جرمني ۾ اڳوڻي صدر سميت 200 سياستدانن کي قتل ڪرڻ جو منصوبو ناڪام

برلن :-  جرمني جي ڳجهي ايجنسي انڪشاف ڪيو آهي ته ملڪ ۾ نيونازيون(هڪ انتها پسند گروپ) اڳوڻي صدر سميت 200 سياستدانن کي قتل ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيوهو. نيو نازيون جي هڪ گروپ نورڊ گرويٽس طرفان منصوبه بندي ڪئي وئي جنهن ۾ گهڻا اهي ماڻهو شامل هئا جيڪي پهريان فوج يا پوليس ۾ خدمتون انجام ڏئي چڪا هئا.جرمن پارليامينٽ ۾ جيڪي دستاويز جمع ڪرايا ويا آهن ان موجب  لسٽ ۾ سوشل ڊيموڪريٽڪ پارٽي، ڪرسچين ڊيمو ڪريٽڪ الائنس، گرين پارٽي ۽ لفٽسٽ پارٽي جي ٻه سئو سياستدانن جا نالا ۽ رهائشگاهه جي ڄاڻ شامل هئي. نورڊ ڪرويٽس سياستدانن بابت مذڪوره ڄاڻ پوليس جي ڪمپيوٽرن مان چورائي هئي جن سياستدانن جا نالا لسٽ ۾ شامل آهن ان جي باري ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته هو پناهگيرن جي حق ۾ آهن. لسٽ ۾ پرڏيهي وزير، ملڪ جي اڳوڻي صدر ۽ جرمن پارليامينٽ جي اڳوڻي نائب صدر جو به نالو شامل آهي.جرمني جي قومي سلامتي جي لاءِ ڪم ڪندڙ اداري پارليامينٽ کي اهو به ٻڌايو آهي ته نازيون جي هن گروپ اهڙن 25 هزارن ماڻهن جي لسٽ به تيار ڪري رکي آهي جيڪي پناهگيرن جي مدد ڪندا آهن. ڳجهي ايجنسي جي ڄاڻ ۾ مذڪوره معاملو ان وقت آيو جڏهن هڪ وڪيل 2 هفتا پهرين عدالت ۾ درخواست ڏني ته نيونازيون جي هڪ گروپ لاش پيڪ ڪرڻ لاءِ 200 بيگز تيار ڪرڻ جو آرڊر ڏنو آهي ۽ حڪومت کي هن معاملي جي جاچ ڪرائڻ گهرجي.مقامي ادارن وٽ ان باري ۾ پهريان ڄاڻ هئي ته نورڊ ڪرويٽس نالي گروپ 2017 کان وڏي دهشتگردي جو منصوبو ٺاهي رهيا آهن ۽ ان جا 3 اهم ميمبر به پوليس گرفتار ڪري ورتا آهن جن مٿان سرڪاري هٿيار چورائڻ جو الزام آهي.