حفيظ قريشي: سنڌجو ابو الڪلام: ليکڪ سهيل ميمڻ

هالا سنڌ ۾ اهو علائقو آهي. جنهن ۾ لطيف سرڪار ۽ مخدوم نوح جهڙين هستين جو جنم ٿيو. سنڌ جي سرزمين تي عظيم انسانن جنم ورتو آهي، جن مان حفيظ قريشي به هڪ هو. حفيظ قريشي هالا پراڻا ۾ جنم ورتو، سڄي عمر سنڌ سان عشق ڪيو، جيل ڪاٽيا، سنڌ جي ڀلي جي تبليغ ڪئي، نه جُهڪيو، نه ٽُٽو ۽ نه ئي وِڪاميو، واپس اچي انهيءَ هالا پراڻا جي زمين ۾ آرامي ٿيو. اها عقل جي گهٽتائي چئبي، جو اسان جي نوجوانن جي اڪثريت حفيظ قريشيءَ جهڙي شخصيت جي تقريرن کي کل ڀوڳ ۽ چرچي ۾ وڌيڪ وٺندي رهي آهي، انهن تقريرن جي گهرائين ۾ جاچجي، ته کين خبر پئجي ويندي، ته حفيظ قريشي ڪيڏو وڏو عالم، مدبر، سنڌ شناس، مذهبن جو ڄاڻو، تاريخ نويس ۽ لطيف شناس هو. چاچو حفيظ قريشي، 1940ع جي ڏهاڪي ۾ سائين جي ايم سيد سان سنڌ جي عشق جي قافلي ۾ جُڙيو، ته کيس مرندي گهڙيءَ تائين ڪوبه سيد ۽ سنڌ کان جُدا ڪري نه سگهيو، ايستائين جو ذوالفقار علي ڀٽو سان ويجهي سنگت ۽ اقتداري عهدن جي پيشڪش به کيس پنهنجي سنڌ دوستيءَ واري نظريي تان هٽائي نه سگهي. خانداني طور سُکيو ستابو، وڏي زمين ۽ جائيداد جو مالڪ حفيظ قريشي، پاڪستان ٺهڻ کان اڳ هندستان ۾ تعليم حاصل ڪندو هو، هڪ واقعو بيان ڪندي هن ٻڌايو ته، مان ۽ نبي بخش (ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ) وئڪيشن تي ڳوٺ پئي موٽياسين، ڦوهه جواني هئي، ريل گاڏيءَ جو انتظار هو، لاهور جي اسٽيشن تي بلوچ صاحب چيو ته، قريشي! لطيف ٻُڌاءِ. مون چيو ته، لطيف ڇا ٻڌايان، لطيف ۾ آهي ڇا؟ رڳو اديون ڙي ڀينر..اوهان ڇا ڏٺو، جيڪي ڏٺو سو مون! غالب چئو، اقبال چئو ته ٻڌايان، باقي لطيف تون ٻڌاءِ، بلوچ صاحب چيو: مان نه ٻڌائيندس، لطيف تنهنجي ڳوٺ هالا جو آهي، ان لاءِ تون ٻڌاءِ. ڳوٺ پهتس، گهر واريءَ کان موڪل وٺي ڀِٽ شاهه پهتس جو شرمسار پئي محسوس ڪيم. ڊاڪٽر بلوچ ٽوڪ هنئي هئي ته، لطيف جي ڳوٺ جو آهيان ۽ لطيف نه ٿو اچي، ان ڪري ٿورو ڏسان ته ماجرا آهي ڇا؟! درگاهه تي راڳ پئي هليو، سمجهه ۾ نه آيو، ته چون ڇا پيا، هڪ همراهه ڏٺم، راڳ تي رُنو پئي، سوچيم اُنَ کان پڇان، ٻيا همراهه ته مون وانگر وائڙا ويٺا هئا. سو ان همراهه کي چيم: ڪر خبر! روئين ڇو پيو؟ انهن راڳين آخر چيو ڇا پئي، جو تون آخر روئين پيو. ان همراهه جواب ڏنو ته، ”ٻيلي ڳالهه سمجهه ۾ مونکي به نه ٿو اچي، بس، پنهنجي رمز ۾ روئان پيو ويٺو. بس پوءِ اهڙين اڻ ڄاڻائين بعد حفيظ قريشيءَ لطيف پڙهڻ شروع ڪيو ۽ جڏهن لطيف سمجهه ۾ اچي ويس، ته چاچو حفيظ چوندو هو ته، ”پوءِ ڇا جو غالب، ڇا جو اقبال، منهنجي زندگي ئي تبديل ٿي ويئي.“

حفيظ قريشيءَ جهڙا ماڻهو، ورلي پيدا ٿيندا آهن. عالم، مدبر، غضب جو مقرر، قانون جو وڏو ڄاڻو، هڪ حقيقي دانشور، پئسي ۾ تمام وڏو زميندار، پر لَٽي ڪپڙي، اُٿڻي ويهڻيءَ ۾ تمام سادو. عزت، وقار ۽ شان جو ايترو خيال رکندو هو، جو چوندو هو، ڊي ڪلاس ٿي سگهجي ٿو ڊي گريڊ نه! ان جي سمجهاڻي ڏيندي چوندو هو ته، ”گلاس نه هجي، ته ٻُڪَ ۾ پاڻي پيئو، بسترو نه هجي، ته زمين تي سُمهي پئو، پر ڪو انسلٽ (بيعزتي) ڪري ته اها برداشت نه ڪريو.“ حفيظ قريشيءَ کي جيڏو عشق لطيف، سنڌ ۽ سيد سان هو، اوترو ئي عشق کيس ”انبن“ سان هو. انب ائين کائيندو هو، جو ٻانهن تان رس ڳڙندي هيس، چوندو هو، انب ائين ئي کائبو آهي. چاچو حفيظ ڪڏهن ڪڏهن رَڙ ڪندي چوندو هو ته، ”مينگو از دي ڪنگ آف فروٽ“ (انب ميون جو بادشاهه آهي). سندس زندگيءَ جي آخري سالن ۾ هالا جا ٻه نوجوان اصغر خانوٺي ۽ ذوالفقار شاهه کيس ڪافي ويجهو هئا. خاص ڪري اصغر خانوٺي ساڻس ڪافي سفرن ۾ گڏ رهيو، مون کي به چاچي حفيظ قريشيءَ سان قربت جو شرف حاصل ٿيو. صدر ريگل ۾ ڪَلاڪن جا ڪَلاڪ فُٽ پاٿَ تي پراڻا ڪتاب گڏجي ڪنگاليندا هئاسين. ٽائيم مئگزين جا پراڻا شمارا ڍيرن جا ڍير وٺندو هو. ان مان خبر پئي ته تمام گهڻو ۽ تيز پڙهندو هو. روايتن ۽ روادريءَ جو امين ايترو جو هڪ ڀيري مون ڏانهن هالا کان ڪراچي نياپو ڪيائين ته، فلاڻو ڊاڪٽر انگلينڊ کان ڪراچي اچي رهيو آهي، ان کان مون لاءِ چيڪ اپ جي تاريخ وٺو. مون ڊاڪٽر کان ٽائيم وٺي کيس ٻڌايو، چاچو چيڪ اپ ڪرائي واپس ويو ۽ ڪجهه ڏينهن بعد مون کي پوسٽ ذريعي سندس خط مليو، جنهن ۾ پورو هڪ صفحو صرف ان شڪريه ادائيءَ لاءِ لکيل هو، ته مون سندس لاءِ ڊاڪٽر کان تاريخ ورتي.
چاچا حفيظ قريشي ٻڌائيندو هو ته، ”ڀُٽو صاحب سندس دوست هو پر سائين جي ايم سيد ان کان مون لاءِ تمام گهڻو مٿي آهي.“ هڪ ڀيري ٻڌايائين ته، ڀٽو صاحب ”ڦاروا“ ڏاڍو پسند ڪندو هو، ذوالفقار علي ڀٽي جي اها تقرير به سپريم ڪورٽ جي رڪارڊ تي آهي، جڏهن هن اي ڪي بروهي کي مخاطب ٿيندي چيو هو ته، ”بروهي! تون هڪ ڊڪٽيٽر پويان آهين، پر ملڪ جو عوام مون سان گڏ آهي. هن عدالت جي ڪمري ۾ ويٺل حفيظ قريشيءَ ڏانهن اشارو ڪندي چيو هو ته، ”حفيظ قريشي سنڌ مان مون لاءِ آيو آهي.” ڀٽو صاحب، چاچي حفيظ قريشيءَ کي ’ماءِ ايور فرينڊ‘ چوندو هو.
29 جولاءِ 1997ع تي چاچا حفيظ قريشي هالا جي ڌرتيءَ ۾ وڃي ابدي آرامي ٿيو. سندس سنڌ، سيد ۽ لطيف سان رشتو اڻ ٽُٽ رهيو ۽ سدائين چوندو هو ته، ”سنڌ لطيف کي تَپايو، لطيف جي ايم سيد کي تَپايو ۽ جي ايم سيد اسان کي تَپايو ۽ اسان پيا سنڌ جي عشق ۾ لوڙيون.“

memonsuhail@hotmail.com