جيڪب آباد جي مهڪ کي دارالامان ۾ رکڻ ۽ نوجوان علي رضا خلاف انڪوائري جو حڪم

جيڪب آباد :- جيڪب آباد جي مهڪ عرف عليزه وارو مامرو! عدالت نون صفحن تي ٻڌل تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، مهڪ عرف عليزه جي عمر 18 سال کان گهٽ هئڻ ڪري دارلامان ۾ رکڻ ۽ گهٽ عمر جي شادي سبب نوجوان علي رضا سولنگي، نڪاح خوان سميت شادي ۾ سهولتون ڏيندڙ خلاف جاچ ڪرڻ جو حڪم، خبر موجب: جيڪب آباد جي مذهب مٽائي اسلام قبوليندڙ مهڪ عرف عليزه کي اڱاري ڏينهن پوليس جي پهري هيٺ سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج غلام علي ڪناسرو جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جتي جيڪب آباد جي عدالت مھڪ عرف عليزا جو محفوظ ڪيل فيصلو جيڪو 9 صفحن تي ٻڌل هو ٻڌائي ڇڏيو آهي، فيصلي موجب مهڪ عرف عليزه جي عمر سرٽيفيڪٽ ۾ 18 سالن کان گهٽ هئڻ ڪري کيس دارلامان موڪلڻ جو فيصلو ڪيو فيصلي موجب مهڪ عرف عليزه کي 48 ڪلاڪن اندر دارلامان کان چائلڊ پروٽيڪشن يونٽ( ٻارڙن جي تحفظ واري اداري) منتقل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو جڏهن ته فيصلي ۾ مهڪ عرف عليزه جي عمر 18 سالن کان گهٽ هئڻ ڪري سنڌ چائلڊ ميريج ايڪٽ تحت عليزه عرف مهڪ سان شادي ڪندڙ نوجوان علي رضا سولنگي نڪاح خوان سميت شادي ۾ سهولتون فراهم ڪندڙن خلاف ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي جيڪب آباد کي جاچ ڪري ذميوارن خلاف قانوني ڪارروائي جو حڪم پڻ حڪم جاري ڪيو آهي عدالت مهڪ عرف عليزه جي نگراني لاءِ ڊي سي جيڪب آباد غضنفر علي قادري جي اڳواڻي ۾ بورڊ جوڙڻ جو حڪم جاري ڪيو جڏهن ته وومين ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ جي سيڪريٽري کي مهڪ کي ترسائڻ جا انتظام ڪري روزاني بُنيادن تي سندس سار لهڻ جي هدايت ڪئي وئي، اهڙي تفصيلي فيصلي بعد مهڪ عرف عليزه کي سخت پهري هيٺ دارلامان لاڙڪاڻو روانو ڪيو ويو..