حڪومت جو في ليٽر تيل تي 20 رپيا جي ايس ٽي لڳائڻ تي غور

اسلام آباد :- عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم وارين شين جي اگهن ۾ لاٿ جي رجحان سبب وفاقي حڪومت نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ پيٽروليم واري شين جي اگهه ۾ في ليٽر 20 روپيه جي ايس ٽي لاڳو ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي. ان تجويز جي وزيراعظم عمران خان منظور ڏني ته صارفين کي في ليٽر 50 روپيه  ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو. جن ۾ 20 روپيه جي ايس ٽي ۽ 30 روپيه ٻيا ٽيڪس شامل هوندا. ورهاست ڪندڙ ڪمپنين جا خرچ ان کان علاوه هوندا. جيڪي پيٽروليم شين جي في ليٽر قيمت جو حصو هونديون. حڪومت في الحال پيٽرول، هاءِ اسپيڊ، ڊيزل، گاسليٽ، لائٽ ڊيزل ۽ ٻين پيٽروليم وارين شين تي 17 سيڪڙو جي ايس ٽي وصول ڪري رهي آهي. عالمي مارڪيٽ ۾ بحران جي نتيجي ۾ مقامي مارڪيٽ ۾ قيمتن ۾ واضح گهٽتائي ٿي آهي جنهن سبب حڪومتي ٽيڪس، روينيو سخت متاثر ٿيو آهي