حليم عادل ۽ شيرين مزاري ڪوڙ ڳالهائي انسانيت جي توهين پيا ڪن، افتخار لنڊ ڪيس مان آجو ناهي ٿيو: ڊرائيور الهرکيو لنڊ جو پٽ

ميرپور ماٿيلو :- وحشياڻي تشدد ۽ ويهڪ واري جاءِ ۾ سريو وجهڻ واري غيرانساني عمل جو شڪار ڊرائيور الهرکيو لُنڊ جي پُٽ پي ٽي آءِ اڳواڻن جي بيان کي سختي سان رد ڪندي چيو آهي ته عدالت افتخار لُنڊ کي الزامن کان آجو قرار ناهي ڏنو، افتخار لُنڊ منٿ ميڙ قافلو وٺي کانئن معافي گهري، اُن کانپوءِ الهرکيو لنڊ عدالت ۾ بيان ڏنو هو ته سندن ٺاهه ٿي ويو آهي. ڪجهه عرصو اڳ پي ٽي آءِ اڳواڻ افتخار لُنڊ ساٿين سان گڏجي ڊرائيور الهرکيو لُنڊ کي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد سندس ويهڪ واري جاءِ ۾ سريو وجهي ڇڏيو هو. ڊرائيور الهرکيو لُنڊ جو پُٽ زاهد لُنڊ حليم عادل شيخ، افتخار لُنڊ ۽ انساني حقن واري کاتي جي وزير شيرين مزاري جي اُن بيان کي سختيءَ سان رد ڪري ڇڏيو، جِن ۾ سندن چوڻ هو ته عدالت افتخار لُنڊ کي الزامن کان آجو قرار ڏنوآهي. زاهد لنڊ جو چوڻ هو پي ٽي آءِ اڳواڻ افتخار لُنڊ کيس وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻائي انسانيت جا ليڪا لتاڙي ڇڏيا هئا، بعد ۾ منٿ ميڙ قافلو وٺي آيو ۽ ڏوهه باسي کائنن معافي گهري هئي، تنهن ڪري سندس والد عدالت کي آگاهه ڪيو ته اسان ۾ ٺاهه ٿي ويو آهي، ائين نه چيو ته افتخار لُنڊ ساڻس ظلم نه ڪيو آهي. زاهد لنڊ پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ تي به ڇوهه ڇنڊيا ۽ چيو ته اهڙا ماڻهو غريبن سان ٿيندڙ ظلم جو مذاق اڏائي رهيا آهن.