help with business plan south africa write my essay in 1 hour public order advocate essay primary homework help mountains climate cover letter for price quote need help to write a research paper make to order business plan best online universities for creative writing can i write an essay in 4 days band 6 creative writing responses rice creative writing sea storm description creative writing

جيڪب آباد ۾ پ پ شھيد ڀٽو پاران شھيد شاهنواز ڀٽو جي سالگرهه ملهائي وئي

جيڪب آباد :- جيڪب آباد ۾ پ پ شھيد ڀٽو پاران شھيد شاهنواز ڀٽو جي 62 هين سالگرهه شھيد ڀٽو هائوس تي ضلعي صدر نديم قريشي جي صدارت هيٺ ملهائي وئي.جنهن ۾ عبدالسميع سومرو، نور محمد منجهو، حيدري ڪيهر، ذوالفقار رند، مامو نظير احمد لاشاري ۽ ٻين عهديدار ورڪرن ڀرپور شرڪت ڪئي.سالگرهه جي پروگرام کي مٿين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته شھيد شاھنواز ڀٽو ھڪ انمول ھيرو ھو، ان کي سازش تحت قتل ڪرائي ھڪ عظيم ليڊر کان محروم ڪيو ويو جيڪو خال ڪڏهن به ڀرجي نه سگهندو.اجلاس بعد سٽي جيڪب آباد جي جنرل سيڪريٽري نثار احمد ٽانوري جي ڀائٽي جي وفات، يونٽ باهو کوسو جي سوشل ميڊيا سيل جي انچارج سلامت ٽانوري جي والد صاحب وفات ۽ شھيد ڀٽو جيڪب آباد جي ورڪر مير حسن سومرو جي چاچي جي وفات تي قل پڙهي انهن جي روحن کي ايثال ثواب لاء دعا پڻ گهري وئي، بعد ۾ سالگرهه جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو