حڪومت پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: وفاقي حڪومت نومبر مهيني جي لاءِ پيٽروليم اسمن جي قيمتن ۾ ردوبدل جو نوٽيفيڪشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.جنهن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ هڪ رپيو في ليٽر اضافو ڪيو ويو آهي. پيٽرول جي نئين قيمت 114 رپيا 24 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي.ناڻي واري وزارت جي طرفان جاري نوٽيفڪيشن موجب هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 27 پئسا في ليٽر اضافو ڪيو ويو آهي. جنهن کانپوءِ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي نئين قيمت 127 رپيا 41 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي.ان کانسواءِ گاسليٽ جي قيمت ۾ في ليٽر 2 رپيا 39 پئسا گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ گاسليٽ جي نئين قيمت 97 رپيا 18 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي.لائيٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 6 رپيا 56 پئسن جي گهٽتائي ڪئي وئي آهي. جنهن کانپوءِ لائيٽ ڊيزل جي نئين قيمت 85 رپيا 33 پئسا في ليٽر ٿي ئي آهي. نوٽيفيڪشن موجب پيٽروليم اسمن جي نئين قيمتن جو نفاذ اڄ رات 12 وڳي ٿي ويندو.