جي ايم سيد ڇا آھي؟

مولانا غلام محمد گرامي

اي سنڌ جا دانشور فرزند!
هن پير مرد توکي سڀ ڪجهه ڏنو آهي،
هن ته تنهنجي سرزمين کي ادب ۽ ثقافت، سنڌي زبان جي قدر قيمت ۽ حب الوطنيءَ جا سبق سيکاريا آهن.
تنهنجي روشنيءَ لاءِ، ورهين جا ورهيه، نظربنديءَ ۽ جيل جي هيبتناڪ ۽ گگهه اونداهين ۾، روشنيءَ جي ڪرڻن کي ڳوليندو رهيو آهي،
تنهنجي لاءِ هر محاذ تي وڙهندو آيو آهي،
پنهنجي عمر جو بهترين زمانو ۽ پنهنجي دولت جو چڱو خزانو تولاءِ لٽائي ڇڏيو اٿس.
موٽ ۾ تو وٽان مليا اٿس: ڪنڊن جو تاج، لعنت ملامت جي دستار،
لعن طعن جي پاکر، ڪفر ۽ الحاد جي فتوىٰ! غداريءَ ۽ مڪاريءَ جا الزام، لادينيءَ ۽ لامذهبيءِ جو بهتان!
اي دانشور فرزند!
تون ور و رڪري، ان پير مرد جي غلطين کي تفصيل سان ۽ ڪڏهن اشاري ۽ ڪنايئي ۾ ورجائيندو رهين ٿو.
ڀلا هن ڪنهن جو ڌاڙو هڻايو آهي، يا ڪنهن جي ملڪيت لٽي آهي؟ هن جو گناهه اهو آهي ته تنهنجي خوشحاليءَ ۽ اعلى تعليم لاءِ پئي پٽڻا پٽيا اٿس.
سنڌ سائي رهي ۽ سکي ستابي رهي. سندس رهاڪو، مهذب ۽ متمدن زندگي گذاري سگھن. کين ڍورن ۽ ڍڳن ۾ شمار نه ڪيو وڃي، انسان نه پر اعلى انسان تصور ڪيو وڃي،
سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت کي عالم جي امن ۽ سلامتيءَ لاءِ پيغام آهي. اهو دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچايو وڃي،
ڇا اهو گناهه ڪو گھٽ آهي ڇا؟ ان گناهه جي پاداش ۾ سندس لاءِ ڇا ڇا نه ڪيو ويو آهي؟
اخبارن ۽ رسالن جا فائل موجود آهن، انهن کي ٻيهر اٿلائي ڏس، اها ڪا گار ناهي جا هن پير مرد کي نه ڏني وئي آهي. پنهنجن ۽ پراون، ڌارين ۽ اڌارن هن لاءِ گھڻو ڪجهه گند مَيو آهي.
اي سنڌ جا دانشور فرزند!
سياست هڪ شطرنج واري راند آهي ان ۾ کٽڻ ۽ هارڻ، اڳتي وڌڻ ۽ پوئتي هٽڻ لازمي آهي، اهو ڪهڙو سوار آهي جوگھوڙي تان نه ڪريو آهي؟ اهو ڪهڙو جنگ باز بهادر آهي جو ميدان مان سڄي لڱي موٽيو آهي. رڳو مڙسن جي مڙسيءَ کي ڏسڻو آهي، نتيجي لاءِ ٻيا اسباب به ٿين ٿا. اگر اهي اسباب مهيا نه ٿا رهن ته پوءِ هن جنگاهه ۾ جيت به نه ٿي ٿئي!
ڀلا جنهن ماحول ۾ سچ ۽ ڪچ جي تميز نه هجي، ڪوڙ بدوڙ تي هرڪو سندرو ٻڌيون وتي، عزت ۽ دولت لاءِ ضمير کي وڪڻڻ ڪو عيب نه هجي، ڪرسِيءَ لاءِ لغور، نور وانگر واجهائين. منافقيءَ، خوشامند ۽ ٻچاپڙائيءَ کان سواءِ ٻيو ڪوبه اخلاقي جوهر نه رهيو هجي. سارو تلاءَ گندگي سان ڀرجي ويو هجي، اتي ڪا هڪڙي مڇي اَڇي ۽ اجري پاڻيءَ لاءِ پيئي ٻاڏائي، ته پوءِ ان کي به غنيمت سمجھڻ گھرجي.
“ڀيلي سان ئي ڀيل، جيسين رتو راس ٿئي!”
اي فرزند!
اهو پريو مڙس، سنڌ جي هڪ تاريخي تحريڪ جو فرد جوان مرد آهي، اها تاريخ جنهن ۾ دريا خان، مخدوم بلاول، سيد حيدر جهڙا سر ڏيئي سرها ٿيا. ان پوڙهي کي تحريڪ جون خصوصيتون ورثي ۾ مليون آهن.
لطيف چيو آهي ته:
“پٽيندي سائي، جنهن کي سور ٻڌايم سندرا،
ٻي هر ڪائي، هڻندي هٿ ميار جا”
هن کي به سورن سندرا ٻڌايا آهن، سو پيو پٽي ۽ پاڻ کي پَٽي يا “ اندر جنين اڌ ڏونگر سي ڏورينديون.” هن جو اندر به اڌ ٿي چڪو آهي، سو ڏونگر پيو ڏوري.
اي دانشور!
“توکي سنڌ جو قسم؛
ڇا جي.ايم سيد ۾ رڳو عيب ئي عيب آهن؟ منجهس ڪا هڪڙي خوبي به ڪانهي، اگر ڪا هڪڙي به خوبي اٿس ته پوءِ ان تي به نظر رک!”
“جي.ايم سيد، سنڌ آهي ۽ سنڌ جي.ايم سيد آهي.” هي چند لفظ هينئين سين هنڊاءِ.