خانپور مهر لڳ زيادتي جو نشانو بڻيل ناري سان رپورٽ ۾ لڄالٽ جي تصديق

خانپور مهر :- خانپورمهر ويجهو ڳوٺ ڀيٽور ۾ وحشي جوابدارن هٿان ڏاڍائي جو شڪار ناري روينا ميگهواڙ سان زيادتي جي تصديق، ناري روينا ميگهواڙ جي ميڊيڪل رپورٽ ۾ ڏاڍائي جي تصديق ڪئي وئي آهي، تعلقي اسپتال گهوٽڪي جي ڊاڪٽرياڻي پاران جاري ڪيل رپورٽ موجب ناري روينا سان ڏاڍائي جي تصديق ٿي آهي: ناري جو وڪيل، ناري روينا جي ميڊيڪل رپورٽ اچي وئي آهي، وڪيل پرديپ چوهاڻ: خبرموجب خانپورمهر ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ ڀيٽور شريف ۾  جوابدارن هٿان نشو ڏئي زيادتي جو نشانو بڻيل هندو مينگهواڙ ناري روينا ڌي ڪانجهي ميگهواڙ جي ميڊيڪل رپورٽ ۾ به ساڻس زيادتي جي تصديق ٿي وئي آهي، خانپورمهر پوليس پاران ناري روينا ميگهواڙ جو گهوٽڪي جي تعلقي اسپتال مان ڪرايل ميڊيڪل جي آيل رپورٽ مطابق ساڻس زيادتي ٿيڻ جي تصديق ٿي، ناري جي ميڊيڪل ڪندڙ ڊاڪٽرياڻي نسرين نواز اهڙي رپورٽ پڌري ڪئي آهي، جنهن جي تصديق ڪندي ناري روينا ميگهواڙ جو ڪيس مفت ۾ وڙهندڙ وڪيل ايڊوڪيٽ پرديپ چوهاڻ ٻڌايو ته ناري جي پڌري ٿيل رپورٽ ۾ ساڻس زيادتي جي تصديق ٿي وئي آهي، هن چيو ته جوابدارن کي ڪيل جرم جي سزا هر حال ۾ ڏياري ويندي، ھوڏانھن خانپورمهر پوليس پاران گرفتار ڪيل ٻنهي جوابدار انڌر ۽ ڪامون ميگهواڙ جو پوليس ٻن ڏينهن جو ريمانڊ وٺي ڇڏيو آهي، جيڪي خانپورمهر پوليس جي تحويل ۾ آهن،هوڏانهن زيادتي جو شڪار ناري جي حالت بدستور خراب آهي جيڪا پنهنجي گهر ۾ زير علاج آهي