do your homework done druidawn creative writing success criteria for creative writing gcse dnp capstone project writers roman slaves primary homework help uea creative writing ma part time creative writing minor auc mfa thesis creative writing primary homework help ww2 posters best website to write my research paper how long it takes to do your homework butterfly description creative writing

جي.اين مغل سنڌ آھي: حسن مجتبيٰ

جي سنڌ ڪو ماڻھو ھجي ھا، مرداڻي جنس، ستر وارن سالن ۾، ٿلھن ڪاون واري عينڪ ۽ ٿلھي آواز، اڇن ڪپڙن  ۽ اڇي مٿي وارو  ته ھو غلام نبي مغل يعني جي.اين.مغل ھجي ھا. جي.اين مغل جنھن کي سندس سنڌ سان ڪيل ويساھه گھاتين تي پنھنجي اخبار “فرنٽيئر پوسٽ” ۾ ڏيھاڙي جي بنياد تي ھر روز “ڄام تون غدار آھين” لکندي للڪارڻ جي  باوجود ڄام صادق علي  کيس  جيل نه موڪلي سگھيو ھو. نه سنڌ فرانس ھئي، نه جي.اين. مغل زان پال سارتر نه وري ڄام صادق علي ڪو چارلس ڊيگال جنھن چيو ھو “سارتر کي مان ڪيئن جيل موڪليان ڇاڪاڻ ته سارتر فرانس آ ۽ فرانس سارتر.” مان چوان ٿو جي.اين مغل سنڌ آ ۽ سنڌ جي.اين مغل  .

ڄام صادق علي سندي مخالفن جون زندگيون اجيرن ڪري ڇڏيون ھيون پر مغل ۽ سنڌ ۾ فرنٽيئر اخبار ۽ سندس سٿ ڄام صادق علي جي سياسي زندگي اجيرن ڪري ڇڏي ھئي.

“ڪڇ اپنا لهو ڀي شامل ٿا، اس تزئين گلستان مين”

اھو وري ھڪ ٻي بادشاھي جو قصو آھي وري ڪنھن ٻئي ڀيري. مغل سنڌ تي ۽ سنڌ جي مسئلن تي ڪڏھن سمجھوتو نه ڪيو پوءِ جيڪي به ھن جي نظر ۾ سنڌ جا مسئلا ھئا، پوءِ اھا ڄام صادق علي جي حڪومت ھئي يا نواز شريف جي يا غلام مصطفيٰ جتوئي جي يا ممتاز ڀٽي جي، ضياءُالحق جي. پر جي.اين مغل به انھن صحافين يا سنڌ دوست ماڻھن ۾ شامل ھو يا شايد اڄ به ھجي ته پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ ۽ سنڌين جي سڀ کان وڌيڪ سڄڻ پارٽي آھي ۽ انھي پارٽي جي حڪومت غلط يا برابر سنڌ ۽ سنڌين کي بقول سندن “ڊليور” ڪري سگھي ٿي.

جي.اين مغل جو تعلق سنڌي ٻولي ڳالھائيندڙ انھن صحافين جي اوائلي نسل سان آهي  جن پهريان انگريزي صحافت اختيار ڪئي. انھن ۾ قادر نظاماڻي، عيسيٰ نظاماڻي، جي.اين مغل پاڻ، شيخ عزيز، انور پيرزادو، اقبال جتوئي،غالب لطيف، مشتاق ميمڻ، دستگير ڀٽي، نثار چنا ۽ ڪجھه ٻيا بزرگ شامل ھئا ۽ اھو سمجھڻ ڪو غلط به ڪونه ھو ته انھن مان ڪي ٻين ٻولين وارن وٽ،خاص طور اقتدار ۽ پاليسي ساز ڌرين وٽ سنڌ ۽ سنڌين جو ڪيس وڙھي رھيا ھئا. ٻين لفظن ۾ ھو انگريزي يا اردو ۾سنڌ ۽ سنڌين جو آواز بڻيا رھيا. جي اين مغل انھن ۾ گھڻو اڳڀرو رھيو آھي. انور پيرزادو ۽ شيخ عزيز به گھڻو پاڻ ملھائي ويا پر مغل انھن سمورن ۾ اھو سپاھي آھي جيڪو جنگ ڪڏھوڪي ھارجي به چڪي پر ھو نه پنھنجي زنگ لڳل بندوق ڦٽي ڪرڻ لاءِ تيار رھيو، نه وري پنھنجي وردي لاھڻ ڪاڻ.

تم يه ڪهتي هو وه جنگ هو ڀي چڪي

جس مين رکها نهين هي ڪسي ني قدم

ڪوئي اترا نه ميدان مين دشمن نه هم

ڪوئي صف بن  نه پائي نه ڪوئي علم (فيض احمد فيض)

جي.اين مغل جي اک ۾ به اھو فريم فريز ٿي ويو آھي جڏھن ھن سندس دل گھريي دوست ۽ ساٿي صحافي علي احمد خان ساڻ آخري ڀيرو ذوالفقار علي ڀٽي کي ڏٺو ھو ۽ ذوالفقار علي ڀٽي کان علي احمد خان پاران پڇيل سوال ڀٽي جي زندگي جو پريس کي ڏنل آخري بيان ٿي ويو ھو. ضياءَ ھٿان سندس چونڊيل حڪومت جي تختي اونڌي ٿيڻ ۽ مري ۾ نظربندي ۽ وري لاھور مان نواب قصوري جي قتل ڪيس ۾ لاھور ھائيڪورٽ مان جسٽس ڪي. ايم صمداني جي عدالت مان ضمانت ٿيڻ تي ذوالفقار علي ڀٽو ڪراچي ستر ڪلفٽن آيو ھو ته جي.اين مغل ۽ سندس ساٿي اھو ٻڌي جناح اسپتال پھتا ھئا ته اتي ان ڏينھن ذوالفقار علي ڀٽو سندي ڏندن جي چڪاس لاءِ اچي رھيو ھو. انھي دوران اھي افواھه، خبرون به ھيون ته کيس ٻيھر ڪھڙي به مھل گرفتار ڪري سگھن ٿا.

ان مھل ڀٽو به ڏندن جي چڪاس ڪرائڻ کان نبرجي جناح اسپتال جي ڊينٽسٽري واري فلور تان لفٽ ۾ چڙھيو ته جي.اين. مغل ۽ علي احمد خان به ساڻس چڙھيا ھا ته ڀٽو کين کيڪاريندي حالي احوالي ٿيو ھو. تڏھن علي احمد خان کانئس پڇيو ھو ته افواھه آھن ته کيس ٻيھر گرفتار ڪيو ويندو ته جي ايئن ٿئي ٿو ته سندس اڳتي جو لائحه عمل ڪھڙو ھوندو؟ ته علي احمد خان جي اھڙي سوال جو جواب ڏيندي ڀٽو ڪار ۾ ويھي چڪو ھو ۽ ڪار ۾ ويندي ويندي ھن چيو ھو. “مان ڪنھن به ٿيڻيءَ کي منھن ڏيڻ لاءِ تيار آھيان.” ڀٽي پنھنجي انگريزي ۾ جواب ۾ ٿيڻي لاءِ لفظ Eventuality  استعمال ڪيو ھو. اھو ڀٽي جو ڪنھن به صحافي کي آخري پر تاريخي بيان بڻجي ويو ڇاڪاڻ ته ڀٽو انھي منجھند يا ٻئي ڏينھن ٽيپھري جو گرفتار ٿي ويو ھو جتان پوءِ ھو ڪڏھن نه موٽيو. نه ڪو ان کان پوءِ ٻيھر ڪڏھن ملڪ ۽ سنڌ موٽيا.

جي اين مغل تڏھن سراج الحق ميمڻ جي ايڊيٽري ھيٺ نڪرندڙ “هلال پاڪستان” جو رپورٽر ھو ۽ علي احمد خان تڏھوڪي انگريزي اخبار “دي سن” جو رپورٽر ھو. جي ايم سيد چوندو ھو ته سنڌ ٽي وڏا دماغ پيدا ڪيا ھئا. سي هئا ڀٽو، پليجو ۽ سراج الحق ميمڻ. جي اين مغل جيڪو ڄام ساقي جي نسل جو آ ۽ تڏھن کان سچل سرمست ڪاليج جي شاگرد سياست ۾ ون يونٽ مخالف تحريڪ کان وٺي سرگرم آ، سو ضياءُ الحق خلاف صحافين جي تحريڪ ۾ برنا گروپ پاران پي ايف يو جي ۾ اڳين مورچي تي رھيو ۽ جيلن ۾ رھيو. جيل سندس صحت تي انتھائي خراب اثر ڇڏيا. ھن ٻن ڳالھين تي ڪڏھن سمجھوتو نه ڪيو، ھڪڙو سنڌ جا حق ۽ ٻيو صحافين جا حق. ان ڪري ڊنگ ڊنگ اخباري سيٺين جي مرضي ھوندي ھئي ته مغل نه فقط بيروزگار رھي پر ھو جيل ۾ رھي ته بھتر رھندو. بينظير پڻ جي اين مغل کي گھڻو مان ڏيندي ھئي. منھنجي دوست مسعود حيدر جيان کيس جتي به ڏسندي ھئي ته کيس اسٽيج تي نالو وٺي سڏيندي ھئي. جي اين مغل جو عشق پليجي سان ھو پر پليجي جي پارٽي وارا کيس پي پي پي جو ماڻھو سمجھندا ھئا. پر جي.اين مغل ماڻھو سنڌ جو ۽ سندس قلم به ان لاءِ آھي. اھي ڌاڙا، چوريون، مٿانئس حملا نئين ڳالھه نه آھن. ڪڏھن شھري ڌاڙيلن ھٿان سندس پڪي قلعي ۾ سندس گھر تي قبضو ڪيو ويو، ڪڏھن غلام مصطفيٰ جتوئي ۽ ڄام صادق علي ھيٺ نوي وارين عام چونڊن ۾ ڌانڌلين کي وائکو ڪرڻ تي مٽياري جي بازار ۾ محب شيدي ڌاڙيل کي، مٿس  فقرا ڪسيندي ٻڌو ويو “ماڻھن کي ڪيٽيون سڏين پيون” معنيٰ اغوا ٿيندا .پر عبدالله شاھه جي فرزند ارجمند جي سنڌ ۾ سڪا شاھي ۾ جي اين مغل جي نرڙ تي پستول جي ھٿيي جو سنڌي آبادي ۾ سندس گھر مٿان موڪليل ھٿڙين ھٿان زخم سنڌ جي ھاڻوڪن حڪمرانن جي منھن تي اھڙي ڌوڙ يا ٽڪو ھميشه رھندو