جڏھن سائين جي ايم سيد ٖ بيگم نصرت ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو سان ذواالفقار علي ڀٽو جي ڦاهي تي تعزيت ڪئي:ليکڪ ذولفقار قادري

مون زندگي ۾ پهريون دفعو سائين جي ايم سيد کي المرتضئ هاؤس لاڙڪاڻي ۾ ايندي ڏٺو ٖ هونئن المرتضئ هاؤس ۾ سنڌ جو ڪو ورلي سياستدان نہ آيو هجي پر مون سيد جي گهراڻي جي ڪنهن فرد کي المرتضئ هاؤس ايندي نہ ڏٺو جيتوڻيڪ سيد ۽ ڀٽن جون سياسي راهون هڪ ٻئي کان الڳ رهيون پر هي پهريون دفعو هو جو سائين جي ايم سيد سنڌ جي روايتن کي مان ڏيندي لاڙڪاڻي جي ڀٽن ڏي پاڻ لڙي آيو ٖ اهو بہ ڪو وقت هو جڏھن سائين جي ايم سيد 1934ع ۾ سنڌ پيپلز پارٽي نالي جماعت جوڙي هئي تہ سائين جي ايم سيد ۽ سر شاهنواز ڀٽو ان پارٽي ۾ گڏ ھئا ٖ وري اڳتي هلي 1936ع جڏھن سائين جي ايم سيد جي ڪوششن سان سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جوڙي وئي تہ ان جو صدر سر شاهنواز ڀٽو کي بڻايو ويو ۽ چونڊن ۾ حصو ورتو ويو تہ ان چونڊن ۾ يونائيٽيڊ پارٽي اڪثريتي سيٽون کٽي ايوان ۾ تہ پهتي پر ان جا مکيہ اڳواڻ سرشاهنواز ڀٽو لاڙڪاڻي واري تڪ تان شيخ عبدالمجيد سنڌي هٿان هارايو گڏو گڏ سر هدايت الله بہ چونڊ ھارائي ٖ شاهنواز ڀٽي جي هارائڻ تي سائين جي ايم سيد پنهنجي سيٽ تان استعفئ ڏئي سر شاهنواز ڀٽي کي پنهنجي سيٽ تان چونڊرائڻ جو اعلان ڪيو هو پر پو۽ گورنر ائين ٿيڻ نہ ڏنو ٖ اڳتي هلي جڏھن جماعت اسلامي اها پروپيگنڊا ڪئي تہ ذوالفقار علي ڀٽي جو سنت ( طوهر ) ٿيل ناهي تہ سائين جي ايم سيد عبدالواحد آريسر ۽ تاج جوئي کي گهرائي چيو تہ سندس لائبرري جي فائيلن مان سر شاهنواز ڀٽي جو اهو دعوت نامون کڻي اخبار وارن کي جاري ڪيو جنهن دعوت نامي ۾ سر شاهنواز ڀٽي پنهنجي پٽ ذوالفقار جي سنت ( طوهر ) جي تقريب جو سڏ سائين جي ايم سيد سميت پنهنجن سمورن دوستن کي موڪليو هو ٖ ۽ سائين جي ايم سيد ٖ ذوالفقار علي ڀٽي جي ان سنت واري تقريب ۾ شرڪت بہ ڪئي هئي ٖ وري جڏھن ذوالفقار علي ڀٽو وزيراعظم بڻيو تہ مئي 1973ع کان جولا۽ 1977ع تائين سائين جي ايم سيد نظربند رهيو گڏو گڏ سنڌ جا اڪثر قومپرست ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ جيلن ۾ رهيا ٖ وري جڏھن ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاهي ڏني وئي تہ سائين جي ايم سيد بيگم نصرت ڀٽو کي خط لکي تعزيت ڪئي ۽ چيائين طبيعت جي ناسازي سبب نہ ٿو اچي سگهان جڏھن بہ طبيعت اجازت ڏني روبرو اچي تعزت ڪندس ٖ پو۽ جڏھن 1980ع ۾ ڊاڪٽر حميده کهڙو جو والد ۽ نثار احمد کهڙو جو چاچو خانبهادر محمد ايوب کهڙو وفات ڪري ويو ۽ سائين جي ايم سيد لاڙڪاڻي آيو تہ ايوب کهڙي جي تعزيت ڪرڻ بعد سائين جي ايم سيد سڌو المرتضئ هاؤس اچي بيگم نصرت ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو سان ذوالفقار علي ڀٽو جي شھادت تي تعزيت ڪئي هئي ٖ مون ان موقعي تي سائين جي ايم سيد کي بيگم نصرت ڀٽو سان فارسي ۾ ڳالهائيندو ڏٺو ٖ بيگم نصرت ڀٽو جي مادري زبان تہ فارسي هئي ئي سهي پر سائين جي ايم سيد بہ واه جو فارسي تي عبور رکندو هو ٖ وري جڏھن بينظير ڀٽو صاحبہ ٻيون دفعو وزيراعظم بڻي ۽ سائين جي ايم سيد کي نام نهاد جهنڊي ڪيس ۾ نظربند ڪيو ويو ۽ سائين بيماري جي حالت ۾ اسپتال ۾ نظربندي دوران 25 اپريل 1995ع تي انتقال ڪري ويا تہ سنڌ جون قوم پرست ڌريون بينظير صاحبہ تي ناراض هيون ٖ پر 7 جنوري 1996ع تي وزيراعظم بينظير ڀٽو صاحبہ ايجنسين جي منع ڪرڻ باوجود سن وڃڻ جو فيصلو ڪيو ايتري قدر جو سنڌ جي وزير اعلئ سيد عبدالله شاه بہ کيس منع ڪيو تہ جيئي سنڌ وارا اوهان تي سخت ناراض آھن اوهان جو سن وڃڻ صحيح ڪونهي متان ڪا بد مزدگي ٿي پئي پر بينظير صاحبہ عبدالله شاه کي چيو ڀلي تون سن نہ هل پر مان سن ويندس جيئي سنڌ جي ڪجهہ جذباتي ڪارڪنن بينظير صاحبہ جي سن اچڻ تي اعتراض ڪيو پر ان باوجود بينظير ڀٽو صاحبہ پنهنجي ماءٗ بيگم نصرت ڀٽو سميت سن پهتي ٖ سائين امير حيدر شاهہ ٖ عبدالواحد آريسر ۽ ٻين سن ۾ سندس آدرڀاءٗ ڪيو ٖان بعد بينظير ڀٽو ۽ بيگم نصرت ڀٽو سائين جي ايم سيد جي پونئرن سان تعزيتي دعا گهري حال احوال ڪيا