جج ارشد ملڪ ويڊيو اسڪينڊل: جوابدار طارق محمود جي ضمانت منظور

اسلام آباد :- اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جج ارشد ملڪ ويڊيو اسڪينڊل ڪيس ۾ جوابدار طارق محمود جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور ڪري ورتي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس عامر فاروق تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي ڪئي جتي وفاقي جاچ اداري جا جاچ آفيسر به پيش ٿيا. جسٽس عامر فاروق ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر کان ويڊيو اسڪينڊل جي ڪردارن جي حوالي سان پڇاڻو ڪيو ته ڪنهن بليڪ ميلنگ ڪئي ۽ ڪنهن ڪنهن کي بليڪ ميل ڪيو. عدالت پڇيو ته ڇا ترديد نه ڪرڻ جوڳا ثبوت آهن ته طارق محمود جج کي بليڪ ميل ڪيو جنهن تي ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر چيو ته ارشد ملڪ جي ملازمن بيان ڏنو ته طارق محمدو جج کي ويڊيو جي ذريعي بليڪ ميل ڪيو. ايف آءِ اي جي موقف تي عدالت سوال ڪيو ته ارشد ملڪ پنهنجي بيان ۾ ڇا چيو جو اِهو بليڪ ميلنگ ٿيو. چيف جسٽس اطهر من الله جو چوڻ هو ته ڇا جج بليڪ ميل ٿي ويو ۽ طارق محمود کي ڪيتري عرصي کان جيل ۾ رکيل آهي، جنهن تي ايف آءِ اي جي آفيسر چيو ته طارق محمود 10 مهينن کان اڊيالا جيل ۾ آهي. جسٽس عامر فاروق جو چوڻ هو ته جوابدار جج کي بليڪ ميل ڪيو ته ثبوت ڪٿي آهن، توهان جي رپورٽ ۾ اهڙو ڪجهه ناهي، توهان کي ٽرائل ۾ ثبوت پيش ڪرڻ آهن ته اُهي ئي ثبوت عدالت کي ڏيکاريو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جاچ آفيسر جو موقف ٻڌڻ ۽ وڪيلن جا دليل مڪمل ٿيڻ تي ضمانت واري درخواست جو فيصلو ٻڌائيندي جوابدار طارق محمود جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور ڪري ورتي ۽ هڪ لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي.