جسٽس فائز کي ڌمڪيون: جوابدار طرفان عدالت ۾ معافي نامو جمع

اسلام آباد :- جسٽس فائز عيسيٰ کي قتل جون ڌمڪيون ڏيندڙ جوابدار سپريم ڪورٽ ۾ غير مشروط معافي نامو جمع ڪرائي ڇڏيو. جسٽس فائز عيسيٰ کي ڌمڪيون ڏيڻ واري معاملي تي سپريم ڪورٽ جي پاڻمرادي نوٽيس ڪيس ۾ مرڪزي جوابدار علامه افتخار مرزا غير مشروط معافي نامو سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. ذريعن موجب افتخار الدين مرزا مشروط معافي نامي ۾ چيو آهي ته آئون پنهنجي پاڻ کي عدالت جي رحم و ڪرم تي ڇڏيان ٿو، مون نه ويڊيو بڻائي نه وائرل ڪئي، عدالت کي عزت جي نظر سان ڏسندو آهيان.