حڪومت پاران ڪورونا وائرس ۽ مهانگائي سٽيل عوام تي پيٽرول بم ڪيرائڻ جون تياريون مڪمل ڪري ورتيون

ڪراچي := حڪومت پاران ڪورونا وائرس ۽ مهانگائي سٽيل عوام تي پيٽرول بم ڪيرائڻ جون تياريون مڪمل ڪري ورتيون.  وفاقي سرڪار پهرين ڊسمبر کان پيٽرول 2 رپيا 50 پئسا ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 3 رپيا في لٽر تائين واڌ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي. اوگرا پهرين ڊسمبر کان 15 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ ڦير ڦار جي سمري پيٽروليم ڊويزن ڏانهن اماڻي ڇڏي، حتمي منظوري وزير اعظم عمران خان ڏيندو.