جهاز حادثو: وجودن سان گڏ انيڪ خواب به ڀسم

                         ڪورونا آمراڻا ۽ جمھوري حڪومتن جي تاثير تي بحث کي تيز ڪرڻ کان سواءِ حڪمراني جي نظام جي اھميت، اثرائتي پڻي ۽ ردعمل کي آزمائي رھيو آھي. لاڪ ڊائون بنيادي طور چر پر جي حق کي مختصر ڪرڻ جي حوالي سان ڌيان جو مرڪز ھوندو آھي. تنھنڪري آمراڻا حڪومتن کي پابنديون ھڻڻ ۾ برتري حاصل آھي. تنھنڪري پابنديون لاڳو ڪرڻ ۾ آمراڻا حڪومتن جو مقابلو ھوندو آھي.مغربي جمھوري رياستن ۾، ذميداري جي احساس جي نتيجي ۾ ان طرح جون پابنديون عائد ڪرڻ جي نوبت تمام گھٽ پيش آئي آھي.ھن وقت تائين، سنگاپور، ويٽنام، تائيوان، جرمني، نيوزيلينڊ ۽ ڏکڻ ڪوريا ڪورونا سبب لاحق خطرن کي مؤثر انداز ۾ منھن ڏنو آھي جڏھن ته آمريڪا ۽ اٽلي کي ان سلسلي ۾ ناڪامي نصيب ٿي آھي. چين به مغربي جمھوريتن جي ڀيٽ ۾ بھتر ڪارڪردگي جو مظاھرو ڪيو. پوءِ به، اھو چوڻ وقت کان اڳ ھوندو ته ڪھڙي قسم جو سياسي نظام وبا واري بحران سان مقابلو ڪرڻ جي لاء مؤثر ۽ اثرائتو ثابت ٿيندو.ترقي پذير معاشرن ۾، حڪومتن کي ڪيترن ئي مسئلن ۽ للڪارن سان ڏيڻو پوي ٿو. امدادي ڪمن کان سواء، اھا سختگير انتھاپسند مذھبي قوتن، پريشر گروپن، سنسني خيز ميڊيا گروپ ۽ سازشي نظرين سان به منھن ڏئي ٿي.عالمي سطح تي، بحران دوران، حڪومتن پنھنجي انتظامي اختيارن ۾ واڌ ڪئي آھي، انفرادي حقن کي محدود ڪيو آھي ۽ پارليامينٽ جي ڪاروائي ۾ دير ڪئي آھي. جيتوڻيڪ لاڪ ڊائون قانوني اصطلاح نه آھي پر ان جي بين الاقوامي سطح تي تشريح غير ضروري ڪاروبار بند ڪرڻ، عوامي اجتماعن تي پابندي لڳائڻ، انساني چرپر کي محدود ڪرڻ ۽ گھٽين جي نگراني ڪرڻ سمجھيو پيو وڃي ته جيئن عوام پاران گھرن اندر محفوظ نموني رھڻ واري عمل کي يقيني بڻائي سگھجي.پنجاھه کان وڌيڪ ملڪ ( ۽ تقريبن سموريون آمريڪي رياستون) ھنگامي حالتن جو اعلان ڪيو آھي. انساني حقن جي حوالي سان يورپي ڪنوينشن جو آرٽيڪل 15 ملڪن کي ائين ڪرڻ جا اختيار ڏئي ٿو. جڏھن ته يورپ وبا سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آھي.اتي اٿندڙ آواز، دانھون ۽ ڪوڪون ھنگامي قدمن تي احتجاج جون صدائون بلند ڪري رھيون آھن.ھنگري ۾ ايمرجنسي خلاف درخواست تي ھڪ لک ماڻھن دستخط ڪيا. ھنگامي حالتن کي مدنظر رکندي اسپين پنھنجي اسپتالن کي قومي تحويل ۾ ورتو. ان وبائي مرض گھٽ ۾ گھٽ ستيتاليھه ملڪن ۾ چونڊ عمل کي به درھم برھم ڪري ڇڏيو آھي. جيتوڻيڪ بحران آن لائين ووٽنگ سسٽم کي متعارف ڪرائڻ جو موقعو ثابت ٿي سگھي ٿو پر ھن سان ھيڪنگ جو خطرو به درپيش ٿي سگھي ٿو.نگراني جا نوان طريقا استعمال ھيٺ آھن. ڏکڻ ڪوريا ۽ اسرائيل سمارٽ فون جي مقام جي ڊيٽا استعمال ڪري رھيا آھن. ھانگ ڪانگ ۾، نون ايندڙ فردن لاءِ ٽريڪنگ ڪلائي بينڊس پائڻ ضروري آھي. ان سان رازداري متاثر ٿي سگھي ٿي.شفافيت کان سواءِ عملي جامو پھرائڻ انساني حقن لاء ھاڃيڪار عمل ٿي سگھي ٿو. چين، ڏکڻ ڪوريا ۽ تائيوان لوڪيشن ٽريڪنگ جو استعمال ڪيو جڏھن ته جرمني ۽ اٽلي عوامي جگھن جي نشاندھي ڪرڻ جي لاءِ نامعلوم مقام جي ڊيٽا جو استعمال ڪيو آھي جتي ماڻھو لاڪ ڊائون جي قانون جي ڀڃڪڙي ڪن ٿا.

چين قرنطينا سھولتون ماڻڻ واري مقصد کي مدنظر رکندي روبوٽس جو استعمال ڪندو ھو. سنگاپور ۾ روبوٽس کان اسپتالون صاف ڪرڻ جو ڪم ورتو وڃي ٿو. چين ۾، پوليس ماڻھن جي مجموعن کي منتشر ڪرڻ لاءِ لوڊ اسپيڪر ۽ ڪيميرا وارا ڊرونز ۽ اي آئي سي سان ھلڻ وارن ٿرمل ڪيميرائن جو استعمال ڪيو.ھن بحران مختلف وقتن ۽ موقعن تي  حڪمراني جي ڪمزورين کي بينقاب ڪيو آھي. ڪيترن ئي ملڪن  ھن معاملي تي بحث کي وڌائيندي منتقلي جي برخلاف وڌيڪ مرڪزيت جي چونڊ ڪئي.بيمارين جي پکيڙ سان غير رياستي اداڪارن کي موقعا مليا آھن. سيرالون ۾، ايبولا جي ڦھلاءَ دواران، مقامي سردارن ان جي روڪٿام ۾ اھم ڪردار ادا ڪندي پاڻ ملھايو. افغان طالبان پنھنجي صحت ڪميشن جي توسط سان غير ملڪي صحت تنظيمن کي يقين ڏياريو ته اھي ڪورونا سان منھن ڏيڻ ۽ نمٽڻ ۾ انھن سان ڀرپور سھڪار ۽ تعاون ڪندا.

لبنان ۾ ان وائرس سان جنگ جوٽڻ لاء، حزب الله پنجويھه ھزار رضاڪارن کي منظم ڪيو.ابتدا ۾، اين ايس ايز مدد ۾ ھٿ ونڊائين ٿا ۽ ھمدردي حاصل ڪن ٿا. اين ايس اي ھڪ اھڙي سادي داستان جي چونڊ ڪري ٿو ۽ معاشرن ۾ اھڙن  واقعن کي خدائي قھر طور گفتگو ھيٺ آڻڻ جتي سماجي برايون حاوي ھجن. اين ايس اي ماڻھن کي پنھنجي صفحن ۾ شامل ڪري ان تي عمل پيرا ٿئي ٿي ته جيئن ماڻھو خدا جي مرضي موجب زندگي گھارين . ان قسم جي مشق ڪرائي وڃي ٿي ۽ اثر رسوخ جي نگراني ڪئي وڃي ٿي جيڪو عمل اڻٽر آھي.بيماري جي پکيڙ دوران بدعنواني ۽ بي ايماني چوٽ تي چڙھي وڃي ٿي. طبي ساز و سامان ۽ دوائن جي بحالي بدعنواني جي بحران جو ھڪ باب آھي.يو اين ڊي او سي مطابق، عالمي سطح تي خريداري تي خرچ ٿيندڙ سمورن فنڊن مان ڏھه کان پنجويھه فيصد تائين فنڊ بدعنواني جي ور چڙھي وڃن ٿا جڏھن ته ناجائز استحڪام ۾ اضافي جا امڪان به وڌي وڃن ٿا.حڪومتن غريبن جي مدد جي لاءِ فنڊن جي فراھمي آغاز ڪري ڇڏيو آھي. بدعنواني جي حوصلا شڪني جي لاء ضروري آھي ته اھي ان عمل جي خود مختيار نگراني متعارف ڪرائڻ کي يقيني بڻائين. ھنگامي صورتحال ۾ وڌيڪ شفافيت جي ضمانت ھوندي آھي. ٽيڪنالاجي جي استعمال سان بي ضابطگين کي روڪي سگھجي ٿو.ان دوران، حڪومت جي تحفظ پسنداڻه قدمن جي ڪري، ايف اي او عالمي سطح تي خوراڪ جي کوٽ متعلق خبردار ڪيو آھي. اسان کي پنھنجي غذائي بر آمدگي پاليسي جي حوالي سان ٻيھر جائزو وٺڻ جي ضرورت آھي ۽ خيبر پختون خواھه ۽ بلوچستان کي اناج جي اسملگنگ کي روڪڻو پوندو.بيروزگاري وبائي بيماري جو فوري نتيجو آھي. رڳو آمريڪا ۾ تقريبن ٽيھه ملين ماڻھو پنھنجون نوڪريون وڃائي ويٺا آھن. اُھي ملڪ جيڪي بيروزگارن جي رڪارڊ بغير صحيح ڪاٿا، اندازا ۽ تشخيص ڪرڻ کان قاصر آھن ( تنھنڪري بي روزگارن کي ڊاڪيومينٽ ڪرڻ جو ھي موقعو آھي). پاڪستان ۾ 12.3 کان 18.5 ملين ماڻھو پنھنجي ملازمت کان محروم ٿي ويندا. فقط ٽن مھينن ۾ معيشت کي ٻه کرب روپين کان 2.5 ٽرلين ارب رپين تائين نقصان برداشت ڪرڻ جو امڪان آھي.

جيتوڻيڪ پبلڪ پروڪيوئرمينٽ رولز 2004 ايمرجنسي جي وضاحت ڪن ٿا، تنھن ھوندي به گھڻو ڪري شفافيت جي لاء نصب اوزارن ۽ مانيٽرنگ جي قدمن جي خريداري جي لاء ضابطن ۽ قانونن جي قوت ۾ نرمي ڪئي وڃي ٿي.امدادي پيڪيج مان فائدو وٺندڙ فردن جي وڌيڪ شفافيت ۽ وسيع پئماني تي تشريح بدعنواني جي حوصلا شڪني ڪندي ۽ حڪومتن جي ساک کي بھتر بڻائيندي.ٽيڪنالاجي حڪومتي وسيلن جي وھڪ جو سراغ لڳائڻ لاء مدد فراھم ڪري سگھي ٿي.

سائل قاضي