حيدرآباد انتظاميا وزيراعظم جا حڪم هوا ۾ اڏائي ڇڏيا: عام واهپي جي شين جا اگهه ٻيڻا

حيدرآباد :- حيدرآباد ۾ دڪاندارن به روز مره جي استعمال واري جاري ڪيل اگهن جي لسٽ کي هوا ۾ اڏاري پنهنجي مرضي جا اگهه وصول ڪندا رهيا، جڏهن ته گذريل 4 مهينن کان شهري مهانگائي جي چڪي ۾ پيسجڻ جي باوجود انتظاميه اگهور ننڊ ستل هجڻ ڪري شهري منافعي خورن جي مٿان لٽجڻ ڪري پريشان ٿين ويا. حيدرآباد ۾ رمضان شريف جي اچڻ کان اڳ ئي واپارين منافعي خورن ۽ ذخيرو ڪندڙن دڪاندارن روز مرهه جي استعمال وارين کائڻ وارين شين جا اگهه پنهنجي مرضي جا مقرر ڪري ڇڏيا آهن، ضلعي انتظاميه جي اکين ۾ منافعي خورن مرچ وجهي انڌو ڪري 30 کان 50 سيڪڙو اگهه وڌائي مهنگائي جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب انتظاميه پاران 27 ڊسمبر 2019 تي واپارين، دڪاندارن سان گڏجاڻي ڪري ان ۾ روز مرهه جي استعمال وارين کائڻ ۽ پيڻ وارين شين جا اگهه سرڪاري سطح تي مقرر ڪرڻ کانپوءِ  هڪ لسٽ جاري ڪئي هئي، جڏهن ته گذريل 3 مهينن کان ملڪ سميت حيدرآباد ۾ ڪورونا وائرس جي ٽينشن ۽ بعد ۾ هڪ مهيني کان هلندڙ لاڪ ڊائون جو واپارين فائدو وٺندي 4 مهينا اڳ واري جاري ڪيل اگهن جي لسٽ کي منافعي خورن رد ڪري ٽوڪري ۾ اڇلائي ڇڏيو ۽ پنهنجي مرضي جا اگهه وصول ڪري شهرين کي ٻنهي هٿن سان ڦرڻ لڳا، جڏهن ته رمضان شريف جي ڀلارو مهينو شروع ٿيڻ ڪري  حيدرآباد جي نئين آيل ڊپٽي ڪمشنر 19 اپريل 2020 تي واپارين ۽ دڪاندارن سان  هڪ گڏجاڻي ڪئي، جنهن ۾ ضلعي ۽ مارڪيٽ ڪميٽي جي عملدارن ڊي سي کي اکين ۾ مرچ وجهي واپارين ۽ منافعي خورن پاران 4 مهينن کان شهرين کي ڦرڻ جي لسٽ ڏيکاري واپارين، ذخيرو ڪندڙن توڙي دڪاندارن کي خوش ڪرڻ لاءِ وڌيڪ اگهن جي لسٽ کي پراڻي لسٽ تي برقرار رکڻ بدران نئين  هٿرادو تيار ڪيل لسٽ آڏو رکي منظور ڪرائي ورتي. جڏهن ته شهر ۾ لاڪ ڊائون جي ڪري شهري پنهنجي گهرن تائين محدود هجڻ ڪري دڪاندارن لاڪ ڊائون جو بهانو ڪري هر ريزڪي دڪاندار هول سيل واري اگهن کان 50 سيڪڙو واڌ ڪري ڇڏي آهي.