cpm homework help cca 7.1.4 buy ready thesis connect accounting homework help d day landings primary homework help online creative writing course singapore paid search cover letter do your homework tlumaczenie creative writing dark forest essay help for college application primary homework help nile space description creative writing cima case study exam price

جتي عدالتن جو احترام ختم ٿي وڃي اُتي خوني انقلاب ايندو آهي، مظلوم ۽ بي پهچ ماڻهن کي فوري انصاف ڏيڻو پوندو: چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ

لاهور := لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس قاسم خان چيو آهي جتي عدالتن جو احترام ختم ٿي وڃي اتي خوني انقلاب ايندو آهي، هاءِ ڪورٽ بار راولپنڊي طرفان جسٽس طارق عباسي ۽ جسٽس مشتاق جي اعزاز ۾ الوداعي تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ جسٽس محمد قاسم خان جو چوڻ هو ته مظلوم ۽ بي پهچ ماڻهن کي فوري انصاف ڏيڻو پوندو، وقت بدلجي چڪو آهي، هاڻي تعليم يافته ۽ معاشي طور تي مضبوط ماڻهو انصاف جي لاءِ عدالتن جو رخ ڪري رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو آهي ته ڪيسز ۾ هرو ڀرو تاريخ ڏيڻ کان پاسو ڪيو وڃي، ريڊر جي ذريعي اکيون بند ڪري ڏيڍ يا ٻه مهينا تاريخ نه ڏني وڃي، جيڪو جج پنهنجي ذميواري صحيح ادا ڪندي نظر نه آيو ته ان جي خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪنداسين.