جيڪب آباد ۾ مهڪ عرف عليزا ڪيس جو اڄ فيصلو، شهر ۾ هاءِ الرٽ، هڙتال جو سڏ

جيڪب آباد:- جيڪب آباد سان واسطو رکندڙ تازو هندو مذهب مٽائي مسلمان ٿيندڙ مسمات عليزا عرف مهڪ کي اڄ جيڪب آباد جي سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو جتي عدالت پاران تازو مسلمان بڻيل عليزا/مهڪ بابت پنهنجو فيصلو ٻڌائيندي، عليزام/مهڪ جي عدالت ۾ پيشي وقت شهر ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، مختلف مذهبي جماعتن پاران اڄ شهر ۾ مڪمل شٽر بند هڙتال جو سڏ ڏنو ويو آهي جڏهن ته اهڙي سڏ کي پوڄ هندو جنرل پنچائت پاران مڪمل طور رد ڪيو ويو آهي. پوليس پاران عليزه/مهڪ جي عدالت پيشي ۽ عدالتي فيصلي اچڻ کي نظر ۾ رکندي شهر ۾ سڀني ڊي ايس پيز، ايس ايچ اوز ۽ يونٽ انچارجز جي اڳواڻي ۾ فليگ مارچ ۽ پوليس کي شهر ۾ مڪمل طور هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي جڏهن ته عليزه/مهڪ جي عدالتي پيشي دوارن شهر ۾ وڏي پوليس نفري سميت رينجرز کي به طلب ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته عليزه/مهڪ هڪ مهينو اڳ نوجوان علي رضا سولنگي سان درگاهه امروٽ شريف ۾ وڃي اسلام قبول ڪيو هو ۽ ان بعد عدالت ۾ بيان ڏنو هو ته هن پنهنجي مرضي سان اسلام قبول ڪرڻ بعد نوجوان علي رضا سولگي سان شادي ڪئي آهي ۽ منهنجي مڙس مٿان داخل منهنجي اغوا جو ڪوڙو ڪيس ختم ڪيو وڃي جنهن بعد عليزا/مهڪ کي سيشن جج وٽ پيش ڪيو ويو جتي سندس والدين درخواست ڏني ته اسان جي نياڻي نابالغ آهي عمر ننڍي اٿس مذهب تبديل يا شادي نه ٿي ڪري سگهي ۽ ان بعد عدالت پاران کيس دارلامان موڪليو ويو هو جنهن بعد 6 فيبروي تي ٻيهر کيس عدالت ۾ 164 جا بيان رڪارڊ ڪرايا ويا ته عليزا/مهڪ پنهنجي پراڻي بيان تان ڦري وئي ۽ غلطي ٿي آهي جذباتي فيصلو ڪيو اٿم چئي پنهنجي والدين سان وڃڻ جو بيان ڏنو جنهن بعد ان بابت ڇڪتاڻ وڌي وئي ۽ اهو مامرو تڪراري بڻجي ويو مذهبي ڌرين جو موقف آهي ته عليزا پنهنجي مرضي سان مسلمان ٿيڻ ۽ علي رضا سان شادي ڪرڻ جو بيان ڏنو جنهن جو ٻيهر غيرقانوني طور بيان ورتو ويو آهي ۽ جڏهن ته هندو برادري پاران چيو ويو ته اسان جي نياڻي کان زبردستي مذهب مٽرايو پيو وڃي ۽ ائين هي هن مامري تول پڪڙي ورتي ۽ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي.جمعيت علماءِ اسلام ضلع جيڪب آباد جي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري، تعلقا ميرحافظ مير محمد بنگلاڻي،جنرل سيڪريٽري مولانا عبدالجبار رند ،مولانا عابد ابڙو ،چاڪر خان جکراڻي، سجاد بروھي ۽ ٻين چيو آهي ته مذهبي، سياسي ۽سماجي تنظيمن جي اپيل تي نو مسلم عليزه سان يڪجهتي ۽ انصاف لاءِ اڄ 18 فيبروري تي شهر ۾ ھڙتال جو سڏ ڏنو آهي. تمام شهرين کي ڪاروبار بندڪري مرڪز ۾ گڏ ٿيڻ جي اپيل ڪئي آهي. هنن چيو ته عدالتن تي يقين آهي ته ھو 164 جي ڏنل بيان تحت نو مسلم مسمات عليزه کي مڙس حوالي ڪري انصاف ڪندي، هنن وڌيڪ چيو ته مسلمان انتھا پسند ناهن پر ڀارت انتھا پسندي ڪندي مسلمانن تي ظلم جا پهاڙ ڪيرائي رهيو آهي، جڏھن ته جيڪب آباد سميت پاڪستان ۾ اقليتن کي مڪمل تحفظ مليل آهي، جيڪب آباد ۾ مذهبي جماعتن اقليتن سان رواداري ۽ ڀائيچاري وارو ماحول رکيو آهي. هنن چيو ته ملڪ جو سپريم لا قرآن ۽ سنت آهي ان خلاف ڪوبه قانون ملڪ جي آئين جي خلاف ھوندو ته اهو قبول نه هوندو، هنن وڌيڪ چيو ته حضرت علي رضه، حضرت انس رضه، حضرت زيد رضه، حضرت ابو سعيد رضه ۽ ٻيا صحابه ڪرام 10 کان 15 سالن جي عمر ۾ اسلام قبول ڪيو ۽ امان عائشه 13 ورهين جي عمر ۾ حضرت بي بي فاطمه 15 سالن جي عمر ۾ شادي ٿئي ھئي وڌيڪ اسلام برداشت جو سبق ڏئي ٿو. پر ملڪ جي آئين جي اساس جي خلاف ڪابه ڳالهه برداشت نه ڪئي وبندي، دارالامان لاڙڪاڻو ۾ نو مسلم عليزه تي اتان جي انچارج تشدد ڪري رھي آھي، ان کي ھٽائي عورتن سان ٿيندڙ زيادتي خلاف انڪوائري ڪرائي ملوث هجڻ تي قانون حوالي ڪيو وڃي.