جيڪب آباد ۾ هڪ هٿياربند جي شهرين مٿان انڌانڌ فائرنگ، هڪ واٽهڙو مارجي ويو

جيڪب آباد :- سول لائين ٿاڻي جِي حد ۾ هڪ هٿياربند جِي شهرين تي انڌانڌ فائرنگ دوران گوليون لڳڻ ڪري واٽهڙو رياض مرهيٽو مارجي ويو، 4 زخمي ٿي پيا. پوليس ۽ شهرين جِي جوابي فائرنگ ۾ هٿياربند ظفر مغل به مارجي ويو.  پوليس ۽ شهري واقعي تي حيران ٿي ويا. واقعي جي ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو، پوليس جاچ شروع ڪندَي جوابدار جِي گهرڀاتين سان رابطي جِي ڪوششن ۾ رڌل آهن