حيدرآباد ۾ هڪ وڌيڪ معصوم نياڻي لڄالٽ بعد قتل: جوابدار گرفتار، ڏوهه جو اعتراف

حيدرآباد:- حيدرآباد ۾ جي او آر ٿاڻي جي حد جي علائقي بنگالي ڪالوني ۾ وحشي صفت جوابدار صديق پٽ شمس الدين بنگالي 8 ورهين جي ٻارڙي رخسار ڌيءُ شمشاد اوڍو کي اغوا ڪرڻ بعد زيادتي جو نشانو بڻائي مٿي ڌڪ هڻڻ ۽ تشدد ڪرڻ سان گڏ گهٽي ڏئي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو هو. ٻارڙي جو لاش لطيف آباد پوڻا 7 نمبر وٽ بلديا جي قائد ملت پارڪ مان هٿ ڪيو ويو. جڏهن ته پوليس اين سي داخل ٿيڻ بعد سي سي ٽي وي فوٽيج جي مدد سان ٻارڙي کي اغوا ڪري قتل ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪيو. جوابدار جاچ دوران پوليس آڏو اغوا ڪيل ٻارڙي سان زيادتي ڪري قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو. هن پوليس آڏو اعتراف ڪيو ته ته ٻارڙي جو لاش قائد ملت پارڪ تي اڇلايو آهي، جنهن بعد جي او آر پوليس پارڪ تي پهچي لاش تحويل ۾ ورتو، پوليس ٻڌايو پيو وڃي ته نينگري صبح 11 وڳي ڌاري گهران نڪرڻ بعد گم ٿي وئي هئي، جنهن کانپوءِ شام 5 وڳي ڌاري رخسار جي ماءُ جي او آر ٿاڻي تي نينگري جي گمشدگي جي اين سي داخل ڪرائي هئي، پوليس ڳولا ڪئي، سي سي ٽي وي ڪئمرائون ڏٺيون ويون، سي سي ٽي وي ڪئمرا جي ذريعي جوابدار جي نشادهي ٿي، شڪ جي بنياد تي جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو ته هن پوليس آڏو نينگري ڏاڍائي ڪري قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو ۽ ٻڌايو ته لاش حسين آباد ٿاڻي جي ۾ قائد ملت پارڪ ۾ اڇلايو آهي. مقتول ٻارڙي جو پيءُ شهر ۾ رڪشو هلائي ٿو. 3 پٽ ۽ 2 ڌيئرن جو اولاد هو، جنهن ۾ هڪ کي قتل ڪيو ويو. هوڏانهن ڪالهه جوابدار کي حيدرآباد جي سول جوڊيشنل مئجسٽريٽ نمبر 3 جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي عدالت جوابدار کي 3 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي جي او آر پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته وحشي جوابدار هٿان بيدردي سان قتل ڪيل معصوم نينگري کي جي او آر ڪالوني ويجهو بابن شاهه قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، جنهن جي جنازي نماز ۾ علائقي واسين توڙي مقامي سياسي، سماجي ڌرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.