چڪين کي ڪوٽا واري ڪڻڪ نه ملي، مارڪيٽ ۾ ٻوري تي 200 رپيا اضافو

حيدرآباد : حيدرآباد ۾ ڪمشنر جي حڪم باوجود خوراڪ کاتي پاران چڪي مالڪن کي ڪوٽا واري ڪڻڪ جي فراهمي ۾ هفتو دير، ٻيهر شهر ۾ ڪڻڪ جو بحران پيدا ٿيڻ سبب مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جي 100 ڪلو واري ٻوري 200 رپيا مهانگي ٿي وئي آهي. ان سلسلي ۾ حيدرآباد ۾ ڪڻڪ جي بحران کانپوءِ اٽي جا وڌيل اگهه ضابطي ۾ آڻڻ لاءِ ڪمشنر حيدرآباد چڪي مالڪن کي خاطري ڪرائي هئي ته کين ڪوٽا تحت ڪڻڪ فراهم ڪئي ويندي پر ان باوجود خوراڪ کاتي چڪي مالڪن کي فيبروري جي ڪوٽا هفتو گذرڻ باوجود اڃان تائين فراهم نه ڪئي آهي جنهن ڪري ٻيهر شهر ۾ قائم اٽي جي چڪين تان ڪڻڪ اڻلڀ ٿي وئي آهي. چڪين تي ڪڻڪ نه هئڻ سبب کليل مارڪيٽ ۾ واپارين ٻيهر ڪڻڪ جا اگهه وڌائيندي 100 ڪلو واري ٻوري تي 200 رپيا واڌ ڪري ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ اٽا چڪي اونرز سول ويلفيئر ايسوسئيشن جي جنرل سيڪريٽري هارون آرائين ٻڌايو ته 23 جنوري تي ڪمشنر عباس بلوچ جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس دوران فيصلو ڪيو ويو هو ته اٽي جي چڪين کي في پٿر 174 ڪلو ڪوٽا فراهم ڪئي ويندي، جنهن ڪري اسان کليل مارڪيٽ مان ڪڻڪ جي خريداري نه ڪئي ۽ ڪوٽا ۾ ملندڙ ڪڻڪ جو اٽو سرڪاري اگهه تي 48 رپيا في ڪلو جي حساب سان وڪرو ڪري رهيا هئاسين پر خوراڪ کاتي ٻيهر اٽي فيبروري واري ڪوٽا بند ڪري ڇڏي آهي، جنهن بعد ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙ واپارين ڪڻڪ جي 100 ڪلو واري ٻوري 4200 رپين مان وڌائي 4400 رپيا ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته فيبروري لاءِ اٽي چڪين جي ڪوٽا ۾ ڪوبه اضافو نه ڪيو ويو آهي ۽ هڪ هفتو دير سان کين 174 ڪلو ڪڻڪ فراهم ڪرڻ لاءِ ايلوڪيشن ڊي ڊي آفيس مان ملي آهي پر جمعي جو ڏينهن هجڻ ۽ بئنڪ چالان نه ملڻ سبب هاڻي اها ڪڻڪ کين 3 ڏينهن بعد سومر تي فراهم ٿيندي.