي. اهڙا ملڪ چند فردن جي مفادن جي پورائي ۽ انهن جي خوشحالي جو سبب بڻجندا آهن