حيدرآباد ويجهو 18 ورهين جي شادي شده ناري جو گهر مان ڦاهو کاڌل لاش هٿ

حيدرآباد :- انڊس پهاڙي واري علائقي مان 18 ورهين جي ناري شمع زال محمد عادل جو گهر مان ڦاهو کاڌل لاش هٿ ڪيو ويو. اطلاع تي پوليس پهچي ناري جو لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. علائقي ۾ چئوٻول آهن ته شادي شده ناري مبينا طور گهروارن سان ناراض ٿي آپگهات ڪيو