جرمني ۾ ناڻي واري وزير ٿامس شيفر آپگهات ڪري ڇڏيو

برلن :- جرمني ۾ ڪورنا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ معاشي حالتن کان صدمو برداشت نه ڪندي ناڻي واري وزير خودڪشي ڪري ڇڏي،  54سالن جي ناڻي واري وزير ٿامس شيفر جو ريلوي ٽريڪ وٽان مرده حالت ۾ لاش هٿ آيو، ان سلسلي ۾ وزيراعظم ويسبادن چيو آهي ته مونکي يقين آهي ته ٿامس شيفر جو موت خودڪشي سبب ٿيو آهي،هن چيو ته اسان گهري صدمي ۾ آهيون.