جيستائين سنڌ جو عوام نٿو چاهي، ڪنهن جو پيءُ به سنڌ جو ورهاڱو نٿو ڪري سگهي، مولانا فضل الرحمان

ڪراچي :- پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جو ڪراچي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو آهي ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، جيستائين سنڌ جو عوام نٿو چاهي، ڪنهن جو پيءُ به سنڌ جو ورهاڱو نٿو ڪري سگهي، مولانا فضل الرحمان چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان جي سامونڊي ٻيٽن تي قبضو 18هين ترميم ۽ آئين جي ڀڃڪڙي آهي، اهڙي ڪا به ترميم قبول نه ڪئي ويندي، جنهن سان عوام جا حق متاثر ٿين، موجوده حڪومت پاڪستان کي دنيا ۾ اڪيلو ڪري ڇڏيو آهي، هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ جو خواب 26 لک نوجوانن جي بيروزگاري تي ختم ٿيو، ملڪي معيشت تباهه ٿي چڪي آهي، اڄ افغانستان جي ڪرنسي به پاڪستاني رپئي کان وڌيڪ مستحڪم آهي، اسان کي ڌمڪايو ويو، لالچ ڏني وئي پر پوئتي نه هٽاسين، ملڪ تڏهن ترقي ڪندو جڏهن سمورا ادارا پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم ڪندا.