حڪومت بجلي وري پوڻا 2 رُپيا مهانگي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد := حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر عوام تي مهانگائيءَ جي ڇِپ ڪرائي ڇڏي. بجلي وري پوڻا 2 رُپيا مهانگي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. نيپرا طرفان وري هڪ مهيني لاءِ بجلي هڪ رُپيو 82 پئسا مهانگي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب بجليءَ جي اگهن ۾ اضافو سيپٽمبر مهيني جي فيول پرائيس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪيو ويو آهي. بجلي جي واهپيدارن تي ايندڙ مهيني 33 ارب رُپين جو اضافي بار پوندو. نوٽيفڪيشن ۾چيو ويو آهي ته بجليءَ جا نوان اگهه ڪي اليڪٽرڪ جي صارفين تي لاڳو نه هوندا.نيپرا جو چوڻ آهي ته سيپٽمبر ۾ بجلي جي پيداواري لاڳت 4 رُپيا 66 پئسا في يونٽ هئي، جڏهن ته فرنيس فيول تي 2 رُپيا 84 پئسا في يونٽ خرچ ٿيو. بجلي جي واهپيدارن کان اضافي اوڳاڙي ڊسمبر مهيني جي بلز ۾ ڪئي ويندي.