جيئي سنڌ فريڊم موومينٽ (جسفم) جو بنيادي مقصد سنڌ کان ٻاهر عالمي سطح تي سنڌ ڪيس ۽ ڪاز کي اجاگر ڪرڻ آهي: ظفر سهتو

واشنگٽن: سائين جي ايم سيد جي فڪر هيٺ قومي هلچل ۽ جدوجدجهد لاء هڪ نئين سياسي انقلابي تنظيم جيئي سنڌ فريڊم موومينٽ (جسفم) جو بنياد وڌو ويو آهي. جسفم جي پريس پڌرائيء موجب پارٽيء جي جوڙجڪ 25 ڊسمبر 2020ع تي ڪئي وئي ، جڏهن ته پارٽيء ۽ پارٽيء جي مرڪزي آرگنائزنگ باڊي جو اعلان نئين سال جي پهرين ڏينهن ۱ جنوري 2021ع تي ڪيو ويو آهي. پڌرائيء موجب پارٽيء جي پهرين گڏجاڻي ڪميونيڪيشن جي جديد پليٽفارم زوم تي منعقد ڪئي وئي،جنهن کي سڌي ريت پارٽيء جي آفيشل فيسبوڪ پيج تان لائيو نشر ڪيو ويو.

گڏجاڻيء ۾ آمريڪا مان ظفر سهتو پاران پارٽيء جي مرڪزي آرگنائزنگ باڊي جا هيٺين نالن وارا عهديدار مقرر ڪيا. ظفر سهتو چيف آرگنائزر، سهيل سنڌي ڊپٽي چيف آرگنازئزر، حفيظ ديشي ڊپٽي آرگنائزر ،جڏهن ته محمد علي نوناري ، حسين سنڌي، راجا سوڍو، سرواڻ سهتو، بختاور سنڌو ۽ زبير سنڌي مرڪزي آرگنائزر چونڊيا ويا.گڏجاڻي ۾ پارٽيء جي چيف آرگنائزر ظفر سهتو، آمريڪا مان ، محمد علي نوناري جرمنيء مان ، سهيل سنڌي گلف مان ۽ حسين سنڌي شرڪت ڪئي. براه راست گڏجاڻي کان اڳ سنڌ ۾ مقرر پارٽيء جي باقي آرگنائزرس سان پڻ رايا ورتا ويا. جسفم اڳواڻن چيو ته سنڌ کي هن وقت هڪ نئين سياسي ۽ انقلابي تنظيم جي ضرورت آهي جيڪا قومي جدوجهد ۾ ماضيء جي ڪيل غلطين، تجربن ۽ ناڪام سياسي حڪمت عملين کي نظر ۾ رکندي نئين انداز ۽ حڪمت عملي سان جدوجهد ڪندي. جسفم سائين جي ايم سيد جي فڪر کي رهنما بڻائي ، ڪهاڙي واري ڳاڙهي جهنڊي جي ڇانو ۾ سنڌ اندر قومي هلچل ۽ سجاڳي پيدا ڪندي، جڏهن ته سنڌ کان ٻاهر عالمي سطح تي سنڌ ڪيس ۽ ڪاز جي ڀرپور نموني سان سياسي طور نمائندگي ڪندي. اڳواڻن چيو ته 17 جنوري تي سائين جي ايم سيد جي سالگراهه ڀرپور نموني ملهائي ويندي ۽ پارٽي جي آئين، منشور ۽ پارٽي پروگرام جو اعلان پڻ 17 جنوري تي ڪيو ويندو.