جيڪب آباد ۾ پوليو ورڪر نياڻي سان ايريا انچارج جي زيادتي: جوابدار گرفتار

جيڪب آباد :- جيڪب آباد ۾ ظلم جي انتھا، سول لائين ٿاڻي جي حد ۾ پوليو ورڪر نياڻي ڪلثوم پٺاڻ کي ايريا انچارج جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو. ايريا انچارچ شان ولد سليمان لاشاري ميٽنگ بهاني پوليو ورڪر کي جمس اسپتال ڀرسان علي عباس کوسو جي گهر گهرائي ساڻس زيادتي ڪئي، نياڻي جي فرياد تي سول لائين ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري جوابدار شان لاشاري کي گرفتار ڪري ورتو، جڏھن ته ساٿي علي عباس کوسو جي ڳولا جاري آهي