جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ گرفتار انور مجيد جي پٽ غني مجيد جي ضمانت منظور

اسلام آباد :- جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ گرفتار اومني گروپ جي سربراهه انور مجيد جي پٽ عبدالغني مجيد کي طبي بنيادن جي ضمانت ملي وئي.جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ۽ جسٽس فياض احمد جندران تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ عبدالغني مجيد جي ضمانت منظور ڪئي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 10 ڪروڙ رپين جي مچلڪن عيوض عبدالغني مجيد جي ضمانت منظور ڪئي.عدالت جو چوڻ آهي ته عبدالغني مجيد جي ضمانت طبي بنيادن تي منظور ڪئي وئي، هو اسلام آباد جي اسپتال ۾ علاج هيٺ رهندو ۽ هر پيشيءَ تي پيش ٿيندو.