جرمني ۾ بند دروازن پويان ميچن تي فٽبال جا شوقين ڏمريل

برلن :- جرمني ۾ بند دروازن پويان ميچن تي فٽبال جا شوقين ڏمرجي پيا آهن، ميڊيا رپورٽ موجب هڪ راندين جي شوقن ڪولون اسٽيڊم ٻاهران هڪ صوفي رکي ڇڏيو جنهن تي هن پاران لکيو ويو آهي ته گهوسٽ ميچن جي خلاف آهيون، جڏهن ته شوقينن پاران بند دروازن پويان ڪرايل راندين خلاف مختلف جاين تي بينرز پڻ لڳايا ويا، هڪ انتها پسند شوقين جو چوڻ هو ته صرف مالي فائدي جي لاءِ ليگ کي ٻيهر شروع ڪيو ويو آهي.