حضرت محمدﷺ انساني تاريخ کي نئون موڙ ڏنو: ليکڪ نور احمد ميمڻ

حضرت محمدﷺ انساني تاريخ کي نئون موڙ ڏنو

شرڪ، وهم پرستي ۽ جبر کي ختم ڪرڻ لاءِ حضرت محمدﷺ کي پنهنجي دور سان وڏيون ويڙهيون وڙهڻيون پيون. شرڪ ۽ وهم پرستي بادشاهي نظام کي طاقتور بڻائيندڙ هئا. انساني غلامين جي سڀني قسمن کي سگهارو ڪندڙ هئا، انهيءَ ڪري بادشاهه ان جا محافظ بڻيل هئا. انساني تاريخ ۾ جيڪي به پيغمبر شرڪ ۽ وهم پرستيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ آيا ته بادشاهن ۽ انهن سماجن جي دولتمند ماڻهن پيغمبرن جي سخت مخالفت ڪري کين ايذاءَ ۽ تڪليفون ڏنيون. بادشاهن پنهنجي مفادن کي تحفظ ڏيندڙ دين ماڻهن جي مٿان مسلط ڪري ڇڏيو هو ۽ جيڪو بادشاهه جو دين هو اهو ئي رعيت جو دين هو. رعيت جو ان کان ٻاهر وڃڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿيندو هو. خاص طور تي روم ۽ ايران جون ٻه وڏيون شهنشاهيتون انسانيت جي مٿان جبر جون وڏيون ڇپون بڻيل هيون جيڪي ماڻهن کي آزاد راءِ جو حق ڏيڻ بجاءِ رعيت کي بادشاهه جي مذهب تي هلائڻ لاءِ هر قسم جو جبر ڪندڙ هيون. اهڙي طرح انهن هارين کي جانورن وانگر وهائي مٿن ظلم جون حدون اورانگهي ڇڏيون هيون. باقي دنيا جا سردار ۽ حڪمران به انهن جي اثر هيٺ جبر ۽ ڏاڍ جي نظام کي سگهارو بڻائي بيٺا هئا. جڳ مشهور ليکڪ هينري پرين پنهنجي تحريرن ۾ صاف لکيو آهي ته: ”قديم رومي سلطنت جيڪا قلزم سمنڊ جي ٻنهي طرفن تي ڇانيل هئي، اها انسانن جي آزاد راءِ کي ختم ڪري، انساني ترقيءَ جو دروازو بند ڪيو ويٺي هئي. انهيءَ مطلق نوعيت جي شهنشاهيت کي نابود ڪرڻ کانسواءِ انساني ذهن کي آزادي نه ٿي ملي سگهي ۽ انساني ذهن کي جيستائين آزاد ماحول ۾ عمل ڪرڻ جو موقعو نه ملندو، تيستائين انساني ترقين جو آغاز به نه پئي ٿي سگهيو.“
حضرت محمدﷺ کي ان سرداري ۽ بادشاهي جبر کي ختم ڪرڻ لاءِ ننڍيون وڏيون اسي ويڙهيون وڙهڻيون پيون ۽ پاڻ سڳورن روم جي شهنشاهه کي خط لکيو ته ”تو انسانن کي غلام بڻائي هارين تي ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي جنهن جو وبال تنهنجي مٿان آهي.“ حضرت محمدﷺ پنهنجي ساٿي صحابين کي انهن ٻنهي سلطنتن کي ختم ڪرڻ جو ٽاسڪ به ڏنو. ان کان پوءِ ئي هُن کي، هن ڌرتيءَ جي مٿان اهڙو نظام قائم ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ٿي جنهن ۾ لَاۤ اِكْرَاہَ فِی الدِّیۡنِ يعني ”دين ۾ ڪا به زبردستي نه آهي“ ۽ لَكُمْ دِیۡنُكُمْ وَلِیَ دِیۡنِ يعني ”توهان لاءِ توهان جو دين ۽ منهنجي لاءِ منهنجو دين“ وارو اصول انسانيت کي ايندڙ دور جي تهذيبي ترقين لاءِ هڪ وڏي آدرش جي صورت ۾ مليو.
حضرت محمدﷺ انساني آزادين جو اهو هڪ نئون عالمي فڪر ۽ نظام انسانيت کي ڏنو ۽ اُن لاءِ کيس توڻي جو اسي ويڙهيون به وڙهڻيون پيون پر اهو سڀ ڪجهه هُن مضبوط ۽ سگهارن فڪري بنيادن تي اهڙي طرح ڪري ڏيکاريو جو ان انقلاب ۽ ويڙهه ۾ گهٽ کان گهٽ انساني جانين جو نقصان ٿئي. انهيءَ ڪري اسان ڏسون ٿا ته ان سڄي تبديليءَ ۾ حضرت محمدﷺ کي صرف پنهنجي 350 ساٿين جي جان جي قرباني ڏيڻي پئي. هوڏانهن رد انقلاب جي ڪافر قوتن جو جاني نقصان به 1050 موتن کان وڌيڪ نه آهي ۽ ڪل ملائي چوڏهن سؤ انساني جانيون تلف ٿيون. ٻئي پاسي چنگيز خان کي پنهنجي سلطنت وڌائڻ لاءِ لکين انسانن کي موت جي ننڊ سمهارڻو پيو هو ۽ يورپ اندر قومي برتريءَ ۽ غلبي جي ٻن عالمگير جنگين ڪروڙين انسانن جي تباهي ۽ موت انسانيت کي ورثي ۾ ڏنا هئا. اُن جي مقابلي ۾ حضرت محمدﷺ جي پاران انساني تاريخ ۾ هيڏي وڏي تبديليءَ تنهن ۾ چوڏهن سؤ جانين جو نقصان حيرتناڪ حد تائين گهٽ نقصان آهي. اهو صرف حضرت محمدﷺ جي جنگي حڪمت عملين جو نتيجو هو ۽ هو هر مرحلي تي صلح جو صورتون ڪڍي انساني جانين کي بچائڻ ۽ جنگي نقصان کي ٽارڻ جو مقصد هميشه سامهون رکندو هو.
پيغمبر اسلامﷺ انسانيت جي لاءِ آخري ۽ عالمي پيغمبر جي حيثيت ۾ گهڻ رُخيون تبديليون آنديون پر انهن ۾ ٻه ڳالهيون ڪمال جون آهن. هڪ نئين انسان کي جنم ڏيڻ ۽ ٻيو نئين سماج ۽ نئين دور جو آغاز ڪرڻ.
نئين انسان کي جنم ڏيڻ لاءِ هُن احترام آدميت جي هڪ بيحد سگهاري ٿيوري پيش ڪئي. ان ٿيوريءَ جي بنياد طور هيءَ ڳالهه پيش ڪئي ته الله تعاليٰ انسان کي خلقي ان ۾ پنهنجو روح ڦوڪيو آهي، انهيءَ ڪري آدم بيحد محترم آهي ۽ انهيءَ احترام جي صداقت ۾ الله تعاليٰ ملائڪن، جنن ۽ ٻي مخلوقات کان آدم کي سجدو ڪرايو آهي. احترام، تعظيم ۽ حقن جي ادائيگيءَ جو جنهن به اهو سجدو ڪيو آهي ته اهو ملائڪن جي رتبي ۾ فرمانبردار ليکيو ويو آهي ۽ جنهن انهيءَ سجدي جو انڪار ڪيو آهي سو شيطانن جي صف ۾ بيهاريو ويو آهي. پيغمبر اسلامﷺ پنهنجي سڄي تعليم جو بنياد هن ڳالهه تي رکيو ته الله تعاليٰ جيڪو غائب ۾ آدم کي سجدو ڪرائي ان جي احترام، تعظيم ۽ حقن جي ادائيگي کي پنهنجي فرمانبرداري، مڃتا ۽ ايمان جو بنياد قرار ڏنو، ڌرتيءَ جي مٿان حاضر ۾ انسان کي انهيءَ سجدي کي ثابت (Prove) ڪرڻوآهي. جيڪو ماڻهو ڌرتيءَ تي ان احترام، تعظيم ۽ حقن جي ادائيگي جي سجدي کي ثابت ڪري ويو ته اهو ڪامياب ۽ سعادتمنديءَ وارو آهي. پيغمبر اسلام آدم کي احترام، تعظيم ۽ حقن جي ادائگي جي ان سجدي جون سوين صورتون کولي کولي ٻڌايون ته انسانن سان ڀلائي ۽ خير ڇا آهي؟ تعظيم ۽ احترام جا ڪهڙا مراتب آهن؟ ليکو لهڻو ۽ حق ادايون ڇا آهن؟ فرائض ۽ ذميواريون ڇا آهن؟ ۽ مختلف حيثيتن ۾ ان جا پئمانا ڪهڙا آهن؟
ماڻهپو ڇا آهي ۽ ان ماڻهپي يا انسان پڻي جي ماڻڻ جون ڪهڙيون صورتون آهن؟ ماڻهو تخليقي طرح هڪ بشر جي حيثيت ۾ پيد اٿئي ٿو ته ان بشر کان انسان/ماڻهوءَ جي طرف اهو سفر ۽ ارتقا ڪهڙي طرح ٿئي ٿو؟ هڪ متوازن (Balanced) انسان ڪيئن بڻجي ٿو؟ هو تزڪيي، علم ۽ حڪمت جو صاحب ڪيئن بڻجي ٿو؟ حضرت محمدﷺ پاڻ تي نازل ٿيل ڪتاب جي ذريعي تفصيلي آيتون پنهنجي عملي زندگيءَ جي روشنيءَ ۾ مڪمل تشريحن سان انسانن جي آڏو رکيون.
زندگيءَ جي اهڙين پريڪٽيڪل ديني تشريحن ۽ انهن جي عملي صورتن انساني دنيا کي هڪ نئون موڙ ڏنو جنهن سان انساني شرف، مرتبي، همت ۽ تعمير جا نوان دروازا کلندا ويا. ماڻهن پاڻ کي انهيءَ مرتبي تي ڄاتو ۽ منجهن اها همت پيدا ٿي جو هڪ عام ماڻهو ڏهه لک چورس ميل جي حاڪم حضرت عمرؒ جهڙي عظيم حڪمران کي سامهون چئي پئي سگهيو ته ”جيستائين تون پنهنجي جسم تي پهريل وڏي جبي جي ملڪيت جو جواز نه ٻڌائيندين تيستائين نه تنهنجي ڳالهه ٻڌنداسون ۽ نه تنهنجي اطاعت ڪنداسون.“ پوءِ حضرت عمرؒ جڏهن ٻڌايو ته اهو وڏو جبو منهنجي ۽ منهنجي پٽ جي گڏيل ڪپڙي مان ٺهيو آهي، تڏهن اُن کي پنهنجو خطبو مڪمل ڪرڻ جو موقعو ملي سگهيو. اهو ساڳيو حضرت عمرؒ هو جنهن هڪ شڪايت تي مصر جي گورنر عمرو بن العاص کي مخاطب ٿيندي چيو هو ته ”اي عمرو! تو ڪڏهن کان ماڻهن کي غلام بنائڻ شروع ڪيو آهي، جڏهن ته انهن جي مائرن انهن کي آزاد پيدا ڪيو هو.“
اها اهائي ڳالهه هئي جيڪا حضرت عمر بن خطاب کان هڪ هزار سال پوءِ فرانس جي مفڪر روسو هنن لفظن ۾ ورجائي هئي ته: ”انسان آزاد پيدا ٿيو آهي ۽ پوءِ هُن کي زنجيرن ۾ جڪڙي غلام بڻايو ويو آهي.“
حضرت محمدﷺ هڪ آدم جي اولاد جو تصور سگهارو ڪري انساني مساوات جا تصور بيحد سگهارا ڪيا. ان مقصد جي لاءِ توهمات جي ذريعي هن شخصي برترين جا جڙيل بت ڀوري ناس ڪري ڇڏيا. سماج ۾ بري طرح ڦهليل شرڪ جيئن ٻين انساني ترقين ۾ رڪاوٽ بڻيل هو، تيئن شرڪ جي غلبي انسانن جي اندر به نابرابري قائم ڪري ڇڏي هئي. ان جي مقابلي ۾ وحدانيت پرستيءَ جي تصور کي سگهارو ڪري ماڻهن اندر انساني برابريءَ جو نظام قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. قديم زماني ۾ شرڪ جي ذريعي جيڪا وهم پرستي پيدا ٿي، ان جي نتيجي ۾ جيئن سج چنڊ تارن، پاڻي، وڻن ۽ پٿرن جي باري ۾ غيرواقعي نظريا قائم ٿيا، اهڙي طرح انسانن جي باري ۾ به برتر هئڻ جا سڄي دنيا منجهه غيرواقعي نظريا قائم ٿيا. بعد ۾ صدين پڄاڻا اهي پختا ٿي قومن جي روايتن ۾ شامل ٿي ويا. انهيءَ جي اثر هيٺ ڪٿي ذات پات جو عقيدو بڻايو ويو. ڪن لاءِ چيو ويو ته اهي خدا جي مٿي مان پيدا ٿيا آهن ۽ ڪي وري خدا جي پيرن مان پيدا ٿيل آهن. اهڙي طرح مٿين ذات ۽ هيٺين ذات جي تقسيم رواج ۾ آئي. پيدائشي نسلي برتريءَ جو عقيدو ماڻهن جي مٿي ۾ ويهاريو ويو ۽ سردارن ۽ بادشاهن جي باري ۾ هيءُ عقيدو بڻايو ويو ته اهي ديوتائي نسل مان آهن ۽ عام ماڻهو انهن جي خدمت لاءِ پيدا ڪيل آهن. صدين جي عمل سان اهي وهم پرستيون اهڙيون پختيون بڻجي ويون جو هزارين پيغمبرن جي اچڻ باوجود به ماڻهو سردارن ۽ بادشاهن جي اثر ۽ اقتدار مان نڪري نه سگهيا. حضرت محمدﷺ انسانيت لاءِ آخري پيغمبر جي حيثيت ۾ پيغام ڏنو ته هُن جهالت جي دور جون سڀ وهم پرستيون پنهنجي پيرن هيٺان چيڀاٽي ڇڏيون آهن. هاڻي نه ڪنهن عربيءَ کي عجميءَ تي فضيلت آهي، نه عجميءَ کي عربيءَ تي برتري حاصل آهي. نه ڪنهن ڪاري کي ڳاڙهي تي فضيلت آهي ۽ نه ڪنهن ڳاڙهي کي ڪاري مٿان فضيلت آهي. ٻڌي ڇڏيو توهان سڀ آدمؑ جو اولاد آهيو ۽ آدمؑ کي مٽيءَ مان خلقيو ويو هو. حجة الوداع ۾ حضرت محمدﷺ جو اهو رڳو خطبو نه هو بلڪه پيغمبر اسلام جو انسانيت ڏانهن حتمي پيغام هو ته نسلي برترين جي دور جو خاتمو اچي چڪو آهي.
پيغمبر اسلام پنهنجي پوئلڳن ۾ عملي طرح ڀائپي (مواخاة) جو بنياد وڌو ۽ مڪي ۽ مدني زندگيءَ ۾ ٻه ڀيرا عملي طرح اها ڀائپي نافذ ڪئي. هوند وارن ماڻهن کي حڪم ڪيو ته اهي کُٽل ٽٽل ماڻهن کي پنهنجي وسيلن جو اڌو اڌ ورهائي ڏين. پيغمبر جي مڃيندڙن ان دور ۾ ائين ڪري ڏيکاريو ۽ ايندڙ دور جي انسانن لاءِ بهتر مثال ڇڏيو.
قرآن مجيد ۾ حضرت محمدﷺ کي ٻڌايو ويو هو ته دولت جو چند هٿن ۾ ڪٺو ٿيڻ ۽ محنت جي استحصال سان سماجي اڻبرابري سماجي خرابين جو ڪارڻ بڻجي ٿي. سردار، امير ۽ دولتمند طبقا ڪمزور طبقن کي غلام بڻائي وسيلن تي پنهنجو قبضو دائمي ڄمائي ڇڏين ٿا ۽ جيڪي به پيغمبر وحدانيت جي تعليم ڏين ٿا ته اهي دولتمند طبقا ئي ان جي مخالفت ڪن ٿا. انهيءَ ڪري حضرت محمدﷺ جيئن توحيد جي فڪر ذريعي نظري طور تي انهيءَ طبقاتي تقسيم جو خاتمو آڻي ڇڏيو تيئن عملي طور تي مواخات جي نفاذ ۽ زمين جي ذاتي ملڪيت کي ختم ڪري، زمين جي کيڙيندڙ کي ان جو مالڪ بڻائي، محنت کي سرمائي جو بنياد بڻائي ڇڏيو. هُن پئسي تي پئسو ڪمائڻ جي سڀني شڪلين کي حرام بڻايو ۽ اهڙي عمل کي خدا ۽ رسول سان جنگ جي برابر قرار ڏنو ۽ قرآن جي ٻڌايل هن اصول کي عام ڪيو ته سرمايو دولتمندن جي وچ ۾ گردش نه ڪري. هُن مال ۽ دولت جي ارتڪاز جون سڀ ئي شڪليون حرام ۽ ناجائز قرار ڏنيون. هُن تجارت جي حلال طريقن ۽ اصولن کي روشناس ڪرايو ۽ حلال طريقن سان ڪمايل مال کي پنهنجي اولاد، مٽن مائٽن، غريبن، ۽ محروم انسانن تي صرف ڪرڻ لاءِ زڪوات ۽ انفاق جو هڪ نظام جوڙي ڏنو. هن نماز، روزي، حج ۽ زڪوات جو هڪ شاندار مشقي نظام پنهنجي پوئلڳن ۾ رائج ڪيو، جنهن سان اهي هر وقت پاڻ ۾ اتحاد، تعاون، تربيت ۽ پرچارڪ مقصدن سان رابطي ۽ سهڪار ۾ رهن ۽ انهن جي عالمي شناخت پڌري هجي. هُن نيڪيءَ جي لاءِ هي تصور سگهارو ڪيو ته جيستائين اوهان جان ۽ مال کي امانت سمجهي ان کي الله جي راهه ۾ قربان نٿا ڪيو تيستائين نيڪوڪار نٿا بڻجي سگهو. الله جي راهه ۾ قربان ڪرڻ کي هُن انسانن جي فائدي واري مقصد سان سلهاڙيو ۽ انساني نفعي بخشيءَ جي ڪمن کي ڪنهن به صالح انسان جي شخصي ترقي ۽ ولايت جو ذريعو قرار ڏنو.
هاڻي توحيد/وحدانيت پرستيءَ جي فڪر کان پوءِ غلاميءَ جون سڀ شڪليون انسانيت لاءِ لعنت بڻجي ويون. خدا جي کليل ضابطن کانپوءِ سردارن، بادشاهن ۽ آمرن جا ضابطا نابود ٿي ويا. مواخات کان پوءِ طبقاتي سماج جي ڪا گنجائش باقي نه رهي. ميثاق مدينه کان پوءِ مذهبي رياست شجر ممنوعہ بڻجي وئي. سود حرام ٿيڻ کانپوءِ پئسي تي پئسو ڪمائڻ جي هر شڪل الله ۽ ان جي رسول سان جنگ جي مترادف ٿي پئي. هڪ آدم جي اولاد واري تصور کانپوءِ ذات پات ۽ اونچ نيچ جو خاتمو ٿيو ۽ آدم کي سجدي واري فڪر کانپوءِ ماڻهوءَ جو احترام مذهب جو روح بڻجي پيو. ماڻهوءَ جي تزڪيي ۽ مرتبي جو بنياد ايمان ۽ سندس عملي زندگي بڻايا ويا ۽ ترڪ دنيا جي مقابلي ۾ دنيا جي حسناڪين کي اپنائي، ان کي انسانذات لاءِ جنت ارضي بنائڻ جو تصور سگهارو ٿيو. پنهنجي ماضيءَ جي سڄي تاريخ ۾ انسانذات پنهنجي سلامتي، امن ۽ فلاح جي لاءِ جن آدرشن جي تلاش ۾ رهي، اهي آدرش ۽ اصول حضرت محمدﷺ جي ذريعي کليل ۽ واضح صورتن ۾ انسانيت کي مليام