write my tok essay for me homework help ad did i do my homework creative writing therapy certification imagenes de do your homework creative writing business how can technology help with homework can someone write my essay for me uk creative writing course in delhi how to do your high school homework in sims 4 cv writing service lebanon professional thesis writers in pakistan

جوت ۽ جوتيوان_علامه عمر بن دائود پوٽو ورسي جي حوالي سان

جوت ۽ جوتيوان_علامه عمر بن دائود پوٽو
ورسي جي حوالي سان

محمد ابراهيم جويو
سن 1930ع جي وچ ڌاري، چوٿين درجي انگريزيءَ (هاڻوڪي اٺين ڪلاس) ۾ داخل ٿيڻ لاءِ آءٌ ڪراچيءَ جي سنڌ مدرسي ۾ پهتس. پهريائين رات جو سج لٿي کان ٿورو ئي پوءِ سائين جي. ايم. سيد مون کي ساڻ موٽر ۾ ويهاري، مدرسو ڏيکارڻ وٺي ويو. هڪ ته ڪڏهن موٽر ۾ ڪونه ويٺو هوس (موٽر هونئن به اُنهن ڏينهن ۾ ائين ڪي ايڪڙ_ ٻيڪڙ هلندا ڏسبا هئا)، ۽ ٻيو ته ڪراچيءَ جو شهر، جنهن جي رونق ۽ ڏيک ويک مون ٻهراڙيءَ جي هڪ بنهه ڪکائين واهڻ جي رهاڪوءَ لاءِ بنهه نئون ۽ حيران ڪندڙ، سو جڏهن رات جي ويلي مدرسي جي وڏي دروازي کان لنگهي، اندر ميدان تي موٽر بيٺو ۽ لٿاسون، ۽ چوڌاري نهاريم، ته منهنجون ته وايون بتال ٿي ويو ن. جيڏانهن ڏسان تيڏانهن رڳو بتيون پيون ٻرن_ جايون وڏيون ۽ ڊگهيون_ اصل وڏن کان ٻڌل ڄڻ ڪنهن پرستان ۾ اچي بيٺو هوس. خبر ئي نه پئي پيم ته ڪٿي هوس، ۽ جتي هوس اُن جو هنڌ ڪهڙو ۽ نقشو ڇا هو. ڪا عجب شيءِ ڏسي، جو وات ڦاٽي ويندو آهي، بس اُها منهنجي حالت هئي. هاڻي ٿو سوچيان ته سائين جي. ايم. سيد منهنجي اها حالت ڏسي، دل ۾ ڏاڍو کِليو هوندو! مون ڏانهن ڏسي چيائون، ”محمد ابراهيم، هاڻي تون هتي پڙهندين، ۽ رهندين به هتي! ڪيئن، ڊڄندين ته ڪونه!“ مون کان جواب اُڪلي نه سگهيو. مان جواب ڏيئي به ڪهڙو ٿي سگهيس! پوءِ مون کي ڄڻ آٿت ڏيڻ لاءِ سائينءَ چيو، ”هن مدرسي جو جيڪو پرنسپال آهي، سو به ننڍي هوندي هتي پڙهندو هو ۽ رهندو به هتي هو، ۽ ايڏو ته غريب هو، جو ٻين ڇوڪرن جون کٽون واڻي، پنهنجو گذران ڪندو هو!“ پوءِ جڏهن موٽي سائينءَ جي بنگلي تي پهتاسون ۽ اُتي پنهنجي پوڙهي ڏاڏي کي ٻُڌايم ته اسڪول ڏسي آيو آهيان، جتي مان پڙهندس، ته هو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ مون کي ڏاڍا پيار ڏنائين ۽ دعائون ڪيائين. ڳوٺان هو مون کي ساڻ وٺي ڪراچيءَ آيو هو، ۽ ڏاڍين مشڪلاتن سان اسٽيشن تان لهي، پهريائين ڳوٺ جي پاسي جي هڪ واڻئي جي ڪوٺيءَ تي، ڏس پتي سان پهتا هئاسون؛ پوءِ اُتان هڪ ٻيو ماڻهو ساڻ ڪري، ٽرام تي چڙهي، راڻي باغ جي ڀرسان ملير نئين جي ڪَپ تي بيٺل شاهه سائينءَ جي بنگلي تي رسيا هئاسون. شاهه سائين تڏهن ڪراچي ضلعي لوڪلبورڊ جو پريزيڊنٽ هو، ۽ مون کي اُن لوڪلبورڊ وٽان ڏهه رپيا ماهوار اسڪالرشپ وٺي ڏني هئائون، ۽ ائين منهنجو ڪراچيءَ ۾ وڌيڪ تعليم پرائڻ جو بندوبست ٿي سگهيو هو، ۽ انگريزي پڙهڻ لاءِ آءٌ ڪراچيءَ پهتو هوس.
ٻئي ڏينهن، سائينءَ پنهنجي خاص ماڻهوءَ سان، پنهنجي موٽر ۾ مون کي مدرسي موڪليو، جنهن سان گڏجي آءٌ مدرسي جي پرنسپال وٽ وڃي حاضر ٿيس.
پرنسپالَ، ڊاڪٽر عمربن محمد دائود پوٽي، جون ڳالهيون مون ايڏيون ۽ ايتريون ٻڌيون هيون، جو مون لاءِ هو ڄڻ جنن پَرين جي ڪنهن وڏي قصي جو ڪو جادوگر، ڪو ڏاڍو مڙس، ڪو شهزادو يا بادشاهه هو! هن جو نالو ۽ هن جون ڳالهيون اسان جي تَرَ ۾ عام پکڙيل هيون، ڇو ته اسان جو ڳوٺ ڊاڪٽر صاحب جي ڳوٺ، ٽلٽيءَ، کان ڪي 40-50 ميل مس هو. سندن ڳوٺ ۾ اسان جا ڪي مائٽ رهندا هئا، ۽ آءٌ پنهنجن مائٽن سان گڏجي، شادي_ مراديءَ جي ٻن_ ٽن موقعن تي اُتي ويو هوس. جڏهن به ڪٿي ڪا پڙهائيءَ جي ڳالهه نڪرندي هئي، اُتي ڊاڪٽر دائود پوٽي جو ذڪر ضرور ٿيندو هو. ڳالهيون به ڪهڙيون؟ بس ڪي ڪيئن ته ڪي ڪيئن! ٻهراڙيءَ ۾ تڏهن ته ڇا، پر هاڻي به، شل نه ماڻهن کي ڪا نئين ڳالهه ٻڌڻ ۾ اچي. هڪدم اُها هنڌين ماڳين پاڻيهي پکڙجي ويندي. اسان مان جيڪي به ڇوڪرا ذهين يا ڪجهه وڌيڪ هوشيار ڏسبا هئا، تن کي استاد ڀيري ڀيري سان، همٿائڻ لاءِ ”ڇوڪري عمر ڪوريءَ“ جي تڪليفن، محنت ۽ هوشياريءَ جون ڳالهيون پيا ٻڌائيندا هئا_ ”ڪوري“ انهيءَ ڪري، جو ڊاڪٽر صاحب جا مائٽ اَڏاڻن تي ڪپڙا اُڻندا هئا. ملا ۽ ٻيا عام اڻپڙهيل ماڻهو، جيڪي انگريزيءَ جي تعليم جي برخلاف هئا، سي وري ڊاڪٽر صاحب جي خلاف هُلَ هلائيندا هئا_ چي، مٿي اگهاڙو ۽ ڏاڙهيءَ ڪوڙ آهي_ انگريزي پڙهيا سڀ کريا_ بيهي ٿا مُٽن، مائٽن جي ساڃهه کان نڪريو وڃن، دين کان ڦريل وغيره. هي ته چڱو، جو منهنجو پنهنجو ڏاڏو پاڻ ڳوٺ جي هڪ راڄ جو مُلو هو، نه ته مُلن جون اِهي ڳالهيون ڏاڍيون ڏکيون پون ها، ۽ منهنجي وڌيڪ پڙهائي شايد روڪجي وڃي ها. مطلب ته ڊاڪٽر دائود پوٽو مون لاءِ هڪ اُهو خطرناڪ ۽ من_ موهيندڙ عجوبو هو، جنهن کي ٻار ڏسڻ چاهيندا به آهن ۽ اُن جهڙا ٿيڻ به چاهيندا آهن، پر جنهن جي ويجهو وڃڻ کان نٽائيندا ۽ ڊڄندا به آهن.
جڏهن آءٌ ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب جن وٽ مُنهان مُنهن حاضر ٿيس، تڏهن پنهنجي دل جي دڪ دڪ پنهنجي ڪنين پاڻ پِئي ٻڌيم! مون کي پڪ آهي ته اُن گهڙيءَ جيڪڏهن ڊاڪٽر صاحب مون ڏانهن شوخ اکين سان رڳو نهاري ها، ته آءٌ ڪِري پوان ها. پر ڊاڪٽر صاحب مون ڏانهن شوخ اکين سان ڪونه نهاريو، بلڪه ڏاڍي پيار سان پاڻ وٽ سڏي، نالو پڇيائون. پوءِ پنهنجي ڳوٺ جو نالو کڻي، پاڻ کي اسان جو پاڙيسري ظاهر ڪيائون، ۽ جڏهن مون سندن ڳوٺ ۾ رهندڙ پنهنجن مائٽن جا نالا کڻي ٻڌايامانِ ته اُنهن جي وڏن جا پاڻ به ٻه_ چار نالا ورتائون. پوءِ منهنجي هٿن جا نُهن ڏٺائون ۽ منهن کولائي ڏندن جي صفائيءَ جي تپاس ڪيائون. مون کي ڪپڙي لٽي صاف سٿرو ڏسي خوش ٿيا، ۽ بت جي صفائيءَ، ڪپڙن جي صاف پائڻ، ”سوير سمهجي سوير اٿجي، اول ڌڻيءَ جو نالو ڳنهجي“ واري بيت جي سٽ پڙهي ٻڌايائون، ۽ پڇيائون، ”اِهو بيت توکي ياد آهي؟“ مون چيو، ”هائو سائين! ٻئي ڪتاب ۾ آهي!“ چيائون، ”ٻڌاءِ.“ منهنجي هٿ ۾ پينسل ۽ ڪاپيون هيون، سي هڪدم کڻي ميز جي هڪ ڪنڊ تي رکيم، ۽ هڪڙي وک پوئتي هٽي، ٻيئي ٻانهون سڌيون هيٺ جهلي، ڳيت ڏيئي، ڊگهو ساهه کڻي، سڄو بيت ”ماءُ ۽ پيءُ جو چيو مڃجي“ کان وٺي ”مائٽ مٽ کي سو وڻندو“ تائين يڪساهيءَ ياد چئي ٻڌايومانِ. ڊاڪٽر صاحب جن ڏاڍا خوش ٿيا. پوءِ مون کان پنهنجو نالو انگريزيءَ ۾ ۽ سنڌيءَ ۾ لکايائون_ اکر منهنجا ڪجهه ڪَچا هئا، سو قلم کڻي، پنهنجي هٿ سان پاڻ ڪن اکرن جي بيهڪ ۽ صورت ٺيڪ ڪيائون، ۽ انهن جي هيٺان جدا آهي لفظ پاڻ سٺا بنهه موتين جهڙا لکي چيائون، ”اکر سٺا لکبا ته پاڻ کي به وڻندا ۽ ٻين کي به وڻندا!“ بس، ائين منهنجي دل تان خوف ته لهي ويو، پوءِ هڪدم چٺي لکي، پنهنجي نائڪ هٿ مون کي وائيس پرنسپال صاحب، خان صاحب مريد عليءَ، ڏانهن موڪلي ڏٺائون_ ۽ ائين مان مدرسي ۾ داخل ٿي ويس_ اسڪول جي چوٿين ’ب‘ ۾ ۽ بورڊنگ هائوس جي سردار هائوس ۾ مٿي ’سِي‘ هال ۾.
ٻه ڏينهن گذريا ته ڪلاس ۾ مولوي صاحب ميان عبدالرحيم منگسي آيو_ ڊگهو ۽ بت ۾ ڀريل مڙس. اڇي سونهاري، ڪُلهن تي حاجين جهڙو رومال پٿريل، ۽ ٿلهو نيٽ جو ونگائين هٿئي وارو لڪڻ، اچڻ سان لڪڻ ميز تي ڊيگهه سنئون سمهاري رکيائون، ۽ پاڻ ڪرسيءَ تي ٿِي ويٺا. هڪدم پڇيائون، ”ڪتاب ڪنهن ڪنهن اڃا نه ورتو آهي؟ اُهي اٿي بيهن!“ آءٌ به اُٿي بيٺس. مولوي صاحب جيئن ڪرسيءَ تي ويٺا هئا، تيئن فوراََ هيٺ لٿا ۽ لڪڻ کنيائون، ۽ جيڪي به بيٺا هئاسون، تن کي هٿ جي ترين تي ٻه ٻه زور سان لڪڻ هڻندا، وڃي پار پيا. مون کي اهڙو ته ڏک ٿيو، جو جيسين مولوي صاحب ڪلاس ۾ هئا، تيسين ته خير، پر نڪتا ته زار زار ڳوڙها ڳڙي آيم. ننڍي رسيس هئي، سو ورانڊي ۾ ڀت سان لڳي، بيٺي رنم. ايتري ۾ گهنڊ وڳو، ۽ ڪيڏيءَ مهل ڏٺم ته ڪو اچي ڀرسان بيٺو اٿم. نهاريان، ته پرنسپال صاحب! آءٌ ڏڪي ويس پڇيائون، ”ڪلاس ۾ ڇو نٿو وڃين. گهنٽي ڪانه ٻڌي اٿئي؟ ڇو ٿو روئين!“ جيئن تيئن ڳالهه ڪري ٻڌايم. پاڻ چيائون، ”ايڏڙيءَ ڳالهه تي ايترو روئبو؟ ڊڄڻو ٿيندين ڪيئن! اُگهه اکيون، منهنجي آفيس ۾ اچ!“ ڊاڪٽر صاحب جن ڏاڍو تکو هلندا هئا. آءٌ بنهه ڊوڙي پئِي پڳومانِ. آفيس ۾ پهچي، مون کي پنهنجي ڪٻٽ مان گهريل ڪتاب ڪڍي ڏنائون، ۽ چيائون، ”خبر اٿيئي ته مولوي صاحب جن منهنجا به استاد ٿين! مون کي به هڪ ڀيري اِئين اوچتي سزا ڏني هئائون. هاڻي، وڃ، وڃي پڙهه! ٿورڙيءَ مار تي گهڻو روئبو، ته رڳو پيو روئبو. ڊوڙ پاءِ، دل ڏاڍي ڪر، ۽ شوق رکي پڙهڻ سان لڳي وڃ.“
مهيني کن کان پوءِ ششماهي امتحان ٿيو، ۽ پنهنجي ڪلاس ۾ آءٌ پهريون نمبر آيس. هڪڙي ڏينهن ڏسان ته وڏي دروازي وٽ، شام جو، اندر، سائين جي. ايم. سيد پيو موٽر مان لهي! ڊوڙي وڃي مليومانِ. چيائون ته ”تون پنهنجي ڪلاس ۾ پهريون نمبر آيو آهين! آءٌ ڏاڍو خوش ٿيس، سو توکي آفرين ڏيڻ آيو آهيان_ شاباس!“ مون پڇيومانِ، ”سائين، اوهان کي ڪنهن ٻڌايو!“ چيائون ”ڇو، اوهان جي پرنسپال ٽيليفون تي مون کي ٻڌايو! ٻيو ڪير ٻڌائيندو!“
چوٿين درجي جو ساليانو امتحان ٿيو. پنهنجي ڪلاس ۾ پهريون نمبر ۽ چوٿين جي ٽنهي ڪلاسن (سنڌي، گجراتي ۽ اردو) ۾ ٻيو نمبر آيس. ڪلاس مٽيا، ته اميد هيم ته پنجين ”الف“ ۾ موڪيندا، پر ”ب“ ۾ ويهاريائون، جتي سڀ گجراتي ۽ اردو ڇوڪرا هئا. ٻي ڏکي ڳالهه هيءَ ٿي، جو ڪلاس ۾ ٻ_ ٽي ڇوڪرا، گهڻيءَ شاهوڪاريءَ سبب، ڪجهه اَهنڊ هئا ۽ ڏاڍي مستي ڪندا هئا ۽ مون سان اجايو پيا کينسندا هئا، ڪجهه ڏينهن کان پوءِ دل جهلي، پرنسپال صاحب وٽ ويس، ۽ وڃي عرض ڪيومانِ ته ”سائين، مون کي پنجين ب مان ڪڍي، پنجين الف ۾ ويهاريو!“ پڇيائون، ”ڇو؟“ ٻڌايومان ته ”سائين، هن ڪلاس ۾ ڪي لوفر ڇوڪرا آهن، جيڪي مون کي چيڙائين ٿا!“ منهنجو اِهو چوڻ، ۽ ڊاڪٽر صاحب جن ڪاوڙ ۾ ڳاڙها ٿي ويا! گرجدار آواز ۾ چيائون، ”تون اشراف آهين، ٻيا لوفر آهن! خبردار، جو ٻين کي ڏوهه ڏنو اَٿيئي! پاڻ کي ڏوهه ڏيڻ سک! وڃ، ڪلاس ۾ وڃي پڙهه!“ ڏاڍو ڏک ٿيم. ڇو ته آءٌ ڏکايل هوس، ۽ پرنسپال صاحب مون کي پورو ٻڌو به ڪونه! دل ۾ ڳالهه کي پچائيندو، واپس آيس، ۽ سڄي عمر دل تي ڳالهه رهي ته ’ٻين کي ڏوهه ڏيڻ کان اڳ، پهريائين پاڻ کي ڏوهه ڏجي!‘ ٻئي ڏينهن ڪلاس ماستر صاحب پاڻ وٽ گهرائي، مون کان پڇيو، ”ڪهڙا ڇوڪرا ٿا توکي تنگ ڪن؟“ عجب لڳم ته سائينءَ کي ڪيئن خبر پيئي! اڃا ڳيتن ۾ هوس، ته سائينءَ چيو، ”ڊپ نه ڪر، ٻڌاءِ! مان هنن کي سمجهائي ڇڏيندس. پرنسپال صاحب مون کي چيو آهي.“ پر مون ڪنهن جو به نالو نه ورتو، ۽ اِئين مون سونَ جهڙو سبق سکيو، ڪلاس ۾ ڪنهن کي رنج ڪونه ڪيم ۽ هلڪڙائيءَ کان بچي ويس.
پنجين ڪلاس ۾ اڃا هئاسون ته اسان جي ڪوٽڙي تعلقي جو ڪراچي ضلعي کان ڇڄي، نئين ٺهيل ضلعي دادوءَ سان شامل ٿيڻ جو اعلان ٿيو. اُن سان گڏ منهنجي ڪراچي ضلعي لوڪلبورڊ جي اسڪالرشپ به بند پئي ٿي، ۽ منهنجي آئنده پڙهائيءَ جي خرچ جو سوال ٿي اُٿيو. منهنجا مائٽ هَرَ_ هاري، سي ڪٿان ٿي اُهو خرچ سهي سگهيا! اُن ڏينهن، ڪلاس ماستر صاحب، ٻين عام ڳالهين سان گڏ، ڪلاس ۾ اِها ڳالهه به ڪري ويو! منهنجي حيرت جي حد نه رهي، جو اُنهن جي شاهوڪار ڇوڪرن مان ٻن ڇوڪرن اُنهيءَ ئي گهڙيءَ اُٿي چيو ته ”سائين، اُن حالت ۾ اِهي پئسا اسين ڏينداسين! ”هفتو ڏهه ڏينهن گذريائي مس، ته ڪلاس ۾ پرنسپال صاحب جو آرڊر آيو، ۽ سائينءَ سڀني کي پڙهي ٻڌايو، ته چوٿين درجي جي سالياني امتحان ۾ ڪلاس مان پهرئين نمبر سان پاس ٿيڻ ڪري، اڳتي سنڌ مدرسي اولڊ بوائز ائسوسئيشن جي اسڪالرشپ ٻارهن رپيا ماهوار، ٽن سالن تائين، مون کي ملندي رهندي. ڊاڪٽر صاحب جن اُن ائسوسئيشن جا صدر به پاڻ هئا. کين مون ڪونه چيو هو، اسان جي ڪلاس ماستر صاحب اڃا ڪونه چيو هو، سائين جي. ايم. سيد به ڪونه چيو هو_ پاڻ ئي منهنجي مشڪلات جي اونَ رکي، مون کي اسڪالر منظور ڪري ڏني هئائون.
ترت ئي پوءِ ڊاڪٽر صاحب جن بمبئيءَ جي اسماعيل ڪاليج، انڌيريءَ، ۾ عربيءَ جا پروفيسر مقرر ٿي ويا. مون مئٽرڪ پاس ڪئي. بي. اي. پاس ڪيم. ساڳئي سنڌ مدرسي ۾ ماستر ٿيس. پوءِ بمبئيءَ مان بي. ٽي. پاس ڪيم. تنهن وچ ۾ ڊاڪٽر صاحب جن سنڌ جا ڊئريڪٽر آف پبلڪ السٽرڪشن ٿي آيا هئا. 1942ع ۾ پاڻ سنڌ مدرسي ۾ اسان جي انسپيڪشن ڪرڻ آيا. ورانڊي مان اڪيلي سر ويندي، منهنجي ڪلاس ۾ گهڙي آيا. مون سندن آجيان ڪئي. ڇهين درجي جي هڪڙي ڪلاس کي انگريزي شعر جو سبق پئي پاڙهيم. ڏهه_ پندرهن منٽ چپ چاپ منهنجي پڙهائيءَ کي ڏسندا، ٻڌندا رهيا. پوءِ اُٿي ”ٿئنڪ يو!“ چئي، ٻاهر ورانڊي ۾ مون کي وٺي ويا، ۽ چيائون، ”گورنمنٽ سروس ۾ اچڻ چاهيندا!“ چيومانِ، ”سائين! هيءُ اسان جو اسڪول آهي. آءٌ هتي خوش آهيان.“ چيائون، ”ڪڏهن به گورنمنٽ سروس جو ارادو ٿِئيوَ، ته بيڌڙڪ مون ڏانهن هليا اچجو!“ مون سندن مهرباني مڃي، ۽ پاڻ ”وِ ش يو گڊ لڪ“ چئي، روانا ٿي ويا.
1947ع ۾ پوءِ مدرسي مان مون کي نڪرڻو پيو، ۽ ٻئي سال ٺٽي ميونسپالٽيءَ جي اسڪول ۾ هيڊ ماستريءَ جي جاءِ ملي. 1949ع ۾ اهو اسڪول ڊاڪٽر صاحب جي تحرڪ سان سرڪار پنهنجي هٿ ۾ کنيو ۽ آءٌ ائين گورنمنٽ سروس ۾ آيس. 1951ع ۾ سائين جي. ايم. سيد ۽ ڊاڪٽر صاحب جي ڪوششن سان، سنڌي ادبي بورڊ جو بنياد پيو، ۽ آءٌ ان جو سيڪريٽري مقرر ٿيس. ڊاڪٽر صاحب جن پنهنجي آخري دم تائين، اُن بورڊ جا ميمبر رهيا، ۽ مون کي سندن خدمت ۾ بار بار وڃڻ ۽ سندن هٿ هيٺ ۽ ساڻن گڏجي ڪم ڪرڻ جا ڪيئي موقعا مليا. ڊاڪٽر صاحب کي مون ڪڏهن به ڪا هلڪي يا بيجا ڳالهه ڪندي ڪونه ٻڌو. هميشه پاڻ علمي ۽ ادبي ڳالهين جي ڌن ۾ رهندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن مون کين ڪاوڙيل به ڏٺو، پر سدائين ڪنهن نه ڪنهن ڪوڙ، دولاب ۽ ڏاڍ خلاف. خود پنهنجي ڪنهن شخصي نقصان يا حق تلفيءَ جي ڪا شڪايت يا دانهن مون سندن زبان سان ڪڏهن ڪانه ٻڌي.
عمر جا پويان سال، ملازمت جي ذميدارين کان اَجا ٿي، ڊاڪٽر صاحب جن خاص ادبي بورڊ طرفان سونپيل ٻنچئن علمي ڪمن ۾ مشغول رهيا. ٿورن مهينن لاءِ ادبي بورڊ جي ٺهرايل لغت تي نظرثالي پڻ ڪيائون، جنهن لاءِ کين هڪ هزار روپيا ماهوار پيش ڪيا ويندا هئا، ۽ اُن لاءِ مٿن ڪوبه شرط رکيل ڪونه هو ته ڪيترو ڪم، ڪڏهن ۽ ڪيئن ڪندا. هڪڙي ڀيري، هزار رپين جو چيڪ وٽن ويو، ته پنج سؤ رُپين جو چيڪ پاڻ موٽائي موڪليائون، ۽ ڪاغذ لکيائون ته ”گذريل مهيني ۾ پندرهن ڏينهن مون لغت تي ڪم نه ڪيو آهي، تنهنڪري پوري مهيني جي اُجوري وٺڻ جو پاڻ کي حقدار نٿو سمجهان!“ تن ڏينهين، ساڳيو اهڙو مثال، هڪ ڀيري، قبله محترم مرحوم علامه آءِ. آءِ. قاضي صاحب جن به قائم ڪري ڏيکاريو سنڌي ادبي بورڊ کين شاهه جي رسالي جي ايڊٽنگ ۽ انگريزي ترجمي جو ڪم سونپيو هو، ۽ اُن لاءِ کين ٻه هزار رُپيا ماهوار پيش ٿيندا هئا؛ هڪ موقعي تي، ٻن هزار روپين جو چيڪ علامه صاحب جن بورڊ جي آفيس کي موٽائي موڪليو ۽ لکيائون ته ”هيءُ مهينو بورڊ جو ڪم مون کان نه ٿي سگهيو آهي، تنهنڪري هن رقم تي منهنجو حق ڪونهي!“
هونئن ته اُنهن ڏينهن ۾ به اِئين هو، پر هاڻي ته هر هنڌ ايتري نفس پرستي، ۽ پيسي ۽ طاقت جي لالچ عام ٿي پيئي آهي، جو ڪٿي جيڪڏهن فرض ۽ نيڪيءَ جي ڳالهه ٿي ڪجي،ته ڪي ماڻهو اُها ائين ئي ٽاريو ڇڏين، ۽ گهڻا ته اُن تي کِل ۽ چٿر پڻ ڪن ٿا. اصول، قاعدي يا قانون جو نالو ٿو وٺجي، ته ڏاڍيءَ پاڻ _ هُرتائيءَ سان جواب ٿو ملي، ”ڇاجو اصول، ڪهڙو قاعدو، ڪٿان جو قانون! ميان، سڀڪجهه ٺيڪ آهي!“ سچ پچ ته انهيءَ طرح ۽ اهڙن سوالن ڪرڻ وارا پاڻ بي اصول، سڌڙيا ۽ حق ناشناس آهن، ۽ اُنهن جو انسان جي نيڪيءَ مان ايمان کڄي ويو آهي. بنيادي ۽ اٽل حقيقت ته هيءَ آهي ته جيڪڏهن ڪنهن انساني سماج مان اصول، قاعدو ۽ ماڻهپي جو بنيادي قدرُ مرڳوئي نڪري وڃي، ته اُهو سماج هڪ ڏينهن به هلي نه سگهي. ڇو ته پوءِ انسان ۽ حيوان جو فرق باقي نه رهندو، ۽ بدي نيڪيءَ تي هميشه غالب پئجي ويندي. نيڪيءَ ۽ بديءَ جي هن دائمي ويڙهه ۾ ڊاڪٽر مرحوم جهڙا ڪي ٿورڙا پاڻُ_ وسارڻ وارا شخص ئي ٿين ٿا، جيڪي نيڪيءَ جو پاسو کنيو، ويڙهه کي مچايو ۽ جاري رکيو اچن ٿا، ۽ اُهو اهڙن ٿورڙن ۽ پاڻ ارپي ڇڏڻ وارن شخصن جي دم قدم سان ئي آهي، جو انسانيت جو قافلو نيڪيءَ ۽ ماڻهپي جي تلاش ۾ اڳتي وڌندو رهي ٿو_
آ ٽِمِ ٽِمِ، ٽِم ٽِم لاٽ اڃا،
جا جوڳي ڪالهَه جلائي ويا. _اياز