جسٽس قاضي فائز کي ڪير ٿو ڌمڪيون ڏئي؟، سپريم ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس ورتو

اسلام آباد :- جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي ڪير ٿو ڌمڪيون ڏئي؟، سپريم ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس ورتو، ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر، ٻڌڻي اڄ ٿيندي. سپريم ڪورٽ پاران جاري ڪيل پڌرنامي ۾ چيو ويو آھي تھ ڌمڪي واري وڊيو ۾ اعليٰ عدليا ۽ ججن بابت توھين ۽ ڌمڪي جھڙي ٻولي استعمال ڪئي وئي، ڪيس تي ٻڌڻي اڄ ٿيندي. قاضي فائز جي گھرواري جي درخواست تي پوليس پاران ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليس جو چوڻ آھي تھ معاملو ايف آءِ اي جي سائبرڪرائم ونگ جو آھي، پوليس رپورٽ لاڳاپيل اداري کي اماڻي ويندي، سيڪريٽريٽ ٿاڻي سرينا عيسي جي درخواست روزنامچي ۾ داخل ڪري ورتي.