جوبائيڊن آمريڪا جو نئون صدر منتخب

واشنگٽن: پنسلوانيا جو نتيجو اچڻ کانپوءِ جوبائيڊن گهربل اليڪٽورل ووٽ حاصل ڪري ورتا آهن، جنهن کانپوءِ ٽرمپ صدارتي عهدي جي ڊوڙ کان ٻاهر ٿي ويو آهي.آمريڪي خابرو ايجنسي موجب پنسلوانيا رياست ۾ ڊيموڪريٽڪ اميدوار جوبائيڊن ريپبلڪن پارٽي جي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ کي شڪست ڏئي 20 اليڪٽورل ووٽ پنهنجي نالي ڪيا، جنهن سان گڏ ئي ان صدر بڻجڻ لاءِ گهربل 270 اليڪٽورل ووٽ حاصل ڪري ورتا آهن.وڌيڪ 5 رياستن ۾ ڳڻپ جاري آهي، جتي ووٽن جي ڳڻپ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ جوبائيڊن جي فتح جو باضابطه اعلان ڪيو ويندو