حڪومت پاران جعلي ڊگرين وارا پائليٽ برطرف ڪري فوجداري ڪيس داخل ڪرڻ جو اعلان

راولپنڊي:- هوابازي واري وزير غلام سرور خان چيو آهي ته جعلي ڊگريءَ وارا پائليٽ برطرف ٿيندا ۽ مٿن فوجداري ڪيس داخل ڪيا ويندا، جڏهن کان جمهوريت بحال ٿيڻ شروع ٿي ادارا تباهه ٿيڻ شروع ٿيا. راولپنڊي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي غلام سرور خان چيو ته پي آءِ اي جهاز حادثي ۾ غلطيءَ جو احساس نه ٿيڻ تائين سڌارا ڪيئن ٿيندا؟ پي  آءِ اي جعلي ڊگري معاملو سپريم ڪورٽ ۾ پاڻمرادي نوٽيس سان شروع ٿيو. هن چيو ته فيروري 2019ع ۾ پائليٽن جي ڊگرين جي چيڪنگ لاءِ بورڊ بڻايو، 850 مان 262 پائليٽن جون ڊگريون جعلي نڪتيون، 28 پائليٽن کي شوڪاز نوٽيس ڏنا ويا ۽ نون پائليٽن ڏوهه جو اعتراف ڪيو، وڌيڪ ٽيهن پائليٽن کي به نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. غلام سرور خان چيو ته جيڪي پائليٽ ملڪ اندر ڪم ڪري رهيا هئا،  انهن کي گرائونڊ ڪيو ويو آهي، جعلي ڊگرين وارا پائليٽ برطرف ٿيندي ۽ مٿس فوجداري ڪيس داخل ڪرايا ويندا، 2018ع کانپوءِ هنن پي آءِ اي ۾ ڪا به ڀرتي نه ڪئي وئي، هو گذريل حڪومتن جو گند صاف ڪري رهيا آهن. هوابازي واري وزير چيو ته پي آءِ اي جو ريگيولر آپريشن عارضي طور معطل آهي، ادارن کي غير سياسي بڻايو پيو وڃي، ڇاڪاڻ ته سياسي ڀرتين سان ادارا تباهه ڪيا ويا، جڏهن کان جمهوريت بحال ٿيڻ شروع ٿي ادارا تباهه ٿيڻ شروع ٿيا