جسٽس قاضي فائز جي زال ايف بي آر ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو

اسلام آباد :- جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي گهرواري ٽيڪس اختيارين جي سامهون پيش ٿي وئي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي خلاف صدارتي ريفرنس تي سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ ايف بي آر جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي اسلام آباد ۾ گهر تي نوٽيس جاري ڪيو ويو هو جنهن ۾ هن جي گهرواري، ڌي ۽ پٽ کي به جوٽيس جاري ڪيا ويا هئا. ميڊيا جي رپورٽن موجب جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي گهرواري کي ايف بي آر ڪمشنر ان لينڊ روينيو ۽ انٽرنيشنل ٽيڪسز زون نوٽيس موڪليا جنهن مان لنڊن جي ملڪيتن تي وضاحت طلب ڪئي وئي هئي. ذريعن ٻڌايو ته جسٽس قاضي جي گهرواري سرينا عيسيٰ اچ ايف بي آر ۾ ٽيڪس اختيارين جي سامهون پيش ٿي ۽ هن ڪمشنر انٽرنيشنل زون کي تفصيلي لکت وارو جواب داخل ڪرايو. ذريعن جو چوڻ آهي ته گريڊ 20 جي اِن لينڊ روينيو جي آفيسر ذوالفقار احمد کي مقرري جي ذميواري ڏني وئي آهي